Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 2:23 - Common Language New Testament

23 اھڙا قانون حقيقت ۾ پنھنجي ٺاھيل عبادت، ڪُوڙي نِوڙت ۽ بدن کي سختي ڏيڻ جي رستي سياڻپ جو رڳو ڏيک رکن ٿا، پر جسماني خواھشن کي روڪڻ لاءِ اھي ڪنھن بہ ڪم جا نہ آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 انهن سڀني ڳالهين ۾، حقيقت ڪري، مرضيءَ موجب عبادت، ۽ نماڻائي ۽ بدن جي رياضت جي رستي، ڏاهپ جو رڳو ڏيک آهي، پر جسماني خواهش جي روڪڻ ۾ اهي ڪنهن بہ ڪم جون نہ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 اهڙا هٿرادو ٺاهيل قاعدا قانون ڀڳتي، نِوڙت ۽ شرير کي سختي ڏيڻ جي لحاظ کان ڏاهپ جو ڏيک تہ رکن ٿا، پر حقيقت ۾ شريري خواهشن کي روڪڻ لاءِ اهي ڪنهن بہ ڪم جا نہ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 اهڙا هٿرادو ٺاهيل قاعدا قانون عبادت، نِوڙت ۽ بدن کي سختي ڏيڻ جي لحاظ کان ڏاهپ جو ڏيک تہ رکن ٿا، پر حقيقت ۾ جسماني خواهشن کي روڪڻ لاءِ اهي ڪنهن بہ ڪم جا نہ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 2:23
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر خداوند عيسيٰ مسيح کي پوشاڪ وانگر ڍڪيو ۽ جسماني خواھشن جي پورائيءَ لاءِ خيال نہ پچايو.


مطلب تہ ڪوبہ ماڻھو ڪڏھن بہ پنھنجي جسم سان نفرت نہ ٿو ڪري، اٽلندو انھيءَ کي کارائي پيئاري ٿو ۽ انھيءَ جي پالنا ڪري ٿو، جھڙيءَ طرح مسيح ڪليسيا کي سنڀالي ٿو.


ائين نہ ٿئي جو ڪو ماڻھو ڪُوڙي نِوڙت ڪري ۽ ملائڪن جي عبادت ڪرڻ کي پسند ڪري اوھان کي انعام کٽڻ کان محروم رکي. اھڙو ماڻھو ڏٺل شين ۾ محو ٿي پنھنجي جسماني عقل تي اجايو ڦونڊجي ٿو.


اھي سڀ شيون ڪم آڻڻ سان ناس ٿي وڃن ٿيون ۽ اھڙي قسم جا حڪم ۽ اھڙي تعليم انسانن جي ٺاھيل آھي.


خبردار رھجو، متان ڪو ماڻھو انھيءَ اجائي ۽ گمراھہ ڪندڙ فيلسوفيءَ سان اوھان کي شڪار ڪري نہ وٺي، جيڪا ماڻھن جي روايتن ۽ ھن دنيا جي ابتدائي اصولن موجب آھي نہ مسيح موجب.


اھڙا ماڻھو شادي ڪرڻ کان منع ٿا ڪن ۽ ڪن کاڌن کائڻ کان پرھيز ڪرڻ جو حڪم ٿا ڏين. پر خدا اھي کاڌا انھيءَ لاءِ پيدا ڪيا آھن تہ جيڪي ماڻھو ايمان آڻين ٿا ۽ سچ کي سڃاڻين ٿا سي انھن کي شڪرگذاريءَ سان کائين.


ڇالاءِ⁠جو جسماني ورزش مان ڪو ٿورو فائدو آھي، پر دينداري سڀني ڳالھين لاءِ فائدي واري آھي. انھيءَ ڪري جو ھاڻوڪي ۽ آئيندہ زندگيءَ جو واعدو بہ انھيءَ جي ڪري ٿيل آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ