Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 9:18 - Common Language New Testament

18 ھڪدم ڪا شيءِ مڇيءَ جي ڇلڙ وانگر شائول جي اکين مان ڪري پيئي ۽ ھو وري ڏسڻ وائسڻ لڳو. ھو اٿي بيٺو ۽ بپتسما ورتائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ انهي دم ڄڻ تہ هن جي اکين تان ڇلر ڪِري پيا، ۽ هو ڏسڻ وائسڻ لڳو؛ ۽ اُٿي بپتسما ورتائين؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 تڏهن هڪدم مڇيءَ جي ڇلر جهڙي ڪا شيءِ سائول جي اکين مان ڪري پيئي ۽ هو وري ڏسڻ وائسڻ لڳو. پوءِ هن اُٿي بپتسما ورتي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 تڏهن هڪدم مڇيءَ جي ڇلر جهڙي ڪا شيءِ سائول جي اکين مان ڪري پيئي ۽ هو وري ڏسڻ وائسڻ لڳو. پوءِ هن اُٿي بپتسما ورتي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 9:18
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي پطرس کين چيو تہ ”اوھين سڀ توبھہ ڪريو ۽ عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما وٺو، تہ جيئن اوھان جا گناھہ بخشيا وڃن ۽ اوھان کي خدا جي بخشش يعني پاڪ روح ملي.


انھن مان ڪيترن ئي ھن جي پيغام کي قبول ڪيو ۽ بپتسما ورتائون. انھيءَ ڏينھن اٽڪل ٽي ھزار ماڻھو ھنن جي ٽولي ۾ شامل ٿي ويا.


ھو مون وٽ آيو ۽ ڀرسان بيھي چيائين تہ ’ادا شائول! ديد وٺ.‘ انھيءَ دم مون کي وري ديد ملي ويئي ۽ مون کيس ڏٺو.


ھاڻي دير نہ ڪر. اٿي ۽ سندس نالي دعا گھُري بپتسما وٺ تہ تنھنجا گناھہ ڌوپي وڃن.‘


سو حنانياہ ويو ۽ ان گھر ۾ گھڙي پنھنجا ھٿ شائول جي مٿان رکيائين ۽ چيائينس تہ ”شائول ڀاءُ! خداوند عيسيٰ پاڻ مون کي موڪليو آھي، جنھن تو کي رستي ۾ ڏيکاري ڏني، جڏھن تون ھيڏانھن اچي رھيو ھئين. ھن مون کي انھيءَ لاءِ موڪليو آھي تہ تو کي وري ديد ملي ۽ تون پاڪ روح سان ڀرجي وڃين.“


پوءِ کاڌي کائڻ سان سندس طاقت موٽي آئي. شائول دمشق ۾ ڪجھہ ڏينھن تائين شاگردن سان گڏ رھيو.


شائول زمين تان اٿيو ۽ پنھنجون اکيون کوليائين، پر ھو ڏسي نہ ٿي سگھيو. سو انھن کيس ھٿ کان وٺي دمشق ۾ آندو.


پر ھنن جون دليون موڳيون ٿي ويون، ڇوتہ اڄ ڏينھن تائين پراڻي عھدنامي جي پڙھڻ وقت اھو ساڳيو پردو رھي ٿو. اھو پردو انھن تان ايستائين نہ ٿو کڄي، جيستائين اھي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي نہ ٿا وڃن.


ڇاڪاڻ⁠تہ خدا، جنھن فرمايو تہ ”اونداھيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنھن اھا اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن اسين عيسيٰ مسيح جي چھري کي ڏسي ڪري خدا جي شان کي سڃاڻي سگھون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ