Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 8:9 - Common Language New Testament

9 انھيءَ شھر ۾ شمعون نالي ھڪ ماڻھو رھندو ھو، جنھن ڪجھہ وقت تائين سامريہ جي ماڻھن کي پنھنجي جادوگريءَ سان حيرت ۾ وجھي ڇڏيو ھو. ھو دعويٰ ڪندو ھو تہ ”آءٌ ھڪ وڏي ھستي آھيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 پر انهي شهر ۾ شمعون نالي هڪڙو ماڻهو هو، جو هن کان اڳي جادوگريءَ ڪري سامريہ جي ماڻهن کي عجب ۾ وجهندو هو، ۽ چوندو هو تہ آئون بہ ڪو وڏو ماڻهو آهيان:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 انهيءَ شهر ۾ شمعون نالي هڪ ماڻهو رهندو هو، جنهن ڪجھہ عرصي تائين سامريہ جي ماڻهن کي پنهنجي جادوگريءَ سان حيرت ۾ وجھي ڇڏيو هو. هو دعويٰ ڪندو هو تہ ”آءٌ هڪ وڏي هستي آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 انهيءَ شهر ۾ شمعون نالي هڪ ماڻهو رهندو هو، جنهن ڪجھہ عرصي تائين سامريہ جي ماڻهن کي پنهنجي جادوگريءَ سان حيرت ۾ وجھي ڇڏيو هو. هو دعويٰ ڪندو هو تہ ”آءٌ هڪ وڏي هستي آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 8:9
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو ماڻھو پنھنجي طرفان ڪجھہ چوندو آھي سو ڪوشش ڪندو آھي تہ سندس ساراھہ ٿئي. پر جيڪو چاھي ٿو تہ سندس موڪليندڙ جي ساراھہ ٿئي سو ئي سچو آھي ۽ انھيءَ ۾ ڪابہ ٺڳي ڪانہ آھي.


جڏھن ھو سارو ٻيٽ لتاڙي پافس ۾ پھتا تہ ھنن اتي نبي سڏائيندڙ ھڪڙو يھودي جادوگر ڏٺو، جنھن جو نالو بريسوع ھو.


پر بريسوع عرف اليماس، جنھن جي يوناني ٻوليءَ ۾ معنيٰ آھي ’جادوگر،‘ تنھن گورنر وٽ سندن مخالفت ڪئي، تہ جيئن گورنر مسيح تي ايمان نہ آڻي.


ڪجھہ وقت اڳي ٿيوداس نالي ھڪڙو شخص ظاھر ٿيو ھو، جنھن دعويٰ ڪئي ھئي تہ ھو ھڪ وڏي ھستي آھي. چار ⁠سؤ کن ماڻھو سندس پوئلڳ بہ بڻيا. پر جڏھن ھو ماريو ويو تہ سندس سڀ پوئلڳ ڇڙوڇڙ ٿي ويا ۽ سندس منصوبو مٽيءَ ۾ ملي ويو.


ھو کيس ان ڪري مڃيندا ھئا جو ھن ڪيتري وقت تائين انھن کي پنھنجي جادوگريءَ جي وسيلي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو ھو.


ھو پاڻ کي انھن سڀني کان مٿاھون ڄاڻيندڙ ۽ انھن جي مخالفت ڪندڙ آھي، جيڪي خدا يا معبود ٿا سڏجن، ايتري قدر جو ھو خدا جي ھيڪل ۾ ويھي پاڻ کي خدا مشھور ڪندو.


ڇالاءِ⁠جو ماڻھو خود⁠غرض، پيسي جا يار، ٻٽاڪي، مغرور، بدزبان، ماءُ⁠پيءُ جا نافرمان، بي⁠شڪرا ۽ ناپاڪ ٿي پوندا.


اھي دينداريءَ جو ظاھري نمونو تہ رکندا، پر انھيءَ جو اثر قبول نہ ڪندا. اھڙن ماڻھن کان پاسو ڪجانءِ.


ڇالاءِ⁠جو اھي مغروريءَ جون نھايت بيھوديون ڳالھيون ڪري، شھوت⁠پرستيءَ جي وسيلي انھن ماڻھن کي جسماني خواھشن ۾ ڦاسائين ٿا، جيڪي گمراھہ ٿيل ماڻھن کان ھاڻي آزاد ٿيا آھن.


پر ڪتا، جادوگر، زناڪار، قاتل، بت⁠پرست، ڪوڙ کي پسند ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالھائيندڙ شھر کان ٻاھر ھوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ