Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 28:4 - Common Language New Testament

4 جڏھن اتان جي رھاڪن ڏٺو تہ پولس جي ھٿ ۾ نانگ چنبڙيل آھي، تڏھن ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”پڪ ھي ماڻھو خوني آھي. جيتوڻيڪ ھو سمنڊ مان بچي نڪتو آھي، پر خدا جو قھر ھن کي جيئرو رھڻ نہ ڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 جڏهن جهنگلين اها بلا هن جي هٿ مان لڙڪندي ڏٺي، تڏهن هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ بيشڪ هيءُ ماڻهو خوني آهي، ۽ جيتوڻيڪ سمنڊ کان بچي نڪتو آهي، تہ بہ انصاف هن کي جيئرو رهڻ نٿو ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 جڏهن اتان جي رهاڪن ڏٺو تہ پولس جي هٿ ۾ نانگ چنبڙيل آهي، تڏهن هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”پڪ هي ماڻهو خوني آهي. جيتوڻيڪ هو سمنڊ مان بچي نڪتو آهي، تہ بہ انصاف واري ديوي هن کي جيوت رهڻ نہ ٿي ڏئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 جڏهن اتان جي رهاڪن ڏٺو تہ پولس جي هٿ ۾ نانگ چنبڙيل آهي، تڏهن هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”پڪ هي ماڻهو خوني آهي. جيتوڻيڪ هو سمنڊ مان بچي نڪتو آهي، تہ بہ انصاف واري ديوي هن کي جيئرو رهڻ نہ ٿي ڏئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 28:4
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھيءَ ڪري سڀني نيڪن جو خون جيڪو زمين تي وھايو ويو ھو، سو توھان جي ڳچيءَ ۾ پوندو يعني تہ نيڪ ھابيل کان وٺي برڪياہ جي پٽ زڪريا جي خون تائين، جنھن کي اوھان مقدس جاءِ ۽ قربان⁠گاھہ جي وچ ۾ ماريو ھو.


سڀني ماڻھن جواب ۾ چيو تہ ”ڀلي تہ ھن جي خون جي سزا اسان کي ۽ اسان جي ٻارن کي ملي.“


تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”ڇا اوھين سمجھو ٿا تہ اھي گليلي ٻين سڀني گليلين کان وڌيڪ گنھگار ھئا، تنھنڪري ھنن سا اھڙو ظلم ٿيو؟


يا اوھين ائين سمجھو ٿا تہ اھي ارڙھن ڄڻا، جن تي سيلوم شھر ۾ منارو ڪريو ۽ دٻجي مري ويا، سي يروشلم جي سڀني رھاڪن کان وڌيڪ گنھگار ھئا ڇا؟


منھن ڏسي انصاف نہ ڪريو، پر پورو پورو انصاف ڪريو.“


اتان جي رھاڪن اسان تي ڏاڍي مھرباني ڪئي. انھيءَ مھل مينھن ۽ سيءُ پئي پيو، سو انھن باھہ ٻاري اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو.


پولس ڪجھہ ڪاٺيون کڻي باھہ ۾ وڌيون تہ انھيءَ مان تپش جي ڪري ھڪڙو نانگ ٻاھر نڪتو، جيڪو پولس جي ھٿ ۾ چڪ پائي چنبڙي پيو.


پولس ھٿ ڇنڊي اھا بلا باھہ ۾ اڇلائي ڇڏي ۽ کيس بلا کان ڪوبہ ايذاءُ نہ پھتو.


پر جيڪي ڊڄڻا، بي⁠ايمان، ناپاڪ، قاتل، زناڪار، جادوگر، بت⁠پرست ۽ ڪوڙا آھن، تن سڀني جي جاءِ انھيءَ ڍنڍ ۾ ٿيندي، جيڪا باھہ ۽ گندرف سان پيئي ٻري. اھو ئي ٻيو موت آھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ