Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 3:23 - Common Language New Testament

23 جيڪو بہ انھيءَ نبيءَ جون ڳالھيون نہ ٻڌندو، سو سندس قوم کان ڌار ڪري برباد ڪيو ويندو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ نبيءَ جي ڳالهہ نہ ٻُڌندو، سو اُمت مان بلڪل برباد ٿي ويندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 جيڪو بہ انهيءَ سنت جي نہ ٻڌندو، سو سندس قوم کان ڌار ڪري برباد ڪيو ويندو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 جيڪو بہ انهيءَ نبيءَ جي نہ ٻڌندو، سو سندس قوم کان ڌار ڪري برباد ڪيو ويندو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 3:23
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪوبہ ايمان آڻيندو ۽ بپتسما وٺندو سو ڇوٽڪارو حاصل ڪندو ۽ جيڪوبہ ايمان نہ آڻيندو سو ڏوھاري ٿيندو.


جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي ۽ منھنجون ڳالھيون قبول نہ ٿو ڪري، تنھن جي فيصلي ڪرڻ وارو ھڪڙو آھي، يعني اھي منھنجون ڪيل ڳالھيون ئي آھن، جيڪي آخرت جي ڏينھن ھن کي ڏوھاري ٺھرائينديون.


اھو ئي سبب آھي جو مون اوھان کي ٻڌايو تہ اوھين پنھنجن گناھن ۾ مرندا. جيڪڏھن اوھين اھو نہ مڃيندا تہ آءٌ اھو ئي آھيان، تہ پوءِ اوھين ضرور پنھنجن گناھن ۾ مرندا.“


انھن مان ڪيترن ئي ھن جي پيغام کي قبول ڪيو ۽ بپتسما ورتائون. انھيءَ ڏينھن اٽڪل ٽي ھزار ماڻھو ھنن جي ٽولي ۾ شامل ٿي ويا.


مگر اسين انھن مان نہ آھيون جيڪي پوئتي ھٽي ناس ٿا ٿين، بلڪ انھن مان آھيون جيڪي ايمان آڻي پاڻ کي بچائين ٿا.


خبردار، انھيءَ ڳالھائڻ واري جو انڪار نہ ڪجو، ڇالاءِ⁠جو جن ماڻھن زمين تي ھدايت ڪرڻ واري جو انڪار ڪيو تہ اھي بچي نہ سگھيا، تہ پوءِ اسين ڪيئن بچي سگھنداسين، جيڪڏھن انھيءَ کان منھن موڙينداسين جيڪو آسمان مان ھدايت ٿو ڪري؟


تہ پوءِ جيڪڏھن ھيڏي وڏي ڇوٽڪاري کان غافل رھياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ ڇالاءِ⁠جو انھيءَ ڇوٽڪاري جي پڌرائي پھريائين خداوند ئي ڪئي ھئي ۽ جن ماڻھن اھا ٻڌي تن انھيءَ جي تصديق ڪئي.


زمين جا سڀيئي رھاڪو سندس پوڄا ڪندا، سواءِ انھن جي جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آھن، جيڪو ڪُٺل گھيٽي جو آھي.


جنھن جو بہ نالو زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ ڏٺو ويو، تنھن کي انھيءَ باھہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ