Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 4:34 - Common Language New Testament

34 سڄي ٽوليءَ ۾ اھڙو ڪوبہ ڪونہ ھو جنھن کي ڪنھن شيءِ جي محتاجي ھجي، ڇالاءِ⁠جو جن ماڻھن کي ٻنيون يا گھر ھئا سي اھي وڪڻي، پيسا آڻي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 ۽ منجهانئن ڪنهن کي بہ ڪمي ڪونہ هئي؛ هن ڪري جو جن ڪن کي زمين ۽ گهر هئا، سي سڀ وڪڻي انهن جي قيمت جا پيسا کڻي ايندا هئا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 ۽ منجھن اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جنهن کي ڪنهن شيءِ جي محتاجي هجي. انهيءَ ڪري جو جن ماڻهن کي ٻنيون يا گھر هئا سي اهي وڪڻي، پئسا آڻي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 ۽ منجھن اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جنهن کي ڪنهن شيءِ جي محتاجي هجي. انهيءَ ڪري جو جن ماڻهن کي ٻنيون يا گھر هئا سي اهي وڪڻي، پئسا آڻي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 4:34
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”جيڪڏھن تون ڪامل ٿيڻ گھرين ٿو تہ وڃي پنھنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُھي پيسا غريبن ۾ خيرات ڪر تہ بھشت ۾ تو کي خزانو ملندو ۽ پوءِ اچي منھنجو پوئلڳ ٿيءُ.“


عيسيٰ ھن کي چتائي ڏٺو ۽ ساڻس پيار ڪيو ۽ چيائين تہ ”تو ۾ اڃا ھڪڙي شيءِ جي گھٽتائي آھي. وڃ ۽ وڃي پنھنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اھي پيسا غريبن ۾ خيرات ڪر تہ بھشت ۾ تو کي خزانو ملندو. پوءِ اچ ۽ منھنجو پوئلڳ ٿيءُ.“


جيڪي اٿوَ، سو وڪڻي غريبن کي خيرات ۾ ڏيو ۽ پنھنجي لاءِ اھڙيون ڳوٿريون ٺاھيو جيڪي پئي پراڻيون نہ ٿين، يعني بھشت ۾ پنھنجي لاءِ اھڙو خزانو گڏ ڪريو جو کُٽي ئي نہ، جتي نہ چور ويجھو اچيس ۽ نہ ڪينئون ٽڪي خراب ڪريس.


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ٺڳيءَ جي ڪمائيءَ سان دوست پيدا ڪريو، انھيءَ لاءِ تہ جڏھن اھا دولت کُٽي وڃي تڏھن دائمي گھرن ۾ اھي اوھان جي آجيان ڪن.


عيسيٰ ھنن کان پڇيو تہ ”ان وقت جڏھن مون اوھان کي ڳوٿريءَ، ٻاچڪي يا جتيءَ کان سواءِ موڪليو ھو، تہ ڇا اوھان کي ڪا ٻي بہ گھرج ھئي؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ڪنھن شيءِ جي بہ نہ.“


اھي پنھنجو مال ملڪيت وڪڻي پيسا پاڻ ۾ ورھائيندا ھئا ۽ ھر ھڪ کي پنھنجي گھرج آھر ملندو ھو.


انھيءَ وٽ ھڪڙي ٻني ھئي، جا ھن وڪڻي ان جا پيسا آڻي رسولن جي اڳيان رکيا.


ھن وقت جيڪا اوھان وٽ گھڻائي آھي سا ھنن جي گھرج پوري ڪري، تہ جيئن ھنن وٽ جيڪا گھڻائي ٿئي سا اوھان جي ڪمي پوري ڪري. اھڙيءَ طرح ھڪجھڙائي ٿي ويندي.


انھيءَ طرح اوھان کي پنھنجي روزاني ھلت جي ڪري ڪليسيا کان ٻاھر وارن کان عزت حاصل ٿيندي ۽ اوھين ڪنھن جا بہ محتاج نہ ٿيندا.


انھيءَ طرح اھي ايندڙ وقت لاءِ پنھنجي واسطي اھڙي دولت ميڙيندا جيڪا پختي بنياد واري ھوندي، انھيءَ لاءِ تہ اھي اھڙي زندگي ھٿ ڪري سگھن جيڪا حقيقي آھي.


اسان جي پيءُ خدا جي نظر ۾ خالص ۽ بي⁠عيب دينداري اھا آھي تہ يتيمن ۽ رنن⁠زالن جي سندن مصيبت جي وقت سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا جي داغن کان بہ بچائي رکجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ