Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 9:10 - Common Language New Testament

10 دمشق ۾ ھڪ شاگرد ھو، جنھن جو نالو حنانياہ ھو. ھن رويا ڏٺي، جنھن ۾ خداوند کيس چيو تہ ”حنانياہ!“ ھن وراڻيو تہ ”حاضر منھنجا خداوند.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 هاڻي دمشق ۾ حنانياہ نالي هڪڙو شاگرد هو، تنهن کي خداوند رويا ۾ چيو، تہ اي حنانياہ! هن چيو، تہ اي خداوند، اِجهو حاضر آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 دمشق ۾ حننياہ نالي پرڀو يسوع جو هڪ پوئلڳ هو، جنهن کي درشن ۾ پرڀو يسوع چيو تہ ”حننياہ!“ هن وراڻيو تہ ”حاضر منهنجا پرڀو!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 دمشق ۾ حننياہ نالي خداوند عيسيٰ جو هڪ پوئلڳ هو، جنهن کي رويا ۾ خداوند عيسيٰ چيو تہ ”حننياہ!“ هن وراڻيو تہ ”حاضر منهنجا خداوند!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 9:10
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھڪڙي ڏينھن ٽپھريءَ جو ھن رويا ۾ خدا جي ھڪڙي ملائڪ کي چٽيءَ طرح ڏٺو، جنھن چيس تہ ”اي ڪرنيليس!“


”جڏھن آءٌ يافا شھر ۾ دعا گھري رھيو ھوس تہ مون رويا ڏٺي تہ ڪا شيءِ وڏيءَ چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي آسمان مان ھيٺ لھندي ٿي آئي ۽ اچي مون تائين پھتي.


پطرس جيل مان نڪري سندس پٺيان ھلڻ لڳو، پر جيڪي ڪجھہ ملائڪ ڪري رھيو ھو تنھن کي حقيقت نہ ٿي ڄاتائين، بلڪ ائين ٿي سمجھيائين تہ ”آءٌ ڪا رويا ڏسي رھيو آھيان.“


پولس جي رويا ڏسڻ شرط اسان ھڪدم مڪدونيا ڏانھن وڃڻ جي تياري ڪئي، ڇالاءِ⁠جو اسان سمجھيو تہ خدا ھنن کي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ اسان کي گھرايو آھي.


اتي رات جو پولس ھڪڙي رويا ڏٺي تہ مڪدونيا جو ھڪڙو ماڻھو بيھي منٿ ڪري چوي پيو تہ ”سائين! مڪدونيا ۾ اچي اسان جي مدد ڪريو.“


ھڪڙيءَ رات پولس رويا ڏٺي جنھن ۾ خداوند کيس چيو تہ ”ڊڄ نہ ۽ نڪي ٻڌائڻ کان بس ڪر،


خدا فرمائي ٿو تہ ’پوين ڏينھن ۾ ھيئن ٿيندو جو آءٌ پنھنجو روح سڀني ماڻھن تي نازل ڪندس. اوھان جا پٽ ۽ ڌيئرون اڳڪٿيون ڪنديون، اوھان جا جوان رويا ڏسندا ۽ اوھان جا پوڙھا خواب ڏسندا.


اتي حنانياہ نالي ھڪڙو ماڻھو ھو، جيڪو دمشق جي سڀني يھودين ۾ معتبر ۽ شريعت موجب ديندار ھو.


رويا ۾ ھن ڏٺو آھي تہ حنانياہ نالي ھڪ ماڻھوءَ اچي سندس مٿان پنھنجا ھٿ رکيا آھن تہ جيئن ھو وري ڏسڻ جھڙو ٿئي.“


ھو ٽن ڏينھن تائين انڌو ھو ۽ ان عرصي ۾ ھن نہ کاڌو ۽ نہ ڪجھہ پيتو.


دمشق جي گورنر، جيڪو اريتاس بادشاھہ جي ھٿ ھيٺ ھو، تنھن مون کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ دمشقين جي شھر تي پھرو بيھاري ڇڏيو ھو.


نڪي آءٌ يروشلم ۾ انھن وٽ ويس جيڪي مون کان اڳي رسول ھئا. پر آءٌ ھڪدم عربستان ڏانھن ھليو ويس ۽ پوءِ اتان موٽي دمشق شھر ۾ آيس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ