Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 8:5 - Common Language New Testament

5 فلپس سامريہ جي شھر ۾ ويو ۽ اتي ماڻھن ۾ مسيح جي منادي ڪرڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ فلپس سامريہ جي شهر ۾ ويو ۽ اتي مسيح جي منادي ڪرڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 سيواداري فلپس سامريہ شهر ۾ ويو ۽ اتي ماڻهن ۾ مسيح جو پرچار ڪرڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 خدمتگار فلپس سامريہ شهر ۾ ويو ۽ اتي ماڻهن ۾ مسيح جي منادي ڪرڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 8:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جڏھن پاڪ روح اوھان تي نازل ٿيندو، تڏھن اوھان کي طاقت ملندي ۽ اوھين يروشلم ۾، سڄي يھوديہ ۽ سامريہ ۾ بلڪ سڄيءَ دنيا ۾ منھنجا شاھد ٿيندا.“


ٻئي ڏينھن تي اسين اتان روانا ٿي قيصريہ ۾ اچي پھتاسون، جتي اسين فلپس مبشر جي گھر وڃي ٽڪياسين، جيڪو انھن ستن ماڻھن مان ھڪ ھو جن کي يروشلم ۾ چونڊيو ويو ھو.


اھي روزانو ھيڪل ۾ ۽ ماڻھن جي گھرن ۾ تعليم ڏيندا ۽ ھن خوشخبريءَ جي تبليغ ڪندا رھيا تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي.


رسولن جي صلاح تي سڄو ٽولو خوش ٿيو. سو انھيءَ ٽولي ھنن ماڻھن کي چونڊيو: استيفنس، جيڪو ايمان ۽ پاڪ روح سان ڀريل ھو، فلپس، پرخرس، نيڪانور، تيمون، پرمناس ۽ نيڪلاوء⁠س جيڪو انتاڪيا جو رھاڪو ھو ۽ اڳ غير يھودي ھو.


انھيءَ ڏينھن کان وٺي يروشلم ۾ ڪليسيا کي ڏاڍو ستايو ويو. رسولن کان سواءِ سڀيئي ايمان وارا يھوديہ ۽ سامريہ جي علائقن ۾ ٽڙي پکڙي ويا.


خداوند جي ھڪڙي ملائڪ فلپس کي چيو تہ ”تيار ٿيءُ ۽ ڏکڻ طرف ان رستي سان وڃ، جيڪو يروشلم کان غزہ ڏانھن بيابان مان وڃي ٿو.“


تڏھن فلپس ڊوڙي وٽس ويو ۽ ھن کي يسعياہ نبيءَ جو پاڪ ڪتاب پڙھندي ٻڌائين. فلپس کانئس پڇيو تہ ”جيڪي توھين پڙھو ٿا، سو سمجھو بہ ٿا يا نہ؟“


جڏھن ماڻھن فلپس جي تبليغ ٻڌي ۽ اھي معجزا ڏٺا جيڪي فلپس ڪيا، تڏھن سڀيئي گڏجي سندس ڳالھيون دل سان ٻڌڻ لڳا.


ھو جلد ئي يھودي عبادت⁠خانن ۾ وڃي عيسيٰ بابت تبليغ ڪرڻ لڳو تہ ھو خدا جو فرزند آھي.


پر اسين مسيح جو پيغام ٿا ڏيون، جنھن کي صليب تي چاڙھيو ويو، جيڪو يھودين جي نظر ۾ ڪراھت جھڙو ۽ غير قومن جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي.


ڇالاءِ⁠جو مون پڪو ارادو ڪيو ھو تہ جڏھن اوھان وٽ رھان تہ عيسيٰ مسيح ۽ سندس صليب تي چڙھڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ نہ ڄاڻان.


سواءِ انھيءَ اڳ وڌل بنياد جي ڪوبہ ماڻھو ٻيو بنياد وجھي نہ سگھندو ۽ اھو بنياد يسوع مسيح آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ