Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 3:24 - Common Language New Testament

24 سموئيل کان وٺي جيڪي ⁠بہ نبي آيا، تن مان جن جن بہ اڳڪٿي ڪئي تن سڀني ھنن ڏينھن جو ذڪر ڪيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 هائو، ۽ سڀ نبي، سموئيل کان وٺي جيڪي بہ کانئس پوءِ ٿيا، تن مان جن جن نبوت ڪئي، تن سڀني بہ هنن ڏينهن جو ذڪر ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت سموئيل کان وٺي جيڪي بہ سنت آيا، تن مان جن جن بہ اڳڪٿي ڪئي تن سڀني هنن ڏينهن جو ذڪر ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 سموئيل کان وٺي جيڪي بہ نبي آيا، تن مان جن جن بہ اڳڪٿي ڪئي تن سڀني هنن ڏينهن جو ذڪر ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 3:24
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ عيسيٰ انھن کي موسيٰ جي لکت کان وٺي ٻين سڀني نبين جي لکت تائين، سڀ ڳالھيون سمجھايون تہ انھن ۾ سندس بابت ڇا لکيل آھي.


اھڙيءَ طرح ساڍا چار ⁠سؤ سال گذري ويا. تڏھن خدا سموئيل نبيءَ جي زماني تائين انھن لاءِ رھبر مقرر ڪندو رھيو.


۽ دليل ڏيئي ثابت ڪري چوندو ھئن تہ ”اھو ضروري ھو تہ مسيح ڏک سھي ۽ مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿي.“ ھن چيو تہ ”ھي عيسيٰ جنھن جي آءٌ اوھان کي خبر ٿو ڏيان سو ئي مسيح آھي.“


اھي ھي تہ مسيح ڏک سھندو ۽ اھو ئي پھريائين مئلن مان جيئرو ٿي اٿندو، تہ جيئن يھودين ۽ غير قومن کي روشنيءَ جي خبر ٻڌائي.“


تنھنڪري توبھہ ڪريو ۽ خدا ڏانھن اچو تہ اوھان جا گناھہ ميٽجي وڃن،


ھو تيستائين ضرور آسمان ۾ رھندو، جيستائين سڀني ڳالھين جي وري نئين سر ٿيڻ جا ڏينھن اچن، جن بابت خدا پنھنجي پاڪ نبين جي معرفت گھڻو اڳي چيو ھو.


ھاڻي اھو ظاھر ٿي چڪو آھي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ڪري ٿو. شريعت جو ان سان ڪوبہ واسطو نہ آھي. انھيءَ ڳالھہ جي شاھدي شريعت ۽ نبي ڏين ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ