Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 1:12 - Common Language New Testament

12 خدا پيءُ جا شڪرانا ڪندا رھو، جنھن اوھان کي روشنيءَ واري بادشاھت ۾ پنھنجي قوم سان گڏ ورثي جا حصيدار ٿيڻ جي لائق ڪيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ پيءُ جا شڪرانا ڪندا رهو، جنهن اسان کي انهي لائق ڪيو تہ روشنيءَ ۾ پاڪ ٿيلن سان گڏ ورثي جا حصيدار ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 ايشور پتا جو شڪر ادا ڪندا، جنهن اوهان کي روشنيءَ واري راڄ ۾ انهيءَ ورثي جا حصيدار ٿيڻ جي لائق ڪيو آهي، جيڪو هن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ مقرر ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 خدا پيءُ جا شڪرانا بجا آڻيندا، جنهن اوهان کي روشنيءَ واري بادشاهيءَ ۾ انهيءَ ورثي جا حصيدار ٿيڻ جي لائق ڪيو آهي، جيڪو هن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ مقرر ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 1:12
50 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بادشاھہ پنھ نجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوھين، جيڪي منھنجي پيءُ جي طرفان سڀاڳا آھيو، اچو ۽ بادشاھي وٺو، جيڪا اوھان جي لاءِ دنيا جي خلقڻ کان وٺي تيار ڪئي ويئي آھي.


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آھيان. منھنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پھچي نہ ٿو سگھي.


عيسيٰ کيس چيو تہ ”مون کي ھٿ نہ لاءِ، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ اڃا پيءُ وٽ مٿي موٽي نہ ويو آھيان. پر تون منھنجي ڀائرن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ آءٌ مٿي موٽي وڃان ٿو پنھنجي پيءُ ۽ اوھان جي پيءُ ڏانھن، پنھنجي خدا ۽ اوھان جي خدا ڏانھن.“


پر اھا گھڙي اچي رھي آھي، بلڪ ھاڻي اچي پھتي آھي، جڏھن سچا عبادت ڪندڙ روح ۽ سچائيءَ سان پيءُ جي عبادت ڪندا ۽ پيءُ بہ اھڙن عبادت ڪندڙن کي چاھي ٿو.


ھاڻي آءٌ اوھان کي خدا ۽ سندس انھيءَ فضل واري ڪلام جي حوالي ٿو ڪريان، جنھن کي قدرت آھي تہ اوھان کي قائم ڪري ۽ اوھان سان گڏ خدا جي سڀني چونڊيلن کي برڪتون عطا ڪري.


تو کي انھن جون اکيون کولڻيون آھن. انھن کي اونداھيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آھي. کين شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري خدا ڏانھن موڙڻو آھي، تہ جيئن اھي مون تي ايمان آڻين ۽ گناھن جي معافي ملين ۽ ھو خدا جي پنھنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


پوکيل زيتون جون ڪي ٽاريون ڀڄي پيون ۽ اوھين غير قوم ھڪ جھنگلي زيتون جي ٽارين وانگر ساڻس پيوند ڪيا ويا، ھاڻي اوھين ان ساڳئي پوکيل زيتون جي پاڙ مان سڻڀي رس حاصل ڪريو ٿا.


انھن پاڻ اھو فيصلو ڪيو آھي. پر حقيقت ۾ بہ مٿن اھو فرض ھو، ڇالاءِ⁠جو يروشلم جي ايمان وارن، غير قومن کي پنھنجي روحاني برڪتن ۾ ڀائيوار ڪيو ھو. سو غير قومن تي واجب آھي تہ ھو پنھنجن مالي برڪتن سان انھن جي مدد ڪن.


جيڪڏھن اسين ھن جا ٻار آھيون تہ وارث بہ آھيون، يعني خدا جا وارث ۽ مسيح سان ورثي ۾ شريڪ آھيون، بشرطيڪ ھن سان ڏکن ۾ شريڪ ٿيون تہ پوءِ ساڻس گڏ جلوي ۾ بہ شريڪ ٿينداسون.


خدا اھو ڪم ھن لاءِ ڪيو تہ جيڪي رحم جا ٿانوَ سندس جلوي جي لاءِ اڳي ئي تيار ڪيا ويا آھن، تن تي ھو پنھنجي جلوي جي نعمت نازل ڪري،


تنھن ھوندي بہ اسان جي لاءِ تہ ھڪڙو ئي خدا آھي يعني پيءُ، جنھن سڀ شيون پيدا ڪيون آھن ۽ اسين بہ انھيءَ جي لاءِ زندہ آھيون. اسان جو خداوند بہ ھڪڙو ئي آھي يعني عيسيٰ مسيح، جنھن جي وسيلي سڀ شيون موجود آھن ۽ اسين بہ انھيءَ جي وسيلي زندہ آھيون.


اھو سڀ ڪجھہ آءٌ خوشخبريءَ جي خاطر ٿو ڪريان تہ جيئن انھيءَ جي بخشش ۾ حصيدار ٿيان.


انھيءَ ۾ ڪوبہ عجب ڪونھي، ڇالاءِ⁠جو شيطان بہ ويس مٽائي پنھنجو پاڻ کي ھڪ نوراني ملائڪ جھڙو بڻائي ٿو.


اھو خدا ئي آھي، جنھن اسان کي انھيءَ تبديليءَ لاءِ تيار ڪيو آھي ۽ اڳواٽ ئي پاڪ روح ڏنو آھي.


اسين بہ جيڪي اڳي ئي مقرر ڪيا ويا ھئاسين، سي مسيح سان گڏجي ھڪ ھئڻ ڪري خدا جا ماڻھو ڪري چونڊيا وياسين. اھو خدا جي ارادي موافق ٿيو جيڪو سڀ ڪجھہ پنھنجي مرضيءَ جي مصلحت موجب ڪري ٿو.


آءٌ ھيءَ بہ دعا گھرندو آھيان تہ اوھان جون روحاني اکيون روشن ٿين، تہ جيئن اوھان کي خبر پوي تہ ھن ڪھڙي اميد رکڻ لاءِ اوھان کي سڏيو آھي. سندس جلال ڀري ميراث، جيڪا ھن پنھنجي قوم لاءِ رکي آھي سا ڪيڏي نہ وڏي دولت آھي،


ڇالاءِ⁠جو مسيح جي وسيلي اسان ٻنھي يعني يھودين ۽ غير يھودين کي ھڪڙي ئي پاڪ روح جي ڪري پيءُ تائين پھچ حاصل ٿي آھي.


اھو راز ھي آھي تہ غير قومون عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري خوشخبريءَ جي وسيلي يھودين سان گڏ خدا جي ميراث ۾ شريڪ آھن، ھڪ ئي بدن جا عضوا آھن ۽ خدا جي واعدي ۾ حصيدار آھن.


سڀني جو خدا ۽ پيءُ ھڪڙو ئي آھي جيڪو سڀني جي مٿان آھي، سڀني جي وسيلي ڪم ڪري ٿو ۽ سڀني ۾ رھي ٿو.


اونداھيءَ جي اجاين ڪمن سان ڪو واسطو نہ رکو، پر اٽلندو انھن کي پڌرو ڪريو.


ھميشہ سڀني ڳالھين ۾ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي، خدا پيءُ جا شڪرانا بجاءِ آڻيندا رھو.


بي⁠شرمي، اجائي بڪ بڪ ۽ گندي چرچي بازي نہ ھئڻ کپي. اھي نالائقيءَ جھڙيون ڳالھيون آھن، پر اٽلندو شڪرگذاري ڪرڻ کپي.


ڇالاءِ⁠جو اڳي اوھين اوندھہ مثل ھئا، پر ھاڻي اوھين خداوند جا ماڻھو ھئڻ ڪري روشنيءَ مثل آھيو. سو اوھان کي انھن ماڻھن وانگر زندگي گذارڻ گھرجي جيڪي روشنيءَ وارا آھن.


اھو آءٌ ھن ڪري ٿو ڪريان تہ سندن دلين ۾ ھمت پيدا ٿئي ۽ اھي محبت سان پاڻ ۾ ھڪ ٿي رھن ۽ پوري سمجھہ جي ڀرپور دولت حاصل ڪن، تہ من خدا جي راز، يعني مسيح کان واقف ٿين.


مسيح جو اطمينان، جنھن لاءِ اوھين ھڪ بدن ڪري سڏيا ويا آھيو، سو شل اوھان جي دلين تي حڪومت ڪري ۽ اوھين شڪرگذار رھو.


اوھين جيڪي⁠بہ ڪريو، چوڻ يا ڪم ڪرڻ، سو سڀ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ڪريو ۽ سندس ئي وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا بجاءِ آڻيو.


ھن اسان جي خاطر پنھنجي جان ڏيئي ڇڏي، انھيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي ھر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنھنجي لاءِ ھڪ اھڙي خاص امت بڻائي، جيڪا نيڪ ڪمن ڪرڻ ۾ سرگرم ھجي.


اوھين انھن پھريتن جي جماعت، يعني ڪليسيا ۾ آيا آھيو، جن جا نالا آسمان ۾ لکيل آھن. اوھين سڀني جي منصف خدا وٽ ۽ ڪامل ڪيل سچارن جي روحن وٽ آيا آھيو.


تنھنڪري اي پاڪ ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آھيو، اوھين انھيءَ رسول ۽ وڏي سردار ڪاھن عيسيٰ تي غور ڪريو، جنھن کي اسين مڃون ٿا.


ڇالاءِ⁠جو اسين مسيح سان شريڪ ٿيا آھيون، بشرطيڪ اسين پنھنجي شروع واري يقين تي پڇاڙيءَ تائين مضبوطيءَ سان قائم رھون.


جنھن زبان سان اسين خداوند ۽ پيءُ جي واکاڻ ٿا ڪريون تنھن سان ئي ماڻھن کي پاراتو ٿا ڏيون، جيڪي خدا جي صورت تي پيدا ٿيل آھن.


اوھان ۾ جيڪي بزرگ آھن تن کي آءٌ، جيڪو انھن بزرگن مان ھڪڙو مسيح جي ڏکن جو شاھد ۽ سندس جيڪو جلال ظاھر ٿيڻ وارو آھي، تنھن ۾ پڻ شريڪ آھيان ، سو نصيحت ٿو ڪريان تہ


جيڪي⁠بہ اسان ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، سو اوھان کي ٻڌايون ٿا تہ جيئن اوھين اسان سان انھيءَ صحبت ۾ شامل ٿيو، جيڪا اسان کي پيءُ ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان آھي.


انھيءَ شھر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ ھئي، ڇالاءِ⁠جو خدا جو جلوو کيس روشن ٿو ڪري ۽ گھيٽو سندس چراغ آھي.


سڀاڳا آھن اُھي جيڪي پنھنجا پھراڻ ڌوئي صاف ٿا ڪن. اُھي زندگيءَ جي وڻ جي ميوي جا حقدار ھوندا ۽ انھيءَ شھر جي دروازن مان داخل ٿيندا.


اڳتي وري ڪڏھن بہ رات نہ ٿيندي ۽ نہ وري انھن کي ڏيئي يا سج جي روشنائيءَ جي ضرورت پوندي، ڇالاءِ⁠جو خداوند خدا انھن کي روشنائي ڏيندو ۽ اھي ھميشہ ھميشہ تائين بادشاھي ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ