Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 5:34 - Common Language New Testament

34 پر انھن مان گملي⁠ايل نالي ھڪڙو فريسي، جيڪو شريعت جو عالم ھو ۽ سڀني ماڻھن ۾ عزت ھئس، سو ڪائونسل جي اڳيان اٿي بيٺو ۽ رسولن کي ٿوري وقت لاءِ ٻاھر وٺي وڃڻ جو حڪم ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 پر گملي ايل نالي هڪڙو فريسي، جو شريعت جو عالم هو ۽ سڀني ماڻهن ۾ عزت وارو هو، تنهن مجلس ۾ اُٿي حڪم ڏنو تہ هنن ماڻهن کي ٿوري وقت لاءِ ٻاهر وٺي وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 پر انهن مان گملي‌ايل نالي هڪڙو فريسي، جيڪو نيم شاستري ۽ سڀني ماڻهن ۾ مانوارو هو، سو پئنچائت جي اڳيان اُٿي بيٺو ۽ سنتن کي ٿوري وقت لاءِ ٻاهر وٺي وڃڻ جو حڪم ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 پر انهن مان گملي‌ايل نالي هڪڙو فريسي، جيڪو شريعت جو عالم هو ۽ سڀني ماڻهن ۾ عزت هئس، سو ڪائونسل جي اڳيان اُٿي بيٺو ۽ رسولن کي ٿوري وقت لاءِ ٻاهر وٺي وڃڻ جو حڪم ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 5:34
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٽئين ڏينھن تي ھنن عيسيٰ کي ھيڪل ۾ لڌو، جتي ھو يھودين جي عالمن سان ويٺو ھو ۽ انھن جي ٻڌي ساڻن سوال جواب پئي ڪيائين.


ھڪڙي ڏينھن عيسيٰ تعليم ڏيئي رھيو ھو تہ ڪي فريسي ۽ شريعت جا عالم بہ اتي ويٺا ھئا، جيڪي گليل ۽ يھوديہ جي ھر ڳوٺ ۽ يروشلم کان آيا ھئا. بيمارن کي شفا ڏيڻ لاءِ خداوند جي قدرت عيسيٰ سان ساڻ ھئي.


عيسيٰ وراڻيس تہ ”تون تہ بني اسرائيل جو وڏو استاد آھين ۽ تو کي ايتري بہ ڄاڻ نہ آھي؟


”آءٌ ھڪ يھودي آھيان، جو ڪلڪيا جي شھر ترسس ۾ پيدا ٿيس ۽ ھتي يروشلم ۾ وڏو ٿيس. مون گملي⁠ايل وٽان علم حاصل ڪيو. ھن مون کي وڏن جي شريعت جي بہ مڪمل تعليم ڏني. جھڙيءَ طرح اوھين سڀيئي اڄ خدا جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آھيو تھڙيءَ طرح آءٌ بہ ھوندو ھوس.


تنھنڪري انھن کين ڪائونسل کان ٻاھر نڪري وڃڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ


انھيءَ حڪم موجب رسول صبح جو سوير ئي ھيڪل ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳا. وڏي سردار ڪاھن ۽ سندس ساٿين يھودين جي سڀني بزرگن کي پاڻ وٽ سڏايو تہ جيئن ڪائونسل جي مڪمل گڏجاڻي ٿئي. پوءِ انھن جيل ڏانھن چوائي موڪليو تہ رسولن کي حاضر ڪيو وڃي.


ھنن رسولن کي آڻي ڪائونسل جي اڳيان بيھاريو. وڏي سردار ڪاھن کانئن پڇا ڳاڇا ڪندي


پوءِ ھن ڪائونسل کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوھين ھنن سان جيڪي ڪريو، سو سنڀالي ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ