Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 4:33 - Common Language New Testament

33 رسول وڏيءَ قدرت سان خداوند عيسيٰ جي وري جيئري ٿيڻ جي شاھدي ڏيندا ھئا ۽ انھن سڀني تي خدا جو ڏاڍو فضل ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 ۽ رسول ڏاڍيءَ قدرت سان خداوند يسوع جي جِي اُٿڻ جي شاهدي ڏيندا هئا: ۽ سڀني تي گهڻو فضل هوندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

33 خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت وڏي شڪتيءَ سان پرڀو يسوع جي وري جيوت ٿيڻ جي شاهدي ڏيندا هئا. انهن سڀني وشواسين تي ايشور جي ڏاڍي ڪرپا هئي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 رسول وڏيءَ قدرت سان خداوند عيسيٰ جي وري جيئري ٿيڻ جي شاهدي ڏيندا هئا. انهن سڀني ايمان وارن تي خدا جو ڏاڍو فضل هو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 4:33
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ شاگردن وڃي ھر ھنڌ تبليغ ڪئي. خداوند انھن سان گڏ پئي ڪم ڪيو ۽ ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ انھن جي تبليغ سچي ھئي، ڇالاءِ⁠جو کين قدرت جون نشانيون ڏنيون ھئائين.


عيسيٰ قد ۽ سياڻپ سان گڏوگڏ خدا ۽ ماڻھن جي مقبوليت ۾ بہ وڌندو ويو.


ھن جي فضل جي گھڻائيءَ جي ڪري اسان سڀني کي بخشش پٺيان بخشش ملي آھي.


پر جڏھن پاڪ روح اوھان تي نازل ٿيندو، تڏھن اوھان کي طاقت ملندي ۽ اوھين يروشلم ۾، سڄي يھوديہ ۽ سامريہ ۾ بلڪ سڄيءَ دنيا ۾ منھنجا شاھد ٿيندا.“


ھو خدا جي واکاڻ ڪندا ھئا ۽ سڀني ماڻھن ۾ عزت ھين. سو خدا سندن ٽولي ۾ روزانو انھن کي شامل ڪندو رھندو ھو جن کي ڇوٽڪارو ملندو ھو.


تون پنھنجي شفا جو ھٿ ڊگھير ۽ پنھنجي پاڪ ٻانھي عيسيٰ جي نالي تي معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکار.“


ڇالاءِ⁠جو اسان جي خوشخبري اوھان وٽ نہ رڳو لفظي طور پر قدرت، پاڪ روح ۽ پوري يقين سان پھتي آھي. اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسين جڏھن اوھان وٽ ھئاسين تہ اوھان جي خاطر ڪھڙي زندگي گذاريسين.


خدا بہ نشانين، عجيب ڪمن ۽ طرح طرح جي معجزن سان پنھنجي مرضيءَ موجب پاڪ روح جون نعمتون ورھائيندي انھيءَ ڇوٽڪاري جي شاھدي ڏيندو رھيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ