Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 5:2 - Common Language New Testament

2 پر حنانياہ ڪجھہ پيسا پنھنجي لاءِ رکي ڇڏيا، جنھن جي سندس زال کي بہ خبر ھئي. باقي پيسا کڻي ھن رسولن جي اڳيان آڻي رکيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ هن انهيءَ جي قيمت مان ڪجهہ لڪائي رکي ڇڏيو، جنهن جي سندس زال کي بہ خبر هئي؛ ۽ باقي آڻي رسولن جي پيرن وٽ رکيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 پر حننياہ ڪجھہ پئسا پنهنجي لاءِ رکي ڇڏيا، جنهن جي سندس پتنيءَ کي بہ سڌ هئي. باقي پئسا کڻي هن سنتن جي قدمن ۾ آڻي رکيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 پر حننياہ ڪجھہ پئسا پنهنجي لاءِ رکي ڇڏيا، جنهن جي سندس زال کي بہ خبر هئي. باقي پئسا کڻي هن رسولن جي قدمن ۾ آڻي رکيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 5:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھو پنھنجا سڀ ڪم ماڻھن کي ڏيکارڻ لاءِ ٿا ڪن. انھيءَ ڪري ھو پنھنجون تسبيحون وڏيون ٿا ڪن ۽ وڏا جبا پائين ٿا.


ھن اھي لفظ غريبن جي ھمدرديءَ لاءِ نہ چيا، پر ھو پاڻ چور ھو ۽ انھيءَ لاءِ چيائين تہ ھو انھن پئسن مان ڪجھہ چورائي، ڇالاءِ⁠جو پئسن جي ڳوٿري وٽس رھندي ھئي.


جن ايمان آندو سي سڀ گڏ گذارڻ لڳا ۽ ھڪٻئي جي شين ۾ ڀائيوار ٿي رھندا ھئا.


انھيءَ وٽ ھڪڙي ٻني ھئي، جا ھن وڪڻي ان جا پيسا آڻي رسولن جي اڳيان رکيا.


حنانياہ نالي ھڪڙي ماڻھوءَ ۽ سندس زال صفيرا پنھنجي ڪجھہ ملڪيت وڪي.


تنھن تي پطرس چيس تہ ”اي حنانياہ! ڇو شيطان تنھنجي دل ۾ اھڙو خيال وڌو، جو تو پاڪ روح سان ڪوڙ ڳالھايو ۽ ٻنيءَ جي پيسن مان ڪجھہ پاڻ وٽ رکي ڇڏيئِہ؟


پطرس ان کي چيو تہ ”مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا سڀ پيسا اھي ئي ھئا جيڪي تو کي ۽ تنھنجي مڙس کي اوھان جي ملڪيت مان مليا؟“ تنھن تي ھن چيو تہ ”ھا، اھي ئي پيسا مليا.“


ذاتي لالچ ۽ اجائي ھٺ کان ڪجھہ بہ نہ ڪريو، بلڪ نماڻائيءَ سان ھڪ ٻئي کي پاڻ کان بھتر سمجھو.


ڇالاءِ⁠جو پيسي سان پيار رکڻ، ھر قسم جي برائيءَ جي پاڙ آھي. ڪي ماڻھو پيسي جا طلبگار ٿي ايمان کان گمراھہ ٿي ويا ۽ طرح طرح جي ڏکن ۾ پاڻ کي وڪوڙي ڇڏيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ