Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 4:13 - Common Language New Testament

13 اھي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ ھي رواجي ماڻھو ٿوري تعليم ھوندي بہ ڪيترا نہ دلير آھن! پر پوءِ ڄاتائون تہ ھو عيسيٰ جا ساٿي آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 هاڻي جڏهن هنن پطرس ۽ يوحنا جي همت ڏٺي، ۽ خبر پين تہ هو اڻ پڙهيل ۽ بي علم ماڻهو آهن، تڏهن عجب لڳن؛ ۽ کين سڃاتائون تہ هو يسوع ساڻ هوندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 اهي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ هي عام ماڻهو ٿوري سکيا هوندي بہ ڪيڏا نہ دلير آهن! پر پوءِ ڄاتائون تہ هو يسوع جا ساٿي آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اهي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ هي عام ماڻهو ٿوري تعليم هوندي بہ ڪيڏا نہ دلير آهن! پر پوءِ ڄاتائون تہ هو عيسيٰ جا ساٿي آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 4:13
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن وقت عيسيٰ چيو تہ ”اي بابا! زمين ۽ آسمان جا مالڪ، آءٌ تنھنجا احسان مڃان ٿو جو تو ھي ڳالھيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آھن ۽ سادن کي ظاھر ڪري ڏيکاريون اٿيئي.


پوءِ ھو ٻاھر ڏيڍيءَ ۾ ويو، جتي ٻي نوڪرياڻيءَ ھن کي ڏٺو ۽ اُتي بيٺل ماڻھن کي چيائين تہ ”ھي ماڻھو عيسيٰ ناصريءَ سان گڏ ھو.“


ٿوري وقت کان پوءِ جيڪي اتي بيٺا ھئا تن بہ اچي پطرس کي چيو تہ ”تون ضرور انھن مان ھڪڙو آھين، ڇالاءِ⁠جو جھڙي نموني تون ڳالھائين ٿو سو ٻڌائي ٿو تہ تون انھن مان آھين.“


تڏھن عيسيٰ پطرس ۽ يوحنا کي موڪليو تہ ”وڃو ۽ اسان لاءِ عيد فصح تيار ڪريو تہ اسين کائون.“


جڏھن عيسيٰ پنھنجي ماءُ ۽ انھيءَ شاگرد کي جنھن سان سندس پيار ھو، اتي ڀرسان بيٺل ڏٺو تہ ھن پنھنجي ماءُ کي چيو تہ ”اما! ھي تنھنجو پٽ آھي.“


تنھن تي يھودي اڳواڻ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون تہ ”ھن ماڻھوءَ وٽ ايترو علم ڪٿان آيو، ڇالاءِ⁠جو ھو ڪڏھن بہ پڙھيو نہ آھي؟“


پر ھي ماڻھو جن کي موسيٰ جي شريعت جي خبر ئي نہ آھي، سي خدا جا پٽيل آھن.“


ھو رسولن جي خلاف ڪجھہ بہ چئي نہ سگھيا، ڇالاءِ⁠جو جيڪو ماڻھو چڱو ڀلو ٿيو ھو سو بہ ساڻن گڏ بيٺل ھو.


پر پطرس ۽ يوحنا ورندي ڏنن تہ ”اوھين پاڻ ئي انصاف ڪريو تہ خدا جي آڏو ڪھڙو جائز آھي، اوھان جو حڪم مڃڻ يا خدا جو حڪم مڃڻ.


ھاڻي اي خداوند! تون ھنن جي دڙڪن تي نظر ڪر ۽ اسين، جيڪي تنھنجا ٻانھا آھيون تن کي اھڙي توفيق ڏي تہ جيئن اسين بي⁠ڊپا ٿي تنھنجو ڪلام ماڻھن کي ٻڌايون.


جڏھن انھن دعا گھري پوري ڪئي تہ اھا جاءِ ڌڏي ويئي جتي ھو گڏ ٿيا ھئا. اھي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ بي⁠ڊپا ٿي خدا جو ڪلام ٻڌائڻ لڳا.


تڏھن برنباس ھن جي مدد ڪئي ۽ کيس رسولن وٽ وٺي آيو. ھن انھن کي سمجھايو تہ شائول ڪيئن خداوند کي رستي ۾ ڏٺو ۽ ڪيئن خداوند ھن سان ڳالھايو. ھن اھو بہ ٻڌاين تہ شائول دمشق ۾ ڪيڏي نہ دليريءَ سان عيسيٰ جي نالي جي تبليغ ڪئي.


پوءِ شائول شاگردن سان گڏ يروشلم ۾ ايندو ويندو ھو ۽ دليريءَ سان خداوند جي نالي جي تبليغ پيو ڪندو ھو.


پر خدا انھن کي چونڊيو جن کي جھان بي⁠وقوف ٿي سمجھيو، انھيءَ لاءِ تہ ڏاھن کي شرمندو ڪري. خدا انھن کي چونڊيو جن کي جھان ڪمزوري ٿي سمجھيو، انھيءَ لاءِ تہ طاقتورن کي شرمندو ڪري.


سندس دل جون لڪل ڳالھيون ظاھر ٿي پونديون ۽ ھو پيشاني رکي خدا جو سجدو ڪندو ۽ اقرار ڪندو تہ ”بيشڪ خدا اوھان ۾ آھي.“


تنھنڪري اسين اھڙي اميد جي ڪري وڏي دليريءَ سان ڳالھايون ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ