Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 9:6 - Common Language New Testament

6 ھاڻي اُٿ ۽ شھر ۾ وڃ، جتي تو کي ٻڌايو ويندو تہ تو کي ڇا ڪرڻ گھرجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پر اُٿي بيهہ ۽ شهر ۾ وڃ، ۽ جيڪي ڪرڻو اٿيئي سو توکي ٻُڌائبو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 هاڻي اُٿ ۽ شهر ۾ وڃ، جتي تو کي ٻڌايو ويندو تہ تو کي ڇا ڪرڻ گھرجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 هاڻي اُٿ ۽ شهر ۾ وڃ، جتي تو کي ٻڌايو ويندو تہ تو کي ڇا ڪرڻ گھرجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 9:6
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ڪيترائي جيڪي ھاڻي اڳيان آھن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي ھاڻي پويان آھن سي اڳيان ٿيندا.“


تنھن تي ماڻھن کانئس پڇيو تہ ”پوءِ اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“


انھن وراڻيو تہ ”صوبيدار ڪرنيليس اسان کي موڪليو آھي. ھو ھڪ نيڪ ۽ خدا ترس ماڻھو آھي ۽ يھودين جي سڄي قوم ۾ ڏاڍي ساراھہ اٿس. ھن کي خدا جي ھڪڙي پاڪ ملائڪ چيو آھي تہ ھو تو کي پنھنجي گھر سڏائي تنھنجي واتان تنھنجون ڳالھيون ٻڌي.“


سو ڪنھن ماڻھوءَ کي يافا ڏانھن موڪلي انھيءَ ماڻھوءَ کي گھراءِ جنھن جو نالو شمعون آھي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آھن. ھو شمعون موچيءَ وٽ ٽڪيل آھي، جنھن جو گھر سمنڊ جي ڪناري تي آھي.‘


ھو شمعون نالي ھڪ موچيءَ وٽ ٽڪيل آھي جنھن جو گھر سمنڊ جي ڪناري تي آھي.“


جڏھن ماڻھن اھو ٻڌو تہ اھا ڳالھہ سندن دلين ۾ چڀي ويئي ۽ پطرس ۽ ٻين رسولن کي چيائون تہ ”ڀائرؤ! اسين ھاڻي ڇا ڪريون؟“


مون پڇيو تہ ’اي خداوند! آءٌ ڇا ڪريان؟‘ تنھن تي خداوند مون کي چيو تہ ’اٿي دمشق ۾ وڃ، اتي تو کي اھو سڀ ڪجھہ ٻڌايو ويندو، جيڪو خدا تنھنجي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو آھي.‘


پر ھاڻي اٿ ۽ سڌو ٿي بيھہ. مون ھن مقصد لاءِ تو کي ڏيکاري ڏني آھي تہ آءٌ تو کي پنھنجو ٻانھو ۽ شاھد مقرر ڪريان، تہ جيئن ٻين کي ٻڌائين تہ ڪيئن تو اڄ مون کي ڏٺو آھي ۽ آئيندہ جيڪي ڳالھيون تو کي ڏيکاريندو رھندس سي بہ کين ٻڌائين.


ھن پڇيو تہ ”خداوند! تون ڪير آھين؟“ آواز چيو تہ ”آءٌ عيسيٰ آھيان، جنھن کي تون ستائين ٿو.


يسعياہ جي وسيلي ھو صاف صاف چوي ٿو تہ ”جن مون کي نہ ڳوليو، تن مون کي لڌو. جيڪي مون لاءِ پڇن بہ نہ پيا، تن کي مون ڏيکاري ڏني.“


انھن کي ڄاڻ نہ ھئي تہ ڪھڙيءَ طرح خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو، پر انھن پنھنجي منھن ڪوشش ڪئي، تنھنڪري اھي خدا جي سچائيءَ جا تابعدار نہ ٿيا.


شريعت جي ملڻ کان پوءِ ڏوھہ وڌيا. گناھہ کڻي ڪيترا بہ وڌيا پر خدا جو فضل انھن کان بہ وڌي ويو،


ڪو وقت ھو جڏھن شريعت کان سواءِ آءٌ جيئرو ھوس، پر جڏھن شرعي حڪم آيو تہ گناھہ جيئرو ٿي پيو ۽ آءٌ مري ويس.


تنھنڪري اي منھنجا پيارا دوستو! جيئن اوھين ھميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آھيو تيئن نہ رڳو منھنجي موجودگيءَ ۾ پر ھاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ، انھيءَ ڪم کي ادب ۽ تابعداري ڪندي پورو ڪندا رھو، جيڪو ڇوٽڪاري جي ڪري ڪريو ٿا.


پر خدا اسان کي وڌيڪ فضل ٿو ڏئي. انھيءَ ڪري ئي پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ