Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 3:16 - Common Language New Testament

16 مسيح جي ڪلام کي پاڻ ۾ جھجھي انداز ۾ رھڻ ڏيو ۽ پوريءَ سياڻپ سان ھڪ ٻئي کي تعليم ڏيو ۽ نصيحت ڪريو. ان سان گڏ دل سان خدا جي شڪرگذاري ڪندي زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ڀلي تہ مسيح جو ڪلام هر قسم جي دانائي سميت اوهان ۾ ججهو ئي رهي. هڪٻئي کي تعليم ڏيو ۽ نصيحت ڪريو، ۽ فضل سان ڀرپور ٿي پنهنجين دلين ۾ خدا جي لاءِ زبور ۽ گيت ۽ ديني راڳ ڳايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 مسيح بابت سنديش کي پوريءَ طرح پاڻ ۾ رهڻ ڏيو ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هڪٻئي کي سکيا ڏيندا ۽ نصيحت ڪندا رهو. ان سان گڏ دل سان ايشور جي شڪرگذاري ڪندي زبور، ڀڄن ۽ آتمڪ گيت ڳائيندا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 مسيح بابت پيغام کي پوريءَ طرح پاڻ ۾ رهڻ ڏيو ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هڪٻئي کي تعليم ڏيندا ۽ نصيحت ڪندا رهو. ان سان گڏ دل سان خدا جي شڪرگذاري ڪندي زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳائيندا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 3:16
62 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ انھن زبور پڙھيو ۽ زيتون جي ٽڪر ڏانھن ھليا ويا.


پوءِ عيسيٰ انھن سان گڏجي ناصرت ۾ آيو، جتي ھو انھن جو فرمانبردار ٿي رھيو. ھن جي ماءُ ھي سڀ ڳالھيون پنھنجي دل ۾ سانڍي رکيون.


جيڪڏھن اوھين مون ۾ رھو ۽ منھنجون ڳالھيون اوھان ۾ رھن تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گھرو، اوھان کي اھو ملندو.


اھڙيءَ طرح ايمان پيغام ٻڌڻ سان اچي ٿو ۽ اھو پيغام آھي مسيح جو ڪلام.


اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! مون کي پڪ آھي تہ اوھين نيڪيءَ سان ڀريل آھيو، علم سان ڀرپور آھيو ۽ ھڪ ٻئي کي نصيحت ڪري سگھو ٿا.


تڏھن آءٌ ڇا ڪندس؟ آءٌ روح سان بہ دعا گھرندس ۽ عقل سان بہ. آءٌ روح سان بہ ڳائيندس ۽ عقل سان بہ.


تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آخر ڇا ڪجي؟ جڏھن اوھين گڏ ٿيو تڏھن ڪو گيت ڳائي، ڪو تعليم ڏئي، ڪو خدا جو ظاھر ڪيل پيغام ٻڌائي، ڪو عجيب ٻولي ڳالھائي ۽ ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر سڀ ڳالھيون ڪليسيا جي سڌاري لاءِ ھجڻ گھرجن.


آءٌ خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا، جيڪو جلال ڀريو پيءُ آھي تنھن کان دعا گھرندو آھيان تہ ھو اوھان کي دانائيءَ وارو روح عطا ڪري جيڪو خدا کي اوھان تي ظاھر ڪري تہ جيئن اوھين ھن کي پوريءَ طرح سڃاڻو.


تنھنڪري بي⁠وقوف نہ ٿيو، پر سمجھو تہ خداوند جي مرضي ڪھڙي آھي.


اوھين پاڻ ۾ زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳايو ۽ پنھنجي دل سان خداوند جي ساراھہ ۾ ڳايو وڄايو.


ھن انھيءَ ڪري ائين ڪيو تہ جيئن ڪليسيا کي پاڪ ڪلام جي وسيلي ۽ پاڻيءَ سان غسل ڪرائي صاف ڪري پاڪ بڻائي.


اسين ھن جي ئي منادي ٿا ڪريون ۽ پوريءَ ڏاھپ سان ھر ڪنھن کي نصيحت ڪريون ۽ سيکاريون ٿا، تہ جيئن ھرھڪ کي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ڪامل بڻائي پيش ڪريون.


انھيءَ ڪري جنھن ڏينھن کان وٺي اسان اوھان جي باري ۾ ٻڌو آھي، اوھان لاءِ خدا کان دعا گھرڻ ۽ ھي عرض ڪرڻ کان بس نہ ٿا ڪريون تہ شل ھو سموري روحاني سياڻپ ۽ سمجھہ وسيلي اوھان کي پنھنجي مرضيءَ جي سڃاڻپ سان ڀري ڇڏي.


اوھان جي ڳالھہ ٻولھہ ھميشہ فضيلت واري ۽ سلوڻي ھئڻ کپي، تہ جيئن اوھان کي خبر پوي تہ ھرھڪ کي ڪيئن مناسب جواب ڏجي.


اوھان کان نہ رڳو مڪدونيا ۽ اخيا ۾ خداوند جو پيغام ڦھليو آھي، بلڪ اوھان جو ايمان، جيڪو خدا تي آھي سو ھر ھنڌ مشھور ٿي ويو آھي. تنھنڪري انھيءَ بابت اسان کي ڪجھہ بہ چوڻ جي ضرورت ڪانھي.


تنھنڪري اوھين انھن ڳالھين سان ھڪ ٻئي کي ھمتائيندا رھو.


تنھن ھوندي بہ ھن کي دشمن نہ سمجھو، بلڪ ايمان وارو سمجھي کيس تنبيھہ ڪريو.


جيڪي ھن موجودہ دنيا ۾ دولتمند آھن، تن کي حڪم ڏي تہ مغرور نہ ٿين ۽ بي⁠بقا دولت تي نہ، بلڪ انھيءَ خدا تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون.


تون ننڍپڻ کان انھن پاڪ لکتن کان واقف آھين، جيڪي تو کي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ دانائي بخشي ٿيون سگھن.


اھو روح اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جھجھي انداز ۾ اسان تي اوتيو.


جيڪڏھن اوھان مان ڪنھن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آھي تہ اھو خدا کان گھري. ھو کيس ڏيندو، ڇالاءِ⁠جو خدا سڀني کي بي⁠انداز ٿو ڏئي ۽ طعنا نہ ٿو ھڻي.


پر جيڪا ڏاھپ آسمان کان ٿي اچي، سا پھريائين تہ پاڪ آھي، پوءِ صلح پسند، حليم ۽ تابعدار ھئڻ سان گڏ رحم ۽ ھر قسم جي چڱي ڦل سان ڀريل آھي. منجھس نہ طرفداري آھي ۽ نہ دوکو.


ڇا اوھان مان ڪو ماڻھو تڪليف ۾ آھي؟ انھيءَ کي دعا گھرڻ کپي. ڇا ڪو خوش آھي؟ انھيءَ کي تعريف جا گيت ڳائڻ گھرجن.


اي پيارا ٻارؤ! مون اوھان ڏانھن انھيءَ ڪري لکيو آھي، جو اوھان پيءُ کي سڃاتو آھي. اي پوڙھؤ! مون اوھان ڏانھن انھيءَ ڪري لکيو آھي، جو اوھان انھيءَ کي سڃاتو آھي، جيڪو شروعات کان وٺي آھي. اي نوجوانو! مون اوھان ڏانھن انھيءَ ڪري لکيو آھي، جو اوھين مضبوط آھيو ۽ خدا جو ڪلام اوھان ۾ رھي ٿو ۽ اوھين شيطان تي فتحياب ٿيا آھيو.


جيڪو ڪجھہ اوھان کي شروع ۾ ٻڌايو ويو آھي، سو اوھان جي دلين ۾ رھڻ گھرجي. جيڪڏھن اھو اوھان کي ياد رھيو تہ اوھين بہ پيءُ ۽ سندس فرزند ٻنھي سان گڏجي ھڪ ٿي ويندا.


پر اوھان ۾ تہ مسيح پاڪ روح وڌو آھي، جيڪو اوھان ۾ رھي ٿو ۽ اوھان کي انھيءَ ڳالھہ جي ضرورت ڪانھي تہ ڪو اوھان کي سيکاري. پر ھن جو پاڪ روح اوھان کي سڀني ڳالھين بابت سيکاري ٿو. اھو سچو آھي ۽ ڪوڙو ڪونھي. جيئن ھن اوھان کي سيکاريو آھي، تيئن اوھين مسيح ۾ قائم رھندا اچو.


ڇاڪاڻ⁠تہ سچ اسان ۾ رھي ٿو ۽ ھميشہ اسان سان گڏ رھندو.


اُھي چئني ساھوارن، بزرگن ۽ تخت جي اڳيان ھڪ نئون گيت ڳائي رھيا ھئا ۽ رڳو اُھي ھڪ لک چوئيتاليھہ ھزار ماڻھو ئي اھو گيت سکي سگھيا، جيڪي دنيا مان خريد ڪيا ويا ھئا.


اُھي خدا جي ٻانھي موسيٰ جو راڳ ۽ گھيٽي جو راڳ ڳائي رھيا ھئا ۽ چون پيا تہ ”اي خداوند خدا، قادرِمطلق! تنھنجا ڪم وڏا ۽ عجيب آھن. اي قومن جا بادشاھہ! تنھنجون واٽون سڌيون ۽ سچيون آھن.


آءٌ کيس سجدو ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر ھُن مون کي چيو تہ ”ڏس، متان ائين ڪرين، آءٌ تہ تو سان ۽ تنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آھيان ۽ اسين سڀ عيسيٰ جي شاھديءَ تي قائم آھيون. رڳو خدا کي ئي سجدو ڪر، ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ جي شاھدي ئي نبوت جو روح آھي.“


پوءِ اُھي ھڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اھو ڪتاب وٺڻ ۽ ان جي مُھرن ٽوڙڻ جي لائق آھين. ڇالاءِ⁠جو تون ڪُٺو ويو ھئين، ۽ سڀ ڪنھن قبيلي، ٻوليءَ، امت ۽ قوم منجھان، ماڻھن کي تو پنھنجي رت سان خدا جي لاءِ خريد ڪيو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ