Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 4:1 - Common Language New Testament

1 اي مالڪؤ! پنھنجن غلامن سان عدل ۽ انصاف جي ھلت ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اوھان جو بہ ھڪڙو مالڪ آھي جيڪو آسمان ۾ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 اي مالڪو، پنهنجن نوڪرن سان عدل ۽ انصاف جي هلت ڪريو ۽ ياد رکو تہ اوهان جو بہ هڪڙو ڌڻي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 اي مالڪؤ! پنهنجن غلامن سان اهو ڄاڻيندي حق ۽ انصاف وارو سلوڪ ڪريو تہ اوهان جو بہ هڪڙو مالڪ آهي جيڪو آڪاش تي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اي مالڪؤ! پنهنجن غلامن سان اهو ڄاڻيندي عدل وَ انصاف وارو سلوڪ ڪريو تہ اوهان جو بہ هڪڙو مالڪ آهي جيڪو آسمان تي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 4:1
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن کي چيائين تہ ’اوھين بہ انگورن جي باغ ۾ وڃي ڪم ڪريو ۽ جيڪو حق ھوندو سو آءٌ اوھان کي ڏيندس،‘


جڏھن ھو بادشاھت جو اختيار وٺي موٽي آيو تہ حڪم ڏنائين تہ ’انھن نوڪرن کي مون وٽ وٺي اچو، جن کي آءٌ پيسا ڏيئي ويو ھوس، ڏسان تہ واپار ڪري ڪيترو ڪمايو اٿن.‘


ڇالاءِ⁠جو جنھن پاڻ رحم نہ ڪيو آھي، تنھن جو انصاف بي⁠رحميءَ سان ٿيندو. پر رحم انصاف تي غالب ٿو پوي.


ڏسو، جن مزورن اوھان جي ٻنين ۾ لابارو ڪيو، تن جي مزوري جيڪا اوھان ٺڳي ڪري رکي ڇڏي آھي، سا رڙيون پيئي ڪري. لاباري ڪرڻ وارن جون دانھون قدرت واري خداوند جي ڪنن تائين وڃي پھتيون آھن.


اُھي گھيٽي سان جنگ ڪندا، پر گھيٽو مٿن غالب پوندو، ڇالاءِ⁠جو ھو خداوندن جو خداوند ۽ بادشاھن جو بادشاھہ آھي ۽ جيڪي ھن جا سڏيل، چونڊيل ۽ وفادار آھن سي بہ مٿن غالب پوندا.“


ھن جي پوشاڪ تي ۽ سندس ران تي ھي نالو لکيل آھي تہ ”بادشاھن جو بادشاھہ ۽ خداوندن جو خداوند.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ