Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 7:59 - Common Language New Testament

59 پوءِ جيئن انھن استيفنس تي پٿر پئي وسايا تہ ھن خداوند کي سڏي چيو تہ ”اي خداوند عيسيٰ! منھنجو روح قبول ڪر.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

59 ۽ جيئن هنن استيفنس کي سنگسار پي ڪيو، تہ هن خداوند کي پڪاري چيو تہ، اي خداوند يسوع! منهنجو روح قبول ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

59 پوءِ جيئن انهن استيفنس تي پٿر پئي وسايا تہ هن پڪاريندي چيو تہ ”اي پرڀو يسوع! منهنجي آتما قبول ڪر.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

59 پوءِ جيئن انهن استيفنس تي پٿر پئي وسايا تہ هن پڪاريندي چيو تہ ”اي خداوند عيسيٰ! منهنجو روح قبول ڪر.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 7:59
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”اي بابا! آءٌ پنھنجو روح تنھنجي ھٿن ۾ ٿو سونپيان.“ بس ايترو چئي دم ڏنائين.


پوءِ جيڪو ⁠بہ خدا جو نالو وٺندو، تنھن کي ئي ڇوٽڪارو ملندو.‘


ھاڻي دير نہ ڪر. اٿي ۽ سندس نالي دعا گھُري بپتسما وٺ تہ تنھنجا گناھہ ڌوپي وڃن.‘


ھو ھتي بہ انھيءَ لاءِ آيو آھي تہ وڏن سردار ڪاھنن جي اختياريءَ سان انھن ماڻھن کي گرفتار ڪري جيڪي تنھنجو نالو وٺن ٿا.“


جن بہ ھن جي اھا ڳالھہ ٻڌي، سي سڀ حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھي اھو ناھي ڇا، جو جيڪي ⁠بہ يروشلم ۾ عيسيٰ جو نالو وٺندا ھئا تن کي ھو ستائيندو ھو ۽ ھتي بہ انھيءَ ارادي سان آيو ھو تہ انھن ماڻھن کي گرفتار ڪري سردار ڪاھنن وٽ وٺي وڃي؟“


ھي ڪرنٿس شھر ۾ خدا جي ڪليسيا ڏانھن موڪلجي ٿو، يعني انھن ماڻھن ڏانھن جيڪي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري پاڪ ڪيا ويا آھن ۽ خدا جا ماڻھو ڪري چونڊيا ويا آھن. ھي انھن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي ھر ھنڌ خداوند عيسيٰ مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انھن جو ۽ اسان جو خداوند آھي.


جوانيءَ جي برين خواھشن کان پري ڀڄ. انھيءَ کان سواءِ جيڪي پاڪ دل سان خداوند کي ٿا پڪارين، تن سان گڏجي سچائي، ايمان، محبت ۽ صلح جو طلبگار ٿيءُ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ