Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 4:17 - Common Language New Testament

17 پر متان اھا ڳالھہ ماڻھن ۾ زيادہ پکڙجي وڃي، تنھنڪري اچو تہ ھنن کي دڙڪو ڏيون تہ وري عيسيٰ جي نالي جي ڳالھہ نہ ڪن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 پر متان اها ڳالهہ ماڻهن ۾ زيادہ پکڙجي وڃي، تنهنڪري اچو تہ هنن کي دڙڪو ڏيون، تہ اڳتي انهي نالي جو ڪنهن سان بہ ذڪر نہ ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 پر متان اها ڳالهہ وڌيڪ ماڻهن ۾ پکڙجي وڃي، تنهنڪري اچو تہ هنن کي دڙڪو ڏيون تہ يسوع جي نالي جي وري ڳالهہ نہ ڪن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 پر متان اها ڳالهہ وڌيڪ ماڻهن ۾ پکڙجي وڃي، تنهنڪري اچو تہ هنن کي دڙڪو ڏيون تہ عيسيٰ جي نالي جي وري ڳالهہ نہ ڪن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 4:17
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھنڪري اوھين حڪم جاري ڪريو تہ ٽن ڏينھن تائين قبر تي پھرو ڏنو وڃي، متان ھن جا شاگرد سندس ميت چورائي وڃن ۽ وڃي ماڻھن کي چون تہ ھو مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿيو آھي. سو متان ھيءَ پوئين ٺڳي پھرين کان بہ وڌيڪ خراب نہ ثابت ٿئي.“


تڏھن انھن جي ديد موٽي آئي. پوءِ کين سختيءَ سان تاڪيد ڪيائين تہ ”متان اھا ڳالھہ ڪنھن کي ٻڌايو.“


پر اِھي سڀ ڳالھيون ھو منھنجي نالي جي ڪري اوھان سان ڪندا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو انھيءَ کي نہ ٿا سڃاڻن جنھن مون کي موڪليو آھي.


تنھن تي ڪائونسل انھن کي وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنو. انھن کي ڪوبہ سبب نظر نہ آيو جنھن جي ڪري کين سزا ڏين، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪي ڪجھہ ٿيو ھو تنھن تي سڀ ماڻھو خدا جي واکاڻ ڪري رھيا ھئا.


جڏھن ھيڪل جي صوبيدار ۽ سردار ڪاھنن اھا ڳالھہ ٻڌي تڏھن وائڙا ٿي ويا.


کين چيو تہ ”اسان اوھان کي سخت تاڪيد ڪيو ھو تہ ھن ماڻھوءَ جي نالي تي تعليم نہ ڏيو. پر اٽلندو اوھان سڄي يروشلم ۾ پنھنجي تعليم پکيڙي ڇڏي آھي، جنھن ۾ اسان کي انھيءَ جي موت جو ذميوار بہ بڻايو ٿا.“


اي مالڪؤ! اوھين بہ پنھنجن غلامن سان ساڳيو سلوڪ ڪريو. کين ڌمڪايو نہ، ڇوتہ اوھين ڄاڻو ٿا تہ انھن جو ۽ اوھان جو، ٻنھي جو مالڪ آسمان ۾ آھي ۽ اھو ڪنھن جي بہ طرفداري ڪونہ ڪندو آھي.


اوھان کان نہ رڳو مڪدونيا ۽ اخيا ۾ خداوند جو پيغام ڦھليو آھي، بلڪ اوھان جو ايمان، جيڪو خدا تي آھي سو ھر ھنڌ مشھور ٿي ويو آھي. تنھنڪري انھيءَ بابت اسان کي ڪجھہ بہ چوڻ جي ضرورت ڪانھي.


ھو گاريون کائي بہ موٽ ۾ ڪنھن کي گار نہ ڏيندو ھو ۽ ڏک سھي بہ ڪنھن کي ڪونہ ڌمڪائيندو ھو، بلڪ پاڻ کي سچي انصاف ڪرڻ واري جي حوالي ڪندو ھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ