Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 9:29 - Common Language New Testament

29 ھو يوناني ڳالھائيندڙ يھودين سان گفتگو ۽ بحث بہ پيو ڪندو ھو، پر اھي کيس مارڻ جا وجھہ پيا ڳوليندا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ۽ همت جهلي خداوند جي منادي پيو ڪندو هو: ۽ يوناني يهودين سان گفتگو ۽ بحث بہ پيو ڪندو هو، پر هو سندس مارڻ جا وجهہ پيا ڳوليندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 هو يوناني ڳالهائيندڙ يهودين سان بہ گفتگو ۽ بحث پيو ڪندو هو، پر اهي کيس مارڻ جا وجھہ پيا ڳوليندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 هو يوناني ڳالهائيندڙ يهودين سان بہ گفتگو ۽ بحث پيو ڪندو هو، پر اهي کيس مارڻ جا وجھہ پيا ڳوليندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 9:29
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر انھن مان ڪي قبرص ۽ ڪرين جا ماڻھو جيڪي انتاخيا ۾ پھتا، سي غير قومن کي بہ خداوند عيسيٰ جي خوشخبري ٻڌائڻ لڳا.


تنھنڪري ھو يھودي عبادت⁠خاني ۾ يھودين ۽ خداترس ماڻھن سان ۽ روزانو بازار ۾ جيڪي گڏبا ھئس، تن سان بحث پيو ڪندو ھو.


جڏھن اھي اِفسس ۾ پھتا تہ پولس پرسڪلا ۽ اڪولا کان موڪلايو. پوئي پاڻ يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويو جتي يھودين سان بحث ڪرڻ لڳو.


پولس ٽن مھينن تائين يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويندو رھيو ۽ انھن ماڻھن سان بي⁠ڊپو ٿي مضبوط دليلن سان خدا جي بادشاھت بابت بحث ڪندو ۽ کين مڃائيندو رھيو.


جنھن ۾ مون خداوند کي ڏٺو، جيڪو مون کي چئي رھيو ھو تہ ’جلدي ڪر، يروشلم مان نڪري وڃ. ڇالاءِ⁠جو ماڻھو منھنجي بابت تنھنجي شاھدي قبول نہ ڪندا.‘


ٿورن ڏينھن کان پوءِ جيئن ئي شاگردن جو تعداد وڌندو ويو تہ يوناني ٻولي ڳالھائيندڙ يھودين عبراني ٻولي ڳالھائيندڙ يھودين جي خلاف شڪايت ڪئي. يوناني ٻولي ڳالھائيندڙ يھودي ڪرڪڻ لڳا تہ ھنن جي رنن⁠زالن کي روزانو کاڌي جي ورھاست وقت وساريو ٿو وڃي.


تڏھن برنباس ھن جي مدد ڪئي ۽ کيس رسولن وٽ وٺي آيو. ھن انھن کي سمجھايو تہ شائول ڪيئن خداوند کي رستي ۾ ڏٺو ۽ ڪيئن خداوند ھن سان ڳالھايو. ھن اھو بہ ٻڌاين تہ شائول دمشق ۾ ڪيڏي نہ دليريءَ سان عيسيٰ جي نالي جي تبليغ ڪئي.


پوءِ شائول شاگردن سان گڏ يروشلم ۾ ايندو ويندو ھو ۽ دليريءَ سان خداوند جي نالي جي تبليغ پيو ڪندو ھو.


آءٌ گھڻا ئي دفعا مسافري ڪندي خطرن ۾ رھيو آھيان، يعني دريائن جي خطرن ۾، ڌاڙيلن جي خطرن ۾، پنھنجي قوم جي خطرن ۾، غير قومن جي خطرن ۾، شھر جي خطرن ۾، بيابان جي خطرن ۾، سمنڊ جي خطرن ۾ ۽ ڪوڙن ڀائرن جي خطرن ۾.


پيارا دوستو! مون کي اوھان ڏانھن انھيءَ ڇوٽڪاري جي باري ۾ لکڻ جو تمام گھڻو چاھہ ھو، جنھن ۾ اسان سڀ شريڪ آھيون. سو مون اھو لکڻ ضروري سمجھيو تہ اوھان کي ھمتايان تہ انھيءَ ايمان لاءِ سخت مقابلو ڪريو، جيڪو خدا ھميشہ لاءِ پنھنجي قوم کي ڏيئي ڇڏيو آھي.


مگر وڏي ملائڪ ميڪائيل جڏھن موسيٰ جي لاش بابت شيطان سان جھيڙو ۽ تڪرار پئي ڪيو، تڏھن کيس ايتري ھمت نہ ٿي جو شيطان تي ڦٽڪار ڪري سگھي. پر رڳو ايترو چيائين تہ ”خداوند تو تي ملامت ڪري.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ