Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 9:23 - Common Language New Testament

23 گھڻن ڏينھن گذرڻ کان پوءِ يھودين گڏجي سازش سٽي تہ شائول کي قتل ڪجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ جڏهن ڳچ جيترا ڏينهن گذري ويا، تڏهن يهودين پاڻ ۾ گڏجي اها صلاح ڪئي تہ هن کي ماري وجهون:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 گھڻن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ يهودين گڏجي سازش سِٽي تہ سائول کي قتل ڪجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 گھڻن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ يهودين گڏجي سازش سِٽي تہ سائول کي قتل ڪجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 9:23
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر يھودين شھر جي معزز ماڻھن ۽ عزت وارين خداترس عورتن کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس کي ڏاڍو ستايو ۽ کين پنھنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون.


ايتري ۾ ڪي يھودي پسديا واري انتاخيا ۽ اِڪونيم کان اچي پھتا ۽ ماڻھن کي پنھنجي طرف ڦيري ويا. ھنن پولس کي پٿر ھڻايا ۽ کيس شھر مان گھلي ٻاھر ڦٽو ڪيائون، ڇالاءِ⁠جو سمجھيائون تہ ھو مري چڪو آھي.


پر جن يھودين ايمان نہ آندو، تن غير قوم وارن کي ڀڙڪايو ۽ انھن جي جذبات کي ڀائرن جي خلاف ڪيائون.


اھي ٻئي ماڻھو اھڙا آھن جن پنھنجي جان اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي تي جوکي ۾ وڌي آھي.


اتي ھو ٽي مھينا ترسيو. پوءِ ھو شام ڏانھن سامونڊي جھاز جي رستي وڃڻ لاءِ تيار ھو تہ کيس خبر پئجي ويئي تہ ڪي يھودي سندس خلاف سازش سٽي رھيا آھن. سو ھن مڪدونيا مان ٿي موٽي وڃڻ جو فيصلو ڪيو.


ٻئي ڏينھن صبح جو ڪي يھودي اچي گڏ ٿيا ۽ ھڪ سازش سٽيائون. انھن قسم کڻي واعدو ڪيو تہ تيستائين ھو ڪابہ شيءِ نہ کائيندا ۽ ڪجھہ بہ نہ پيئندا، جيستائين پولس کي نہ مارين.


آءٌ پاڻ ھن کي ڏيکاريندس تہ منھنجي نالي جي ڪري کيس ڪيترا نہ ڏک سھڻا پوندا.“


پر شائول جي تبليغ ڏينھون ڏينھن زور وٺندي ويئي ۽ جيڪي يھودي دمشق ۾ رھندا ھئا تن کي منجھائي ڇڏيائين، جو ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي.


آءٌ گھڻا ئي دفعا مسافري ڪندي خطرن ۾ رھيو آھيان، يعني دريائن جي خطرن ۾، ڌاڙيلن جي خطرن ۾، پنھنجي قوم جي خطرن ۾، غير قومن جي خطرن ۾، شھر جي خطرن ۾، بيابان جي خطرن ۾، سمنڊ جي خطرن ۾ ۽ ڪوڙن ڀائرن جي خطرن ۾.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ