Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 4:10 - Common Language New Testament

10 پوءِ اوھان ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻھن کي ڄاڻڻ کپي تہ ھي ماڻھو، جيڪو اوھان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آھي سو عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آھي، جنھن کي اوھان صليب تي چاڙھيو ۽ خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 تہ اوهان سڀني کي، ۽ اسرائيل جي ساريءَ اُمت کي معلوم هجي، تہ يسوع مسيح ناصري، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهيو، ۽ جنهن کي خدا وري مُئلن مان جياريو، تنهن جي نالي تي، ۽ تنهن جي ڪري هي ماڻهو هتي اوهان جي اڳيان چڱو ڀلو ٿيو بيٺو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 تہ پوءِ اوهان بلڪ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي ڄاڻڻ کپي تہ هي ماڻهو، جيڪو اوهان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آهي سو يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آهي، جنهن کي اوهان سوليءَ تي چاڙهيو ۽ ايشور کيس مئلن مان وري جيوت ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 تہ پوءِ اوهان بلڪ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي ڄاڻڻ کپي تہ هي ماڻهو، جيڪو اوهان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آهي سو عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آهي، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهيو ۽ خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 4:10
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اتي ناصرت شھر ۾ رھيو. اھو ان ڪري ٿيو تہ نبين جيڪي چيو ھو سو پورو ٿئي تہ ”ھو ناصري سڏيو ويندو.“


ماڻھن ٻڌايس تہ ”عيسيٰ ناصري لنگھي رھيو آھي.“


انھيءَ ئي عيسيٰ کي خدا جياريو ۽ اسين سڀ ان ڳالھہ جا شاھد آھيون.


اي بني اسرائيل قوم! پڪ ڄاڻو تہ خدا انھيءَ عيسيٰ کي، جنھن کي اوھان صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا، خداوند بہ ڪيو آھي ۽ مسيح بہ.“


پولس آخر ۾ چيو تہ ”اوھان کي خبر ھئڻ گھرجي تہ خدا جو ڇوٽڪاري وارو پيغام غير قومن ڏانھن موڪليو ٿو وڃي ۽ اھي ٻڌندا.“


پطرس ھن کي چيو تہ ”مون وٽ سون چاندي تہ ڪونھي، پر آءٌ تو کي اھو ڪجھہ ڏيندس جيڪو مون وٽ آھي، تہ پوءِ اُٿ، عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي گھم ڦر.“


پر پاڪيزگيءَ واري روح جي لحاظ کان ھو خدا جي وڏي قدرت وارو فرزند ثابت ٿيو، جڏھن ھو مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ