Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 4:7 - Common Language New Testament

7 انھن پطرس ۽ يوحنا کي پنھنجي اڳيان بيھاري پڇيو تہ ”ڪنھن جي قدرت سان يا ڪنھن جي نالي تي اوھان اھو ڪم ڪيو آھي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ اهي رسولن کي وچ ۾ بيهاري پڇڻ لڳا تہ ڪهڙي قدرت سان، يا ڪنهن جي نالي تي اوهان ائين ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 انهن پطرس ۽ يوحنا کي پنهنجي اڳيان بيهاري پڇيو تہ ”ڪنهن جي شڪتيءَ سان يا ڪنهن جي نالي تي اوهان اهو ڪم ڪيو آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 انهن پطرس ۽ يوحنا کي پنهنجي اڳيان بيهاري پڇيو تہ ”ڪنهن جي قدرت سان يا ڪنهن جي نالي تي اوهان اهو ڪم ڪيو آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 4:7
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ ھيڪل ۾ موٽي آيو ۽ جيئن تعليم پئي ڏنائين تہ سردار ڪاھن ۽ يھودين جا بزرگ وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”تون ڪھڙي اختياريءَ سان ھي ڪم ٿو ڪرين؟ اھو ڪير آھي جنھن تو کي اھا اختياري ڏني آھي؟“


۽ پڇيائونس تہ ”تون ڪھڙي اختياريءَ سان ھي ڪم ڪرين ٿو؟ تو کي ھن ڪم جي اختياري ڪنھن ڏني آھي؟“


پوءِ يھودي اڳواڻن کيس چيو تہ ”تو کي ڪھڙو حق آھي جو تون ائين ڪرين ٿو؟ جيڪڏھن ڪو حق اٿيئي تہ اسان کي معجزو ڏيکار.“


شريعت جي عالمن ۽ فريسين ھڪڙي عورت کي آندو جنھن کي زنا ڪندي پڪڙيو ھئائون، تنھن کي وچ ۾ بيھاري


جڏھن انھن اھا ڳالھہ ٻڌي تڏھن انھن مان پھريائين وڏا ۽ پوءِ ننڍا ھڪڙو ھڪڙو ٿي ھليا ويا. پوءِ رڳو عيسيٰ اڪيلو وڃي رھيو ۽ اھا عورت بيٺي رھي.


پوءِ اوھان ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻھن کي ڄاڻڻ کپي تہ ھي ماڻھو، جيڪو اوھان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آھي سو عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آھي، جنھن کي اوھان صليب تي چاڙھيو ۽ خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو.


وڏو سردار ڪاھن حنا ۽ ھن سان گڏ قائفا، يوحنا، سڪندر ۽ ٻيا جيڪي سردار ڪاھن جا مٽ مائٽ ھئا سي بہ اتي موجود ھئا.


تنھن تي پطرس پاڪ روح سان ڀرجي چوڻ لڳو تہ ”اي امت جا حاڪمو ۽ بزرگو!


انھن رسولن کي اندر گھرائي چھبڪ ھڻايا ۽ کين سخت تاڪيد ڪيائون تہ ھو وري عيسيٰ جي نالي تي تعليم نہ ڏين. پوءِ انھن کي ڇڏي ڏنائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ