Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 7:8 - Common Language New Testament

8 پوءِ خدا ابراھيم لاءِ طھر کي انھيءَ عھد جي نشانيءَ طور مقرر ڪيو. تنھنڪري ابراھيم پنھنجي پٽ اسحاق جو سندس ڄمڻ کان اٺين ڏينھن تي طھر ڪرايو. اسحاق مان يعقوب ۽ يعقوب مان ٻارھن پٽ پيدا ٿيا، جيڪي ٻارھن قبيلن جا بزرگ ٿيا، تن سڀني جو بہ طھر ڪرايو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ ساڻس ختني جو عهد ڪيائين. پوءِ ابراهيم کي اسحاق ڄائو، ۽ هن اٺين ڏينهن هن جو ختنو ڪيو؛ ۽ اسحاق مان يعقوب، ۽ يعقوب مان ٻارهن قبيلن جا بزرگ پيدا ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 پوءِ ايشور ابرهام لاءِ ختني کي انهيءَ ٻڌل وچن جي نشانيءَ طور مقرر ڪيو. تنهنڪري ابرهام پنهنجي پٽ اضحاق جو سندس جنم کان اٺين ڏينهن تي ختنو ڪرايو. اضحاق مان يعقوب ۽ يعقوب مان ٻارهن پٽ پيدا ٿيا، جيڪي ٻارهن قبيلن جا وڏا ٿيا، تن سڀني جو بہ ختنو ڪرايو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پوءِ خدا ابراهيم لاءِ طهر کي انهيءَ عهد جي نشانيءَ طور مقرر ڪيو. تنهنڪري ابراهيم پنهنجي پٽ اسحاق جو سندس ڄمڻ کان اٺين ڏينهن تي طهر ڪرايو. اسحاق مان يعقوب ۽ يعقوب مان ٻارهن پٽ پيدا ٿيا، جيڪي ٻارهن قبيلن جا وڏا ٿيا، تن سڀني جو بہ طهر ڪرايو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 7:8
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابراھيم مان اسحاق پيدا ٿيو، اسحاق مان يعقوب پيدا ٿيو ۽ يعقوب مان يھوداہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.


موسيٰ اوھان کي طھر ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آھي، پر حقيقت ۾ اھو موسيٰ جي طرفان نہ بلڪ اوھان جي ابن ڏاڏن جي طرفان آھي. تنھنڪري اوھين سبت جي ڏينھن تي بہ پنھنجن ٻارن جا طھر ڪرائيندا آھيو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي بابي دائود بابت کليو کلايو ٻڌايان ٿو تہ ھو مري ويو ۽ دفن ڪيو ويو ۽ سندس قبر اسان وٽ اڄ تائين موجود آھي.


اھا سڀاڳائي ابراھيم کي ڪڏھن ملي؟ کيس طھر ڪرائڻ کان اڳ ۾ ملي يا پوءِ؟ اھا ابراھيم کي طھر ڪرائڻ کان پوءِ نہ پر اڳ ۾ ملي ھئي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي روزاني زندگيءَ جو ھڪ مثال ڏيان ٿو تہ انسان جي تصديق ڪيل عھدنامي کي ڪوبہ رد نہ ٿو ڪري سگھي ۽ نہ ئي ان کي وڌائي سگھي ٿو.


ھاڻي آءٌ ائين ٿو چوان تہ جنھن عھد جي خدا پھريائين ئي تصديق ڪئي ھئي تنھن کي شريعت، جيڪا چار سو ٽيھن سالن کان پوءِ آئي، سا رد ڪري نہ ٿي سگھي. اھڙيءَ طرح اھا خدا جي واعدي کي بيڪار نہ ٿي ڪري.


سو غور ڪري ڏسو تہ اھو شخص ڪيڏو نہ عظيم ھو، جو قوم جي بزرگ ابراھيم غنيمت جي مال مان بہ کيس ڏھون حصو ڏنو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ