Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 4:29 - Common Language New Testament

29 ھاڻي اي خداوند! تون ھنن جي دڙڪن تي نظر ڪر ۽ اسين، جيڪي تنھنجا ٻانھا آھيون تن کي اھڙي توفيق ڏي تہ جيئن اسين بي⁠ڊپا ٿي تنھنجو ڪلام ماڻھن کي ٻڌايون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 هاڻي، اي خداوند، تون هنن جي دڙڪن تي نظر ڪر، ۽ پنهنجن بندن کي توفيق ڏي تہ تنهنجو ڪلام ڏاڍا بي ڊپا ٿي ٻُڌائين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 هاڻي اي پرڀو! تون هنن جي دڙڪن تي نظر ڪر ۽ اسين، جيڪي تنهنجا داس آهيون تن کي اهڙي شڪتي ڏي تہ جيئن اسين بي‌ڊپا ٿي ماڻهن کي مسيح بابت تنهنجو سنديش ٻڌايون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 هاڻي اي خداوند! تون هنن جي دڙڪن تي نظر ڪر ۽ اسين، جيڪي تنهنجا ٻانها آهيون تن کي اهڙي توفيق ڏي تہ جيئن اسين بي‌ڊپا ٿي ماڻهن کي مسيح بابت تنهنجو پيغام ٻڌايون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 4:29
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر پولس ۽ برنباس دليريءَ سان ڳالھائڻ لڳا ۽ چيائون تہ ”اھو ضروري ھو تہ خدا جو ڪلام پھريائين اوھان يھودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اھو اوھان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي دائمي زندگيءَ جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنھنڪري اسين اوھان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا.


رسول اتي گھڻو وقت ترسيا ۽ خداوند بابت دليريءَ سان ڳالھائيندا رھيا. خداوند سندن ھٿان معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکاري پنھنجي فضل بابت سندن پيغام کي سچو ثابت ڪيو.


پولس ٽن مھينن تائين يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويندو رھيو ۽ انھن ماڻھن سان بي⁠ڊپو ٿي مضبوط دليلن سان خدا جي بادشاھت بابت بحث ڪندو ۽ کين مڃائيندو رھيو.


بادشاھہ جنھن سان آءٌ بي⁠ڌڙڪ ٿي ڳالھايان ٿو، تنھن کي بہ انھن ڳالھين جي پوري ڄاڻ آھي، بلڪ پڪ اٿم تہ انھن مان ڪابہ ڳالھہ کانئس ڳجھي نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو اھا ڳالھہ ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ نہ ٿي آھي.


ھو ڪنھن بہ رنڊڪ کان سواءِ ڏاڍيءَ ھمت سان خدا جي بادشاھت جي تبليغ ڪندو ھو ۽ خداوند عيسيٰ مسيح بابت تعليم ڏيندو ھو.


اھي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ ھي رواجي ماڻھو ٿوري تعليم ھوندي بہ ڪيترا نہ دلير آھن! پر پوءِ ڄاتائون تہ ھو عيسيٰ جا ساٿي آھن.


تنھن تي ڪائونسل انھن کي وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنو. انھن کي ڪوبہ سبب نظر نہ آيو جنھن جي ڪري کين سزا ڏين، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪي ڪجھہ ٿيو ھو تنھن تي سڀ ماڻھو خدا جي واکاڻ ڪري رھيا ھئا.


جڏھن انھن دعا گھري پوري ڪئي تہ اھا جاءِ ڌڏي ويئي جتي ھو گڏ ٿيا ھئا. اھي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ بي⁠ڊپا ٿي خدا جو ڪلام ٻڌائڻ لڳا.


تڏھن برنباس ھن جي مدد ڪئي ۽ کيس رسولن وٽ وٺي آيو. ھن انھن کي سمجھايو تہ شائول ڪيئن خداوند کي رستي ۾ ڏٺو ۽ ڪيئن خداوند ھن سان ڳالھايو. ھن اھو بہ ٻڌاين تہ شائول دمشق ۾ ڪيڏي نہ دليريءَ سان عيسيٰ جي نالي جي تبليغ ڪئي.


پوءِ شائول شاگردن سان گڏ يروشلم ۾ ايندو ويندو ھو ۽ دليريءَ سان خداوند جي نالي جي تبليغ پيو ڪندو ھو.


ھن ڪري تہ جيڪو ماڻھو عجيب ٻولي ڳالھائي ٿو، تنھن کي دعا گھرڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ ھو چوي ٿو تنھن جو ترجمو بہ ڪري سگھي.


تنھنڪري اسين اھڙي اميد جي ڪري وڏي دليريءَ سان ڳالھايون ٿا.


منھنجي قيد ۾ ھجڻ جي ڪري گھڻن ايمان وارن کي خداوند ۾ ڀروسو حاصل ٿيو آھي، ايتري قدر جو اھي وڌيڪ ھمت ۽ بي⁠خوفيءَ سان خدا جو ڪلام ٻڌائين ٿا.


اوھان کي خبر آھي تہ فلپي شھر ۾ ڏکن سھڻ ۽ بي⁠عزت ٿيڻ کان پوءِ بہ خدا اسان کي ھمت ڏني، جو سخت مخالفت جي باوجود اسان اوھان کي سندس خوشخبري ٻڌائي.


پر خداوند منھنجو طرف ورتو ۽ مون کي طاقت بخشيائين، انھيءَ لاءِ تہ منھنجي وسيلي خوشخبريءَ جي منادي پوري ٿئي ۽ سڀ غير قومون ان کي ٻڌن. سو آءٌ شينھن جي وات مان ڇڏايو ويس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ