Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 9:2 - Common Language New Testament

2 ۽ چيائينس تہ ”مون کي دمشق جي يھودي عبادت⁠خانن لاءِ ڪي اھڙي مضمون جا خط لکي ڏيو تہ جن بہ مردن توڙي عورتن کي انھيءَ طريقي تي ڏسان تہ کين گرفتار ڪري يروشلم ۾ وٺي اچان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ چيائينس تہ مون کي دمشق جي عبادتخانن لاءِ انهيءَ مضمون تي خط لکي ڏي، تہ جن مردن خواہ زالن کي انهي طريقي تي ڏسان، تن کي ٻَڌائي يروشلم ۾ وٺي اچان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 ۽ وينتي ڪيائينس تہ ”مون کي دمشق شهر جي يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين لاءِ ڪي اهڙي مضمون جا خط لکي ڏيو تہ جيڪڏهن مون کي يسوع واري رستي تي هلندڙ ڪو مرد توڙي ناري ملي تہ کيس گرفتار ڪري يروشلم ۾ وٺي اچان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ۽ عرض ڪيائينس تہ ”مون کي دمشق شهر جي يهودين جي عبادت‌خانن لاءِ ڪي اهڙي مضمون جا خط لکي ڏيو تہ جيڪڏهن مون کي عيسيٰ واري رستي تي هلندڙ ڪو مرد توڙي عورت ملي تہ کيس گرفتار ڪري يروشلم ۾ وٺي اچان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 9:2
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر انھن ماڻھن کان ھوشيار ٿجو، ڇالاءِ⁠جو اھي اوھان کي گرفتار ڪري ڪورٽن جي حوالي ڪندا ۽ پنھنجن عبادت⁠خانن ۾ اوھان کي چھبڪ ھڻندا.


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آھيان. منھنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پھچي نہ ٿو سگھي.


ھن کي خداوند جي طريقي واري تعليم ڏني ويئي ھئي. سو ھو عيسيٰ جون ڳالھيون وڏي جوش ۽ جذبي سان صحيح نموني ۾ ٻڌائيندو ۽ سيکاريندو ھو، جڏھن تہ بپتسما بابت ھن کي رڳو يحيٰ واري بپتسما جي ڄاڻ ھئي.


انھن ڏينھن ۾ اِفسس ۾ خداوند جي انھيءَ طريقي جي ڪري ڏاڍي گڙٻڙ متل ھئي.


پر جڏھن ڪن ضدي ماڻھن ايمان نہ آندو ۽ خداوند جي انھيءَ طريقي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، تڏھن پولس انھن کي ڇڏي ڏنو ۽ شاگردن کي ساڻ ڪري ترونس جي مدرسي ڏانھن ويو جتي روزانو بحث ڪندو ھو.


آءٌ قبول ٿو ڪريان تہ پنھنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت انھيءَ طريقي موجب ڪريان ٿو جنھن کي ھي بدعت سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي صحيفن ۾ لکيل سڀني ڳالھين تي ايمان آڻيان ٿو.


پوءِ فِيلِڪس، جيڪو انھيءَ طريقي جو وڌيڪ ڄاڻو ھو، تنھن ڪيس روڪي ڇڏيو ۽ انھن کي چيائين تہ ”جڏھن ڪپتان لوسياس ايندو تڏھن آءٌ اوھان جي ڪيس جو فيصلو ڏيندس.“


سو يروشلم ۾ آءٌ ائين ئي ڪندو ھوس. سردار ڪاھنن کان اختياري وٺي ڪيترن ئي خدا جي ماڻھن کي جيل ۾ وجھرائيندو ھوس ۽ کين قتل ڪرائڻ لاءِ انھن جي خلاف پنھنجو رايو بہ ڏيندو ھوس.


”انھيءَ ڪم لاءِ ھڪڙي دفعي آءٌ سردار ڪاھنن کان اختياريءَ جو پروانو وٺي دمشق ڏانھن پئي ويس.


پر ڪن ماڻھن سندس مخالفت ڪئي، جن مان ڪي ”آزاد ٿيل ماڻھن جو عبادت⁠خانو“ نالي ھڪ يھودي عبادت⁠خاني جا ميمبر ھئا ۽ ڪريني ۽ اسڪندريہ کان آيا ھئا ۽ ڪي وري ڪلڪيا ۽ ايشيا پرڳڻي جا ھئا.


انھيءَ اسان جي قوم سان ڊوھہ ڪري اسان جي ابن ڏاڏن سان تمام گھڻا ظلم ڪندي کين مجبور ڪيو جو ھو پنھنجن ٻارڙن کي گھر کان ٻاھر اڇلائي ڇڏيندا ھئا تہ ڀل اھي مري وڃن.


ھو ھتي بہ انھيءَ لاءِ آيو آھي تہ وڏن سردار ڪاھنن جي اختياريءَ سان انھن ماڻھن کي گرفتار ڪري جيڪي تنھنجو نالو وٺن ٿا.“


جن بہ ھن جي اھا ڳالھہ ٻڌي، سي سڀ حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھي اھو ناھي ڇا، جو جيڪي ⁠بہ يروشلم ۾ عيسيٰ جو نالو وٺندا ھئا تن کي ھو ستائيندو ھو ۽ ھتي بہ انھيءَ ارادي سان آيو ھو تہ انھن ماڻھن کي گرفتار ڪري سردار ڪاھنن وٽ وٺي وڃي؟“


دمشق جي گورنر، جيڪو اريتاس بادشاھہ جي ھٿ ھيٺ ھو، تنھن مون کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ دمشقين جي شھر تي پھرو بيھاري ڇڏيو ھو.


نڪي آءٌ يروشلم ۾ انھن وٽ ويس جيڪي مون کان اڳي رسول ھئا. پر آءٌ ھڪدم عربستان ڏانھن ھليو ويس ۽ پوءِ اتان موٽي دمشق شھر ۾ آيس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ