Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 4:14 - Common Language New Testament

14 ھو رسولن جي خلاف ڪجھہ بہ چئي نہ سگھيا، ڇالاءِ⁠جو جيڪو ماڻھو چڱو ڀلو ٿيو ھو سو بہ ساڻن گڏ بيٺل ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ جيڪو ماڻهو چڱو ڀلو ٿيو، تنهن کي بہ ساڻن بيٺو ڏسي هنن جي برخلاف ڪي بہ چئي نہ سگهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 جيئن تہ اهو ماڻهو جيڪو چڱو ڀلو ٿيو هو سو بہ اتي انهن سنتن سان گڏ بيٺل هو، تنهنڪري اهي وڌيڪ ڪجھہ بہ چئي نہ سگھيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 جيئن تہ اهو ماڻهو جيڪو چڱو ڀلو ٿيو هو سو بہ اتي انهن رسولن سان گڏ بيٺل هو، تنهنڪري اهي وڌيڪ ڪجھہ بہ چئي نہ سگھيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 4:14
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن ڳالھين کان ڪوبہ انڪار ڪري نہ ٿو سگھي، تنھنڪري اوھان کي گھرجي تہ ٿڌا ٿيو ۽ اُٻھرا ٿي ڪجھہ بہ نہ ڪريو.


پوءِ اوھان ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻھن کي ڄاڻڻ کپي تہ ھي ماڻھو، جيڪو اوھان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آھي سو عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آھي، جنھن کي اوھان صليب تي چاڙھيو ۽ خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو.


اھي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ ھي رواجي ماڻھو ٿوري تعليم ھوندي بہ ڪيترا نہ دلير آھن! پر پوءِ ڄاتائون تہ ھو عيسيٰ جا ساٿي آھن.


تنھنڪري انھن کين ڪائونسل کان ٻاھر نڪري وڃڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ


”اسان ھنن ماڻھن کي ڇا ڪريون؟ ڇالاءِ⁠جو يروشلم جو ھر ھڪ ماڻھو ڄاڻي ٿو تہ ھنن ھڪ وڏو معجزو ڪيو آھي جنھن جو اسين انڪار ڪري نہ ٿا سگھون.


تنھن تي ڪائونسل انھن کي وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنو. انھن کي ڪوبہ سبب نظر نہ آيو جنھن جي ڪري کين سزا ڏين، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪي ڪجھہ ٿيو ھو تنھن تي سڀ ماڻھو خدا جي واکاڻ ڪري رھيا ھئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ