Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 7:56 - Common Language New Testament

56 ھن چيو تہ ”اِجھو، مون کي آسمان کليل نظر ٿو اچي ۽ ابن⁠آدم خدا جي ساڄي پاسي بيٺو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

56 ۽ چيائين تہ اِجهو، آئون ڏسان ٿو تہ آسمان کُليو پيو آهي ۽ ابن آدم خدا جي ساڄي پاسي بيٺو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

56 تڏهن هن چيو تہ ”ڏسو، مون کي آڪاش کُليل نظر ٿو اچي ۽ منش‌پتر ايشور جي ساڄي پاسي بيٺو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

56 تڏهن هن چيو تہ ”ڏسو، مون کي آسمان کُليل نظر ٿو اچي ۽ ابنِ آدم خدا جي ساڄي پاسي بيٺو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 7:56
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”جڏھن ابن⁠آدم پنھنجي جلوي سان ايندو ۽ سڀ ملائڪ ساڻس گڏ ھوندا، تڏھن ھو پنھنجي جلال واري تخت تي ويھندو


سو عيسيٰ جيئن ئي بپتسما وٺي پاڻيءَ مان ٻاھر آيو تہ ھن لاءِ آسمان کُلي پيو ۽ خدا جو روح ھڪ ڪبوتر وانگر ھيٺ لھندو ۽ پاڻ تي ويھندو ڏٺائين.


عيسيٰ کيس جواب ڏنو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آھن، پر ابن⁠آدم کي اھا جاءِ بہ ڪانھي جتي مٿو لڪائي آرام ڪري.“


جيئن ئي عيسيٰ پاڻيءَ مان ٻاھر نڪتو تہ کيس آسمان کليل نظر آيو ۽ پاڪ روح کي ڪبوتر وانگر پاڻ تي لھندو ڏٺائين.


جڏھن سڀ ماڻھو بپتسما وٺي چڪا تہ عيسيٰ بہ بپتسما ورتي. انھيءَ مھل ھن جي دعا گھرندي آسمان کلي پيو،


پوءِ وڌيڪ چيائين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھين آسمان کلندو ڏسندا ۽ خدا جا ملائڪ ابن⁠آدم تي نازل ٿيندا ۽ مٿي ويندا ڏسندا.“


ھن ڏٺو تہ آسمان کلي پيو آھي ۽ ڪا شيءِ وڏيءَ چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي زمين طرف ھيٺ لھي رھي آھي.


ٽي دفعا ائين ٿيو ۽ پوءِ اھا شيءِ وري آسمان ڏانھن کڄي ويئي.


پر ھنن وٺي زور سان واڪا ڪيا، پنھنجا ڪن کڻي بند ڪيائون ۽ گڏجي استيفنس تي حملو ڪيائون.


خدا جو ھيڪل جيڪو آسمان ۾ آھي، سو کوليو ويو ۽ ھيڪل ۾ عھد جي صندوق نظر آئي ۽ پوءِ کنوڻيون، آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون، زلزلو آيو ۽ وڏا ڳڙا پيا.


پوءِ مون کي آسمان کليل نظر آيو، جنھن ۾ مون ھڪ اڇو گھوڙو ڏٺو ۽ انھيءَ تي جيڪو سوار ھو سو وفادار ۽ سچار سڏيو ويندو آھي. ھو سچائيءَ سان انصاف ۽ جنگ ڪري ٿو.


انھن ڳالھين کان پوءِ مون نھاريو تہ آسمان ۾ ھڪڙو کليل دروازو ڏٺم، ۽ اھو توتاري جھڙو آواز جيڪو مون اڳ ۾ ٻڌو ھو، سو وري ٻڌڻ ۾ آيو ۽ چيائين تہ ”ھيڏانھن اچ تہ آءٌ تو کي اھي ڳالھيون ڏيکاريان، جيڪي ھن کان پوءِ ٿيڻ واريون آھن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ