Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 6:13 - Common Language New Testament

13 پوءِ اھي ڪن اھڙن ماڻھن کي اندر وٺي آيا، جيڪي ھن جي مٿان ڪوڙي شاھدي ڏين. انھن ماڻھن چيو تہ ”ھي ماڻھو ھميشہ اسان جي پاڪ ھيڪل ۽ موسيٰ جي شريعت جي خلاف ڳالھائيندو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ ڪوڙا شاهد کڙا ڪيائون، جن چيو تہ هي ماڻهو هن پاڪ جاءِ ۽ شريعت جي برخلاف ڳالهائڻ کان بس ئي نٿو ڪري:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 پوءِ اهي ڪن اهڙن ماڻهن کي اندر وٺي آيا، جيڪي هن جي مٿان ڪوڙي شاهدي ڏين. انهن ماڻهن چيو تہ ”هي ماڻهو هميشہ اسان جي پوِتر هيڪل ۽ موسيٰ جي نيم جي خلاف ڳالهائيندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 پوءِ اهي ڪن اهڙن ماڻهن کي اندر وٺي آيا، جيڪي هن جي مٿان ڪوڙي شاهدي ڏين. انهن ماڻهن چيو تہ ”هي ماڻهو هميشہ اسان جي مقدس هيڪل ۽ موسيٰ جي شريعت جي خلاف ڳالهائيندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 6:13
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”جڏھن اوھين خوفناڪ ۽ نفرت جھڙي شيءِ کي مقدس جاءِ ۾ بيٺل ڏسو، جنھن بابت دانيال نبي ٻڌائي ويو آھي، (جيڪو انھيءَ بابت پڙھي سو ضرور ان تي غور ڪري.)


سردار ڪاھنن ۽ سڄي ڪائونسل ڪوشش ڪئي تہ عيسيٰ جي خلاف ڪا ڪوڙي شاھدي ملي تہ جيئن کيس موت جي سزا ڏيارين.


انھن واڪا ڪري ٿي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! مدد ڪريو. ھي اھو ماڻھو آھي جيڪو جتي ڪٿي وڃي سڀني ماڻھن کي اسان جي قوم، شريعت ۽ ھن ھيڪل جي خلاف ڀڙڪائي ٿو. ھن ھاڻي ڪن غير قوم وارن کي بہ ھيڪل ۾ آڻي ھن مقدس جاءِ جي بي⁠حرمتي ڪئي آھي.“


پولس پنھنجي بچاءَ ۾ چيو تہ ”مون يھودين جي شريعت جو، ھيڪل جو يا قيصر جو ڪوبہ ڏوھہ ڪونہ ڪيو آھي.“


تنھن تي ھنن ڪن ماڻھن کي رشوت ڏيئي سيکاريو تہ اھي چون تہ ”اسان ھن کي موسيٰ ۽ خدا بابت ڪفر جون ڳالھيون ڪندي ٻڌو آھي.“


ھو کيس شھر مان ٻاھر ڪڍي سنگسار ڪرڻ لڳا. استيفنس مٿان شاھدي ڏيندڙن پنھنجا ڪپڙا شائول نالي ھڪڙي نوجوان وٽ لاھي رکيا.


ڇالاءِ⁠جو جڏھن ڪاھني بدلجي ٿي، تڏھن شريعت جو بدلجڻ بہ لازمي ٿيو پوي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ