Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 5:17 - Common Language New Testament

17 پوءِ وڏو سردار ڪاھن ۽ سندس ساٿي جيڪي صدوقين جي مقامي فرقي جا ماڻھو ھئا، سي رسولن تي ڏاڍا ساڙ کائڻ لڳا. سو اھي رسولن خلاف اٿي کڙا ٿيا

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 پر سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي (جي صدوقين جي فرقي جا هئا)، تن کي ڏاڍا ساڙ لڳا ۽ هو اُٿي کڙا ٿيا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 پوءِ وڏو سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي جيڪي صدوقين جي مقامي پنٿ جا ماڻهو هئا، سي سنتن تي ڏاڍا ساڙ کائڻ لڳا. سو اهي سنتن خلاف اُٿي کڙا ٿيا

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 پوءِ وڏو سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي جيڪي صدوقين جي مقامي فرقي جا ماڻهو هئا، سي رسولن تي ڏاڍا ساڙ کائڻ لڳا. سو اهي رسولن خلاف اُٿي کڙا ٿيا

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 5:17
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇاڪاڻ⁠تہ ھن ڄاتو پئي تہ ھنن حسد کان عيسيٰ کي قيد ڪري وٽس آندو آھي.


يحيٰ جڏھن ڏٺو تہ ڪيئي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رھيا آھن، تڏھن انھن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوھان کي ڪنھن ٻڌايو آھي تہ اوھين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟


تنھنڪري سردار ڪاھنن لعزر کي بہ مارڻ جون سازشون سٽيون،


تنھن تي فريسي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”اسان کي ڪو ليکي بہ نہ ٿو. پر ھن کي تہ ڏسو، سڄي دنيا سندس پٺيان پيئي ھلي!“


جڏھن يھودين ميڙ ڏٺا تہ حسد وٺي وين، سو ھو پولس جي تبليغ خلاف بدشد ڳالھائڻ لڳا ۽ ھن جي بي⁠عزتي ڪيائون.


پر فريسي جن ايمان آندو ھو تن مان ڪي اٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ”غير قومن جو طھر ضرور ٿيڻ کپي ۽ کين تاڪيد ڪيو وڃي تہ ھو موسيٰ جي شريعت تي ھلن.“


پر گھڻن يھودين کي حسد ٿيو، سو انھن ڪي بازاري لوفر وٺي ھڪ ٽولو ٺاھيو، جن سڄو شھر مٿي تي کنيو. انھن ياسون جي گھر تي حملو ڪيو تہ جيئن اتان پولس ۽ سيلاس کي ٻاھر ڪڍي خلق جي اڳيان وٺي اچن.


دنيا جا بادشاھہ تيار ٿي آيا، حاڪم اچي گڏ ٿيا ۽ خداوند ۽ سندس مسيح سان مقابلو ڪرڻ لڳا.‘


وڏو سردار ڪاھن حنا ۽ ھن سان گڏ قائفا، يوحنا، سڪندر ۽ ٻيا جيڪي سردار ڪاھن جا مٽ مائٽ ھئا سي بہ اتي موجود ھئا.


يروشلم جي آس⁠پاس وارن ڳوٺن مان ماڻھن جا ڪيترائي ميڙ پنھنجا بيمار ۽ ڀوتن ورتل ماڻھو کڻي ايندا ھئا ۽ انھن سڀني کي شفا ملندي ھئي.


اھي بزرگ پنھنجي ڀاءُ يوسف تي ساڙ کائڻ لڳا ۽ کيس انھن ماڻھن وٽ وڪيائون، جيڪي ھن کي غلام ڪري مصر ڏانھن وٺي ويا. پر خدا ھن ساڻ ھو


بغض، نشي⁠بازي، عيش⁠پرستي ۽ ٻيا اھڙا ڪم. انھن بابت جيئن اڳي بہ مون اوھان کي خبردار ڪيو ھو، تيئن ھاڻي بہ خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪي اھڙا ڪم ڪن ٿا سي خدا جي بادشاھت جا وارث ڪين ٿيندا.


ڇا اوھين ائين ٿا سمجھو تہ پاڪ ڪلام جو ائين چوڻ اجايو آھي تہ ”جيڪو پاڪ روح ھن اسان ۾ رھڻ لاءِ وڌو، سو سخت غيرتمند آھي؟“


تنھنڪري ھر طرح جي بدخواھي، سموري ٺڳي، رياڪاري، حسد ۽ ھر قسم جي گلا غيبت کي پاڻ مان ڪڍي ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ