Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 4:1 - Common Language New Testament

1 پطرس ۽ يوحنا اڃا ماڻھن سان ڳالھايو ئي بيٺي تہ ڪاھن، ھيڪل جو صوبيدار ۽ صدوقي انھن تي چڙھي آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 اڃا هنن ماڻهن سان بيٺي ڳالهايو تہ ڪاهن ۽ هيڪل جو صوبيدار ۽ صدوقي مٿن ڪاهي آيا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 پطرس ۽ يوحنا اڃا ماڻهن سان بيٺي ڳالهايو ئي پئي تہ هيڪل جي صوبيدار ۽ ڪاهنن سميت ڪي صدوقي انهن تي چڙهي آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 پطرس ۽ يوحنا اڃا ماڻهن سان بيٺي ڳالهايو ئي پئي تہ هيڪل جي صوبيدار ۽ ڪاهنن سميت ڪي صدوقي انهن تي چڙهي آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 4:1
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ شاگردن سمجھيو تہ ھو مانيءَ ۾ ڪم ايندڙ خميري کان خبردار نہ پيو ڪري پر فريسين ۽ صدوقين جي تعليم کان ھوشيار رھڻ لاءِ پيو چوي.


پوءِ انھن پنھنجا شاگرد ۽ ھيروديس جي پارٽيءَ جا ڪي ماڻھو عيسيٰ ڏانھن موڪليا، جن اچي چيو تہ ”استاد! اسان کي خبر آھي تہ اوھين سچا آھيو ۽ سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. اوھين ڪنھن جي بہ پرواھہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي ظاھري ڏيک⁠ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو.


پر سردار ڪاھنن ۽ بزرگن خلق کي سمجھائي ڇڏيو ھو تہ ھو پلاطس کي چون تہ برابا کي آزاد ڪري ۽ عيسيٰ کي موت جي سزا ڏئي.


ساڳيءَ طرح سردار ڪاھن، شريعت جا عالم ۽ بزرگ ھن تي چٿرون ڪري چوڻ لڳا تہ


يحيٰ جڏھن ڏٺو تہ ڪيئي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رھيا آھن، تڏھن انھن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوھان کي ڪنھن ٻڌايو آھي تہ اوھين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟


ھڪڙي ڏينھن جڏھن عيسيٰ ماڻھن کي ھيڪل ۾ تعليم ڏيئي رھيو ھو ۽ خوشخبريءَ جي منادي پئي ڪيائين تہ سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم بزرگن سان گڏجي وٽس آيا.


ھن وڃي سردار ڪاھنن ۽ ھيڪل جي حوالدارن سان صلاح ڪئي تہ ڪھڙيءَ ريت ھو عيسيٰ کي سندن حوالي ڪري.


مون اوھان کي جيڪي ٻڌايو آھي سو ياد رکو تہ ڪوبہ غلام پنھنجي مالڪ کان وڏو نہ آھي. سو جيڪڏھن ماڻھن مون کي ستايو آھي تہ اوھان کي بہ ستائيندا. جيڪڏھن انھن منھنجي تعليم تي عمل ڪيو آھي تہ اوھان جي تعليم تي بہ عمل ڪندا.


سو يھوداہ پاڻ سان گڏ رومي سپاھين جي پلٽڻ ۽ ڪجھہ ھيڪل جا پھريدار جيڪي سردار ڪاھنن ۽ فريسين موڪليا ھئا، سي وٺي انھيءَ باغ ۾ آيو. انھن وٽ ھٿيار ھئا ۽ کين ھٿن ۾ مشعلون ۽ شمعدان ھئا.


وڏو سردار ڪاھن حنا ۽ ھن سان گڏ قائفا، يوحنا، سڪندر ۽ ٻيا جيڪي سردار ڪاھن جا مٽ مائٽ ھئا سي بہ اتي موجود ھئا.


پوءِ وڏو سردار ڪاھن ۽ سندس ساٿي جيڪي صدوقين جي مقامي فرقي جا ماڻھو ھئا، سي رسولن تي ڏاڍا ساڙ کائڻ لڳا. سو اھي رسولن خلاف اٿي کڙا ٿيا


جڏھن ھيڪل جي صوبيدار ۽ سردار ڪاھنن اھا ڳالھہ ٻڌي تڏھن وائڙا ٿي ويا.


سو صوبيدار پنھنجن سپاھين سان وڃي رسولن کي موٽائي وٺي آيو. سپاھين رسولن سان ڪابہ زيادتي نہ ڪئي، ڇوتہ ھو ڊڄن پيا تہ متان ماڻھو ساڻن وڙھن.


اھڙيءَ طرح ھنن خلق کي، بزرگن ۽ شريعت جي عالمن سميت وٺي ڀڙڪايو. اھي استيفنس تي چڙھائي ڪري آيا ۽ کيس گرفتار ڪري ڪائونسل جي اڳيان پيش ڪيائون.


اھڙيءَ طرح خدا جو ڪلام پکڙبو ويو ۽ يروشلم ۾ شاگردن جو تعداد بہ وڌندو ويو. ان کان علاوہ ڪاھنن جي ھڪ وڏي ٽولي پڻ ايمان آندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ