Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 7:25 - Common Language New Testament

25 موسيٰ سمجھيو ھو تہ ’منھنجي قوم وارا سمجھندا تہ خدا منھنجي وسيلي کين ظلم کان ڇوٽڪارو ڏيندو،‘ پر ھنن نہ سمجھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ۽ ڀانيائين تہ منهنجا ڀائر سمجهندا تہ خدا منهنجي هٿان کين ڇوٽڪارو ڏيندو؛ پر هنن سمجهيو ئي ڪين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 موسيٰ سوچيو هو تہ ’منهنجي قوم وارا سمجھندا تہ ايشور منهنجي وسيلي کين ظلم کان ڇڏائيندو،‘ پر هنن نہ سمجھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 موسيٰ سوچيو هو تہ ’منهنجي قوم وارا سمجھندا تہ خدا منهنجي وسيلي کين ظلم کان ڇڏائيندو،‘ پر هنن نہ سمجھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 7:25
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اھي مسيح جي انھيءَ ڳالھہ جو مطلب سمجھي نہ سگھيا ۽ کانئس پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.


پر شاگردن انھن مان ڪا ھڪڙي ڳالھہ بہ نہ سمجھي. انھن ڳالھين جي معنيٰ کانئن ڳجھي رکي ويئي ۽ جيڪي ڳالھيون چيون ويون، تن جي کين پروڙ ئي ڪانہ پئي.


پر ھنن اھا ڳالھہ نہ سمجھي ۽ اھا انھن کان ڳجھي رھي، انھيءَ لاءِ تہ ھو اھا نہ سمجھن. انھيءَ بابت عيسيٰ کان پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.


اتي پھچي ھنن ڪليسيا جي ماڻھن کي گڏ ڪيو ۽ کين سڄو سربستو احوال ڪري ٻڌايائون تہ ڪيئن ھنن خدا جي معرفت ڪم ڪيا ۽ ڪھڙيءَ طرح خدا غير قومن جي لاءِ ايمان جو دروازو کولي ڇڏيو.


جڏھن ھو يروشلم ۾ پھتا تہ ڪليسيا جي ماڻھن، رسولن ۽ بزرگن سندن استقبال ڪيو ۽ جيڪي خدا ھنن جي وسيلي ڪيو ھو سو سڀ کين بيان ڪري ٻڌايائون.


گھڻي بحث کان پوءِ پطرس اٿي بيٺو ۽ چيائين تہ ”ڀائرؤ! اوھان کي خبر آھي تہ ڪجھہ وقت اڳ ۾ خدا مون کي اوھان مان چونڊيو ھو تہ غير قومون منھنجي واتان خوشخبريءَ جو ڪلام ٻڌي ايمان آڻين.


پولس انھن کي سلام ڪرڻ بعد اھي سڀيئي ڪم ترتيبوار ٻڌايا، جيڪي خدا سندس معرفت غير قومن ۾ ڪيا ھئا.


ھن وڃي ڏٺو تہ سندس قوم بني اسرائيل جي ھڪڙي ماڻھوءَ سان ڪو مصري ظلم پيو ڪري. تنھنڪري موسيٰ انھيءَ جي مدد ڪرڻ ويو ۽ انھيءَ مصريءَ کي ماري ھن جو بدلو ورتائين.


ٻئي ڏينھن ھن بني اسرائيل جي ٻن ماڻھن کي پاڻ ۾ وڙھندي ڏٺو ۽ انھن ۾ صلح ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين تہ ’توھين پاڻ ۾ ڀائر آھيو، سو ڇو ٿا ھڪٻئي سان وڙھو؟‘


آءٌ رڳو انھن ڪمن بابت دليريءَ سان ڳالھايان ٿو، جيڪي مسيح قول ۽ فعل جي وسيلي مون کان ڪرايا، تہ جيئن غير قومون خدا جون تابعدار ٿين.


پر جيڪي ڪجھہ آھيان، سو خدا جي فضل سان آھيان ۽ خدا جو فضل مون تي اجايو نہ ھو. بلڪ مون ٻين سڀني رسولن کان وڌيڪ محنت ڪئي، تنھن ھوندي بہ آءٌ نہ، پر اھو خدا جو فضل ھو جيڪو مون ساڻ آھي.


ڇالاءِ⁠جو اسين خدا سان گڏ ڪم ڪندڙ آھيون ۽ اوھين خدا جي پوک ۽ خدا جي عمارت آھيو.


اسين جيڪي خدا سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا آھيون، سي ھيءَ بہ منٿ ڪريون ٿا تہ خدا جو فضل جيڪو اوھان تي ٿيو آھي سو اجايو نہ وڃايو.


انھيءَ مقصد لاءِ آءٌ سندس انھيءَ طاقت موجب جانفشانيءَ سان محنت ٿو ڪريان، جيڪا مون ۾ زور سان اثر ڪري ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ