Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 5:11 - Common Language New Testament

11 سڄي ڪليسيا جي ماڻھن ۽ ٻين، جن بہ اھو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 پوءِ ساري ڪليسيا ۽ جن اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 وشواسين جي سڄي منڊليءَ ۽ ٻين، جن بہ اهو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 سڄي ڪليسيا جي ماڻهن ۽ ٻين، جن بہ اهو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 5:11
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يھودي ۽ غير قوم وارا جيڪي اِفسس ۾ رھندا ھئا، تن سڀني کي جڏھن ھيءَ خبر پيئي تہ ڊپ وٺي وين ۽ خداوند عيسيٰ جي نالي کي وڏي عزت ۽ آبرو ڏيڻ لڳا.


رسولن ڪيترائي معجزا ۽ عجب جھڙا ڪم ڪيا، سو انھيءَ ڪري ھر ھڪ کي خدا جو خوف وڪوڙي ويو.


حنانياہ اھو ٻڌڻ شرط ھيٺ ڪري پيو ۽ مري ويو. جن بہ اھو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.


انھيءَ کان پوءِ سڄي يھوديہ، گليل ۽ سامريہ جي ڪليسيائن کي امن حاصل ٿيو. اھي قائم ٿينديون ويون ۽ خداوند جي خوف ۽ پاڪ روح جي مدد سان وڌنديون ويون.


تنھنڪري اي منھنجا پيارا دوستو! جيئن اوھين ھميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آھيو تيئن نہ رڳو منھنجي موجودگيءَ ۾ پر ھاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ، انھيءَ ڪم کي ادب ۽ تابعداري ڪندي پورو ڪندا رھو، جيڪو ڇوٽڪاري جي ڪري ڪريو ٿا.


ايمان جي ڪري ئي نوح کي انھن ڳالھين جي باري ۾ خدا خبردار ڪيو جيڪي اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون ھيون ۽ ھن خدا جي خوف کان پنھنجي خاندان جي بچاءَ لاءِ ھڪڙو ٻيڙو ٺاھيو. اھڙيءَ طرح ھن دنيا کي ڏوھي ٺھرايو ۽ انھيءَ سچائيءَ جو وارث ٿيو، جيڪا ايمان جي ڪري آھي.


خيال رکو تہ ڪوبہ ماڻھو خدا جي فضل کان محروم نہ رھجي وڃي، متان ڪا ڪڙي پاڙ ڦُٽي اوھان کي تڪليف ڏئي ۽ انھيءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻھو پليت ٿي پون.


تنھنڪري اچو تہ اھڙي بادشاھت حاصل ڪريون، جيڪا لڏي وڃڻ واري ناھي. اسين شڪرگذار ٿيون ۽ اھڙي ادب ۽ خوف سان عبادت ڪريون جو اھا خدا کي پسند اچي.


جڏھن تہ خدا جي آرام ۾ داخل ٿيڻ جو واعدو اڃا باقي رھيل آھي، تڏھن اسان کي خبردار رھڻ گھرجي تہ متان ائين نہ ٿئي جو اوھان مان ڪو پوئتي رھيل نظر اچي.


ھاڻي جيڪڏھن اوھين انھيءَ کي پيءُ ڪري سڏيو ٿا، جيڪو ھرھڪ ماڻھوءَ جي ڪم موجب بنا طرفداريءَ جي انصاف ٿو ڪري، تہ پوءِ پنھنجي ھيءَ مسافرن واري زندگي خدا جي خوف ۾ گذاريو.


اي خداوند! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟ تنھنجي نالي جي واکاڻ ڪير نہ ڪندو؟ ڇالاءِ⁠جو رڳو تون ئي پاڪ آھين. سڀيئي قومون اچي تنھنجي اڳيان سجدو ڪنديون، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي انصاف جا ڪم ظاھر ٿيا آھن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ