Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 8:35 - Common Language New Testament

35 فلپس ڳالھائڻ لڳو ۽ پاڪ ڪتاب کي انھيءَ ھنڌ کان شروع ڪري کيس عيسيٰ جي خوشخبري ٻڌايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

35 تڏهن فلپس پنهنجو وات کولي پاڪ ڪتاب کي اُنهي هنڌ کان شروع ڪري کيس يسوع جي خوشخبري ٻُڌائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

35 تڏهن فلپس پوِتر شاستر کي انهيءَ هنڌ کان شروع ڪري کيس يسوع بابت خوشخبري ٻڌائڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

35 تڏهن فلپس پاڪ ڪلام کي انهيءَ هنڌ کان شروع ڪري کيس عيسيٰ بابت خوشخبري ٻڌائڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 8:35
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھو انھن کي ويھي تعليم ڏيڻ لڳو ۽ چيائين تہ


پوءِ عيسيٰ انھن کي موسيٰ جي لکت کان وٺي ٻين سڀني نبين جي لکت تائين، سڀ ڳالھيون سمجھايون تہ انھن ۾ سندس بابت ڇا لکيل آھي.


پوءِ پطرس ھيئن چوڻ لڳو تہ ”ھاڻي مون کي پڪ آھي تہ خدا سڀني سان ھڪجھڙو ھلي ٿو.


پر انھن مان ڪي قبرص ۽ ڪرين جا ماڻھو جيڪي انتاخيا ۾ پھتا، سي غير قومن کي بہ خداوند عيسيٰ جي خوشخبري ٻڌائڻ لڳا.


اتي ڪي اِپڪور ۽ ستوئيڪ فلسفي جا عالم بہ ساڻس مقابلو ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ ”ھي واتوڙي ماڻھو ڇا ٿو چوي؟“ ٻين وري چيو تہ ”ھيءُ ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڏسجي.“ ڇالاءِ⁠جو پولس عيسيٰ ۽ قيامت جي منادي ڪري رھيو ھو.


ڇالاءِ⁠جو ھن مضبوط دليلن سان يھودين کي کليو کلايو شڪست ڏني ۽ پاڪ ڪتابن مان ثابت ڪيائين تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي.


تڏھن ڪي رولو يھودي جيڪي ڀوپا ھئا سي بہ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ماڻھن مان ڀوت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. اھي ڀوتن کي ڪڍڻ وقت ھيئن چوندا ھئا تہ ”آءٌ تو کي عيسيٰ جو واسطو ٿو ڏيان، جنھن جي پولس تبليغ ڪري رھيو آھي.“


سو انھن پولس سان تاريخ مقرر ڪئي ۽ انھن جو وڏو تعداد انھيءَ جاءِ تي آيو، جتي پولس ٽڪيل ھو. صبح کان شام تائين ھو کين سمجھائيندو ۽ خدا جي بادشاھت بابت پنھنجو پيغام ٻڌائيندو رھيو. ھن عيسيٰ بابت کين قائل ڪرڻ لاءِ موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي صحيفن مان مثال ٻڌايا.


تان تہ خداوند جي حضور مان تازگيءَ جا ڏينھن اچن ۽ ھو عيسيٰ کي موڪلي جيڪو اوھان لاءِ اڳي ئي مسيح مقرر ٿيل آھي.


اھي روزانو ھيڪل ۾ ۽ ماڻھن جي گھرن ۾ تعليم ڏيندا ۽ ھن خوشخبريءَ جي تبليغ ڪندا رھيا تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي.


آفيسر فلپس کي چيو تہ ”مھرباني ڪري ٻڌايو تہ ھيءُ نبي ڪنھن بابت ٿو چوي؟ ھو پنھنجي بابت ٿو چوي يا ڪنھن ٻئي بابت؟“


ھو جلد ئي يھودي عبادت⁠خانن ۾ وڃي عيسيٰ بابت تبليغ ڪرڻ لڳو تہ ھو خدا جو فرزند آھي.


پر اسين مسيح جو پيغام ٿا ڏيون، جنھن کي صليب تي چاڙھيو ويو، جيڪو يھودين جي نظر ۾ ڪراھت جھڙو ۽ غير قومن جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي.


ڇالاءِ⁠جو مون پڪو ارادو ڪيو ھو تہ جڏھن اوھان وٽ رھان تہ عيسيٰ مسيح ۽ سندس صليب تي چڙھڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ نہ ڄاڻان.


اي ڪرنٿس جا دوستو! اسان کُليءَ طرح اوھان سان ڳالھايو آھي ۽ اسان جون دليون اوھان لاءِ ڪشاديون آھن.


يقيناً اوھان ھن بابت ٻڌو آھي ۽ مسيح سان گڏجي ھڪ ھئڻ ڪري انھيءَ سچائيءَ موجب جيڪا عيسيٰ ۾ آھي اوھان کي سيکاريو ويو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ