Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 5:32 - Common Language New Testament

32 اسين انھن ڳالھين جا شاھد آھيون ۽ پاڪ روح بہ، جو خدا انھن کي ڏنو آھي جيڪي سندس فرمانبردار آھن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 اسين انهيءَ ڳالهہ جا شاهد آهيون؛ ۽ پاڪ روح بہ، جو خدا انهن کي ڏنو آهي جي سندس حڪم ٿا مڃين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 اسين انهن ڳالهين جا شاهد آهيون بلڪ پوِتر آتما بہ، جيڪا ايشور انهن کي ڏني آهي جيڪي سندس فرمانبردار آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 اسين انهن ڳالهين جا شاهد آهيون بلڪ پاڪ روح بہ، جو خدا انهن کي ڏنو آهي جيڪي سندس فرمانبردار آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 5:32
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھن اھا ڳالھہ پاڪ روح بابت ٿي ڪئي، جيڪو انھن ماڻھن کي ملڻو ھو جن مٿس ايمان آندو ھو. پر انھن کي پاڪ روح اڃا نہ مليو ھو، ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ جو جلوو اڃا ظاھر نہ ٿيو ھو.


پر جڏھن پاڪ روح اوھان تي نازل ٿيندو، تڏھن اوھان کي طاقت ملندي ۽ اوھين يروشلم ۾، سڄي يھوديہ ۽ سامريہ ۾ بلڪ سڄيءَ دنيا ۾ منھنجا شاھد ٿيندا.“


جڏھن پطرس اڃا ڳالھايو ئي پئي تہ انھن سڀني تي پاڪ روح نازل ٿيو، جيڪي ڪلام ٻڌي رھيا ھئا.


۽ ڪيترن ئي ڏينھن تائين ھو انھن کي ڏيکاري ڏيندو رھيو، جيڪي ساڻس گليل کان يروشلم تائين گڏ ھئا. اھي ھاڻي بني اسرائيل جي قوم آڏو سندس شاھد آھن.


پاڪ روح ۽ اسان ضروري سمجھيو تہ ھنن خاص حڪمن کان سواءِ اوھان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھون.


انھيءَ ئي عيسيٰ کي خدا جياريو ۽ اسين سڀ ان ڳالھہ جا شاھد آھيون.


اھي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ انھيءَ جي قدرت سان ڌاريون ٻوليون ڳالھائڻ لڳا.


پطرس ۽ ٻين رسولن جواب ۾ چيو تہ ”اسان کي ماڻھن جو نہ، پر خدا جو چيو مڃڻ کپي.


اھو روح پاڻ اسان جي روح سان گڏ شاھدي ٿو ڏئي تہ اسين خدا جا ٻار آھيون.


ھي ٽيون دفعو آھي جو آءٌ اوھان ڏانھن پيو اچان. ٻن يا ٽن شاھدن جي واتان سڀڪا ڳالھہ ضرور ثابت ٿي پوندي، جيئن توريت ۾ لکيل آھي.


انھن نبين تي ھيءَ ڳالھہ ظاھر ڪئي ويئي تہ اھي پنھنجي نہ، پر اوھان جي خدمت لاءِ اھي ڳالھيون بيان ڪندا ھئا، جن جي خبر ھاڻي اوھان کي انھن پيغمبرن جي معرفت ملي، جن آسمان مان موڪليل پاڪ روح جي وسيلي اوھان کي خوشخبري ٻڌائي. ھي ڳالھيون اھڙيون آھن جن کي ملائڪ بہ سمجھڻ جا خواھشمند آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ