Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 5:19 - Common Language New Testament

19 پر انھيءَ رات خداوند جي ھڪڙي ملائڪ اچي جيل جا دروازا کوليا ۽ رسولن کي ٻاھر ڪڍيائين ۽ کين چيائين تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 پر خداوند جو هڪڙو ملائڪ رات جو قيدخاني جا در کولي انهن کي ٻاهر وٺي آيو ۽ چيائين تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 پر انهيءَ رات پرڀوءَ جي هڪڙي دوت اچي جيل جا دروازا کوليا ۽ سنتن کي ٻاهر ڪڍي کين چيائين تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 پر انهيءَ رات خداوند جي هڪڙي ملائڪ اچي جيل جا دروازا کوليا ۽ رسولن کي ٻاهر ڪڍي کين چيائين تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 5:19
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جڏھن ھو انھن ڳالھين بابت ڳڻتيون ڪري رھيو ھو تہ ھن کي خواب ۾ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو جنھن چيس تہ ”اي دائود جا اولاد يوسف! تون پنھنجي مڱينديءَ مريم سان شادي ڪرڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح جي قدرت سان کيس پيٽ ٿيو آھي.


سو جڏھن يوسف ننڊ مان جاڳي اٿيو، تڏھن جيئن خداوند جي ملائڪ چيو ھوس تيئن ئي ڪيائين ۽ مريم سان ئي شادي ڪيائين.


جڏھن اُھي ھليا ويا تہ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ يوسف کي خواب ۾ نظر آيو، جنھن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي مصر ڏانھن ڀڄي وڃ ۽ جيستائين آءٌ نہ چوانءِ تيستائين اُتي ئي رھجانءِ، ڇوتہ ھيروديس ٻار جي ڳولا ڪري کيس مارائڻ گھري ٿو.“


ھيروديس جي مرڻ کان پوءِ مصر ۾ يوسف کي خواب ۾ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو،


ايتري ۾ ڏاڍو زوردار زلزلو آيو ۽ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ آسمان مان ھيٺ لٿو ۽ قبر جي منھن واري پٿر کي پاسي تي ريڙھي مٿس چڙھي ويٺو.


لوبان ٻارڻ واري جاءِ جي ساڄي پاسي خداوند جي ھڪ ملائڪ ھن کي ڏيکاري ڏني.


تہ انھن وٽ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ اچي بيٺو ۽ خداوند جو جلوو انھن جي چوڌاري چمڪڻ لڳو، جنھن ڪري ھو ڏاڍا ڊڄي ويا.


ھڪڙي ڏينھن ٽپھريءَ جو ھن رويا ۾ خدا جي ھڪڙي ملائڪ کي چٽيءَ طرح ڏٺو، جنھن چيس تہ ”اي ڪرنيليس!“


انھيءَ دم خداوند جي ھڪڙي ملائڪ ھيروديس کي ڌڪ ھڻي ڪيرائي وڌو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو انھيءَ شرڪ تي خاموش رھيو. پوءِ تہ ھن ۾ جيت پئجي ويا ۽ ھو مري ويو.


اوچتو ھڪڙو وڏو زلزلو آيو، جنھن جيل جون ڀتيون پيڙھہ تائين لوڏي ڇڏيون. ھڪدم سڀ دروازا کلي پيا ۽ سڀني قيدين جون ٻيڙيون ڪري پيون.


ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن خدا جو آءٌ ٻانھو آھيان ۽ جنھن جي آءٌ عبادت ٿو ڪريان، تنھن جو ملائڪ رات منھنجي ڀرسان اچي بيٺو


خداوند جي ھڪڙي ملائڪ فلپس کي چيو تہ ”تيار ٿيءُ ۽ ڏکڻ طرف ان رستي سان وڃ، جيڪو يروشلم کان غزہ ڏانھن بيابان مان وڃي ٿو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ