Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 5:33 - Common Language New Testament

33 جڏھن ڪائونسل جي ماڻھن اھو ٻڌو تہ اھي ايترا تہ ڪاوڙيا جو رسولن کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 پر هو هي ٻُڌي سڙي ويا، ۽ دل ۾ آين تہ هنن کي ماري وجهون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

33 جڏهن پئنچائت جي ماڻهن اهو ٻڌو تہ اهي ايترا تہ ڪاوڙيا جو سنتن کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 جڏهن ڪائونسل جي ماڻهن اهو ٻڌو تہ اهي ايترا تہ ڪاوڙيا جو رسولن کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 5:33
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھن جو مڱيندو ھڪ نيڪ ماڻھو ھو، تنھنڪري ھن خيال ڪيو تہ ”ڇو نہ مريم کي چپ چاپ ۾ ڇڏي ڏيان ۽ خلق ۾ خوار نہ ڪريانس.“


ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو، پيءُ پنھنجي ٻار کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو ۽ ٻار پنھنجي ماءُ⁠پيءُ کان ڦري ويندا ۽ ھنن کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندا.


شاگرد لاءِ اھو سٺو آھي تہ ھو پنھنجي استاد سان ھر حال ۾ شامل رھي ۽ غلام لاءِ تہ پنھنجي مالڪ سان. جيڪڏھن گھر جي مالڪ کي ئي بعل⁠زبول ڪري سڏيو وڃي تہ سندس گھر جي ڀاتين کي تہ ان کان بہ وڌيڪ بدتر ڪري سڏيندا.“


پوءِ اوھان کي عذاب ڏيڻ ۽ مارائڻ لاءِ ٻين جي حوالي ڪيو ويندو. منھنجي نالي جي ڪري سڀني قومن جا ماڻھو اوھان کان نفرت ڪندا.


شريعت جي عالمن ۽ سردار ڪاھنن انھيءَ وقت ڪوشش پئي ڪئي تہ عيسيٰ کي پڪڙايون، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن ڄاتو پئي تہ ”ھن اھو مثال اسان تي آندو آھي.“ پر ھو ماڻھن کان ڊنا ٿي.


ھو ڪاوڙ ۾ تپي باھہ ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ صلاحون ڪرڻ لڳا تہ ”عيسيٰ سان ڇا ڪرڻ گھرجي؟“


مون اوھان کي جيڪي ٻڌايو آھي سو ياد رکو تہ ڪوبہ غلام پنھنجي مالڪ کان وڏو نہ آھي. سو جيڪڏھن ماڻھن مون کي ستايو آھي تہ اوھان کي بہ ستائيندا. جيڪڏھن انھن منھنجي تعليم تي عمل ڪيو آھي تہ اوھان جي تعليم تي بہ عمل ڪندا.


ماڻھو اوھان کي عبادت⁠خانن مان ڪڍي ڇڏيندا ۽ اھو بہ وقت ايندو جڏھن ڪو اوھان کي ماري وجھندو ۽ ائين سمجھندو تہ ’آءٌ خدا جي خدمت ٿو ڪريان.‘


جڏھن ماڻھن اھو ٻڌو تہ اھا ڳالھہ سندن دلين ۾ چڀي ويئي ۽ پطرس ۽ ٻين رسولن کي چيائون تہ ”ڀائرؤ! اسين ھاڻي ڇا ڪريون؟“


ايستائين ھو پولس جي ڳالھہ ٻڌندا رھيا ۽ پوءِ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”ھن ماڻھوءَ کي ختم ڪري ڇڏيو، ڇالاءِ⁠جو اھڙو ماڻھو دنيا ۾ رھڻ جي لائق نہ آھي.“


جيئن ئي ڪائونسل جي ماڻھن استيفنس جون اھي ڳالھيون ٻڌيون تہ اھي دل ۾ سڙي ويا ۽ ڪاوڙ ۾ اچي پنھنجا ڏند ڪرٽڻ لڳا.


گھڻن ڏينھن گذرڻ کان پوءِ يھودين گڏجي سازش سٽي تہ شائول کي قتل ڪجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ