Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 2:16 - Common Language New Testament

16 تنھنڪري ڪوبہ ماڻھو کاڌي پيتي، عيد، نئين چنڊ يا سبت جي ڏينھن جي رسمن بابت اوھان تي تھمت نہ ھڻي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 تنهنڪري ڪوبہ ماڻهو کاڌي پيتي بابت، يا ڪنهن عيد يا نئين چنڊ يا سبت جي نسبت ۾ اوهان تي الزام نہ آڻي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 تنهنڪري ڪنهن کي بہ اها اختياري هلائڻ نہ ڏيو جو کاڌي پيتي، تهوار، نئين چنڊ يا سبت جي ڏينهن جي رسمن تي عمل نہ ڪرڻ ڪري اوهان کي ڪو ڏوهاري قرار ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تنهنڪري ڪنهن کي بہ اها اختياري هلائڻ نہ ڏيو جو کاڌي پيتي، عيد، نئين چنڊ يا سبت جي ڏينهن جي رسمن تي عمل نہ ڪرڻ ڪري اوهان کي ڪو ڏوهاري قرار ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 2:16
42 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ جيڪابہ شيءِ وات مان اندر ٿي وڃي سا ماڻھوءَ کي پليت نہ ٿي ڪري. پر جيڪا شيءِ وات مان نڪري ٿي سا ئي ماڻھوءَ کي پليت ڪري ٿي.“


ڇالاءِ⁠جو اھو انسان جي دل ۾ نہ ٿو وڃي پر انسان جي پيٽ ۾ ٿو وڃي ۽ اتان آخرڪار ٻاھر نڪريو وڃي.“ ائين چئي عيسيٰ کائڻ جي سڀني شين کي حلال سڏيو.


پر انھيءَ جي بجاءِ اسين کين لکي موڪليون تہ جيڪي شيون بتن تي چاڙھيون ويون آھن سي ھو نہ کائين، نڪي زنا ڪن ۽ نہ وري گھُٽي ماريل جانور ۽ رت ئي کائين.


تہ پوءِ تون پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ تي تھمت ڇو ٿو ھڻين؟ يا وري پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ کي گھٽ ڇو ٿو سمجھين؟ ڇالاءِ⁠جو اسين سڀ خدا جي آڏو حاضر ٿينداسين ۽ اھو ئي فيصلو ڪندو.


اوھين خاص ڏينھن، مھينن، وقتن ۽ سالن کي مڃيندا ٿا رھو.


جڏھن اوھين مسيح سان گڏ ھن دنيا جي ابتدائي اصولن بنسبت مري ويا آھيو، تہ پوءِ ڇو اھڙي زندگي ٿا گذاريو جو ڄڻ تہ اوھين ھن دنيا جا آھيو؟ ڇو اھڙن قاعدن جي تابعداري ٿا ڪريو جيڪي چون ٿا تہ


جدا جدا قسمن جي عجيب تعليم تي لڳي گمراھہ نہ ٿيو. ڇالاءِ⁠جو اوھان جي لاءِ اھو چڱو آھي تہ دلين کي فضل جي وسيلي پختو رکو، نڪي انھن رسمي کاڌن جي وسيلي، جن مان انھن جي کائڻ وارن کي ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿيو.


ڇالاءِ⁠جو اھي رڳو کائڻ پيئڻ ۽ مختلف طريقن سان پاڪ صاف ٿيڻ جون رسمون آھن ۽ اھڙا ظاھري قانون آھن جيڪي نئين سڌاري جي وقت تائين مقرر ڪيا ويا ھئا.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ھڪ ٻئي جي عيب⁠جوئي نہ ڪريو. جيڪو پنھنجي ڀاءُ جي خلاف ٿو ڳالھائي، يا مٿس ڪا تھمت ٿو ھڻي، سو شريعت جي خلاف ٿو ڳالھائي ۽ ان تي تھمت ٿو ھڻي. ھاڻي جڏھن تون شريعت تي تھمت ٿو ھڻين تڏھن تون شريعت تي عمل ڪرڻ وارو نہ، بلڪ انھيءَ مٿان عدالت ڪرڻ وارو بڻجي ويٺو آھين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ