Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 3:19 - Common Language New Testament

19 تنھنڪري توبھہ ڪريو ۽ خدا ڏانھن اچو تہ اوھان جا گناھہ ميٽجي وڃن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 تنهنڪري اوهين توبهہ ڪريو، ۽ ڦري اچو، تہ اوهان جا گناهہ ميٽجي وڃن، ۽ انهي طرح خداوند جي حضور مان تازگيءَ جا ڏينهن اچن؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 تنهنڪري توبهہ ڪريو ۽ ايشور ڏانهن اچو تہ اوهان جا پاپ ميٽجي وڃن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 تنهنڪري توبهہ ڪريو ۽ خدا ڏانهن اچو تہ اوهان جا گناهہ ميٽجي وڃن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 3:19
73 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو ھن قوم جي عقل کي تالو لڳايو ويو آھي، اُھي ڪنن کان ٻوڙا ٿي پيا آھن، ۽ انھن پنھنجون اکيون پوري ڇڏيون آھن. انھيءَ لاءِ تہ متان اُھي پنھنجين اکين سان ڏسن، پنھنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پوءِ پنھنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبھہ⁠تائب ٿين، ۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘


چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين اوھين بدلجي ٻارن وانگر نہ ٿيندا، تيستائين آسمان واري بادشاھت ۾ ڪڏھن بہ داخل ٿي نہ سگھندا.


ھو بني اسرائيل جي ڪيترن ئي ماڻھن کي خداوند جي پاسي ڏانھن ڦيريندو، جو ئي سندن خدا آھي.


پر پطرس اَلي ويو ۽ چيائينس تہ ”نہ مائي! آءٌ تہ سڃاڻانس بہ ڪين.“


ٻئي دفعي جڏھن اھي سڀيئي وري اچي گڏ ٿيا تہ انھن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”خداوند! بني اسرائيل کي بادشاھت موٽائي ڏيڻ جو وقت اچي ويو آھي ڇا؟“


جڏھن انھن ھي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”خدا غير قومن کي بہ توفيق ڏني آھي تہ ھو توبھہ ڪن ۽ زندگي حاصل ڪن.“


جيئن تہ خداوند جو مٿن ھٿ ھو، سو ڪيترائي ماڻھو ڏانھس ڦري آيا ۽ خداوند تي ايمان آندائون.


تنھن تي ڪليسيا جي ماڻھن ھنن کي روانو ڪيو. ھو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگھندي واٽ تي ديندار ماڻھن کي ٻڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومن خدا تي ايمان آندو آھي. اھو ٻڌي انھن کي ڏاڍي خوشي ٿي.


ھن ھڪڙي انسان مان سڀ قومون پيدا ڪيون آھن، تہ جيئن اھي سڄيءَ دنيا ۾ آباد ٿين. ھن انھن لاءِ اڳ ۾ ئي خاص وقت ۽ رھڻ لاءِ حدون مقرر ڪيون آھن،


تنھن تي پطرس کين چيو تہ ”اوھين سڀ توبھہ ڪريو ۽ عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما وٺو، تہ جيئن اوھان جا گناھہ بخشيا وڃن ۽ اوھان کي خدا جي بخشش يعني پاڪ روح ملي.


ڇالاءِ⁠جو ھن قوم جي عقل تي تالو لڳايو ويو آھي، ۽ اھي ڪنن کان گھٻرا ٿي پيا آھن. انھن پنھنجون اکيون پوري ڇڏيون آھن، تہ متان اھي پنھنجن اکين سان ڏسن، متان اھي پنھنجن ڪنن سان ٻڌن، متان اھي پنھنجي عقل سان سمجھن ۽ مون آڏو توبھہ⁠تائب ٿين تہ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘“


تان تہ خداوند جي حضور مان تازگيءَ جا ڏينھن اچن ۽ ھو عيسيٰ کي موڪلي جيڪو اوھان لاءِ اڳي ئي مسيح مقرر ٿيل آھي.


ھو تيستائين ضرور آسمان ۾ رھندو، جيستائين سڀني ڳالھين جي وري نئين سر ٿيڻ جا ڏينھن اچن، جن بابت خدا پنھنجي پاڪ نبين جي معرفت گھڻو اڳي چيو ھو.


اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ھڪ ڳجھو راز آھي. آءٌ سمجھان ٿو تہ اھو اوھان کي ڄاڻڻ گھرجي، شايد اھو اوھان کي فخر ڪرڻ کان بچائي. اھو راز ھيئن آھي تہ بني اسرائيل ۾ ڪجھہ سنگدلي پيدا ٿي آھي. پر اھا رڳو ايستائين رھندي جيستائين سڀ غير قومون خدا ڏانھن ڦري پون.


اھو مسيح جي اچڻ واري ڏينھن تي ٿيندو، جڏھن ھن جا پاڪ ٿيل، يعني جن ايمان آندو آھي سي سڀ سندس واکاڻ ۽ تعظيم ڪندا. انھن ۾ اوھين بہ شامل ھوندا، ڇالاءِ⁠جو اوھان اسان جي شاھديءَ تي ايمان آندو.


۽ اوھان ڏک سھڻ وارن کي اسان سان گڏ آرام ڏيندو. ھي انھيءَ وقت ٿيندو جڏھن خداوند عيسيٰ پنھنجي طاقتور ملائڪن سان گڏ ڀڙڪندڙ باھہ ۾ آسمان مان ظاھر ٿيندو.


جيڪي سندس مخالف آھن تن کي ھو نرميءَ سان سمجھائي، شايد خدا انھن کي توبھہ جي توفيق بخشي تہ ھو سچ کي سڃاڻين.


جڏھن تہ خدا جي آرام ۾ داخل ٿيڻ جو واعدو اڃا باقي رھيل آھي، تڏھن اسان کي خبردار رھڻ گھرجي تہ متان ائين نہ ٿئي جو اوھان مان ڪو پوئتي رھيل نظر اچي.


ڇالاءِ⁠جو اڳي اوھين ڀٽڪيل رڍن وانگر ھئا پر ھاڻي پنھنجن روحن جي ڌنار ۽ نگھبان وٽ موٽي آيا آھيو.


پر اي عزيزو! ھيءَ ڳالھہ ڪڏھن بہ نہ وسارجو تہ خداوند جي آڏو ھڪڙو ڏينھن ھزار سالن جي برابر آھي ۽ ھزار سال ھڪڙي ڏينھن جي برابر.


ھو انھن جي اکين جا سڀ ڳوڙھا اُگھي ڇڏيندو. ان کان پوءِ نہ موت رھندو، نڪو ماتم، نڪو روئڻ ۽ نہ وري ڪو سور رھندو، ڇالاءِ⁠جو اڳيون حالتون گذري ويون آھن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ