Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 9:39 - Common Language New Testament

39 پطرس اٿي انھن سان گڏ روانو ٿيو ۽ جڏھن ھو اتي پھتو تہ اھي کيس ماڙيءَ تي وٺي ويا. سڀيئي رنون⁠زالون ھن جي ڀرسان بيھي روئڻ لڳيون ۽ کيس دورڪاس جا ٺھيل پھراڻ ۽ ڪپڙا ڏيکارڻ لڳيون، جيڪي ھوءَ انھن سان گڏ ٺاھيندي ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

39 تڏهن پطرس اُٿي ساڻن هليو. ۽ جڏهن هو اُتي اچي پهتو، تڏهن اُنهيءَ ماڙيءَ تي وٺي آيس، ۽ سڀ بيوهون روئنديون وٽس اچي بيٺيون؛ ۽ جيڪي ڪُرتا ۽ ڪپڙا هن سندن لاءِ جوڙيا هئا، سي ڏيکارڻ لڳيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

39 تڏهن پطرس اُٿي انهن سان گڏ روانو ٿيو ۽ جڏهن هو اتي پهتو تہ اهي کيس ماڙيءَ تي وٺي ويا. سڀيئي وڌوائون روئندي پطرس جي ڀرسان اچي بيٺيون ۽ کيس پنهنجا اهي پهراڻ ۽ ڪپڙا ڏيکارڻ لڳيون، جيڪي دورڪاس ساڻن گڏ گذاريندي ٺاهيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

39 تڏهن پطرس اُٿي انهن سان گڏ روانو ٿيو ۽ جڏهن هو اتي پهتو تہ اهي کيس ماڙيءَ تي وٺي ويا. سڀيئي رنون‌زالون روئندي پطرس جي ڀرسان اچي بيٺيون ۽ کيس پنهنجا اهي پهراڻ ۽ ڪپڙا ڏيکارڻ لڳيون، جيڪي دورڪاس ساڻن گڏ گذاريندي ٺاهيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 9:39
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اي بي⁠يقين ۽ گمراھہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوھان وٽ ھوندس؟ ۽ ڪيستائين اوھان جي سھندس؟ ڇوڪري کي مون وٽ وٺي اچ.“


غريب تہ اوھان وٽ ھميشہ آھن پر آءٌ اوھان سان ھميشہ نہ ھوندس.


ھن عورت کان جو ڪجھہ ٿي سگھيو سو ھن ڪيو. ھن منھنجي جسم تي دفن ٿيڻ کان اڳ ئي خوشبوءِ ڇڙڪائي آھي.


پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اھي ئي ڳالھيون ھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون ھيون، جڏھن اڃا اوھان سان ھوس، تہ منھنجي بابت جيڪوبہ موسيٰ جي توريت، نبين جي لکتن ۽ زبور ۾ لکيل آھي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“


غريب تہ اوھان وٽ ھميشہ آھن پر آءٌ اوھان وٽ ھميشہ نہ ھوندس.“


جيستائين آءٌ انھن سان گڏ ھوس، تيستائين تنھنجي انھيءَ نالي جي قدرت سان جيڪو نالو تو مون کي ڏنو آھي، کين سلامت رکندو آيو آھيان. مون انھن جي سنڀال ڪئي آھي. جيڪو برباد ٿيڻو ھو تنھن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ منجھائن برباد نہ ٿيو آھي، تہ جيئن پاڪ لکت پوري ٿئي.


اھي شھر ۾ داخل ٿيا ۽ مٿي ان ماڙيءَ تي ويا جتي رھيل ھئا. اھي پطرس، يوحنا، يعقوب، اندرياس، فلپس، توما، برٿلمئي، متي، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، شمعون قوم⁠پرست ۽ يعقوب جو پٽ يھوداہ ھئا.


سڀني ڳالھين بابت مون خود عمل ڪري پاڻ کي نمونو بڻائي اوھان کي سمجھايو آھي تہ ڪيئن محنت ڪري ڪمزورن جي مدد ڪرڻ گھرجي ۽ خداوند عيسيٰ جو ڪلام ياد رکڻ گھرجي، جنھن پاڻ فرمايو آھي تہ ’وٺڻ کان ڏيڻ ۾ وڌيڪ خوشي آھي.‘“


ٿورن ڏينھن کان پوءِ جيئن ئي شاگردن جو تعداد وڌندو ويو تہ يوناني ٻولي ڳالھائيندڙ يھودين عبراني ٻولي ڳالھائيندڙ يھودين جي خلاف شڪايت ڪئي. يوناني ٻولي ڳالھائيندڙ يھودي ڪرڪڻ لڳا تہ ھنن جي رنن⁠زالن کي روزانو کاڌي جي ورھاست وقت وساريو ٿو وڃي.


ڪن ديندار ماڻھن استيفنس کي دفنايو ۽ انھيءَ لاءِ ڏاڍو سوڳ ڪيائون.


پطرس کيس ھٿ کان وٺي اٿاريو ۽ ايمان وارن ۽ رنن⁠زالن کي سڏي جيئري جاڳندي طبيٿا سندن حوالي ڪيائين.


ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ڏيڻ جي نيت ھوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنھن ماڻھوءَ وٽ ھوندو تنھن موجب سندس نذرانو خدا قبول ڪندو، نہ انھيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آھي.


چوري ڪرڻ وارو اڳتي چوري نہ ڪري، بلڪ چڱو ڪم اختيار ڪندي پنھنجن ھٿن سان محنت ڪري تہ جيئن ڪنھن محتاج کي ڏيڻ لاءِ وٽس ڪجھہ ھجي.


اسين پنھنجي خدا ۽ پيءُ جي اڳيان اوھان جي ايمان جي ڪم، محبت واري محنت ۽ انھيءَ صبر کي جيڪو اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آھي، سدائين ياد پيا ڪريون.


ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين نہ ٿا چاھيون تہ جيڪي مري ويا آھن تن بابت اوھين بي⁠خبر رھو، يا انھن وانگر غمگين ٿيو جن کي اميد ئي ڪانھي.


انھن رنن⁠زالن جو پورو قدر ڪر، جيڪي سچ⁠پچ نڌڻڪيون آھن.


اھا رن⁠زال جيڪا سچ⁠پچ رن⁠زال ۽ بلڪل اڪيلي آھي، سا خدا تي آسرو ٿي رکي ۽ مدد لاءِ رات ڏينھن خدا کي منٿون ڪرڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ مشغول ٿي رھي.


اي پيارا ٻارؤ! اسان کي رڳو ڳالھين ۽ زبان سان نہ، پر عمل ۽ سچائيءَ جي وسيلي بہ پيار ڪرڻ گھرجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ