Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 28:2 - Common Language New Testament

2 اتان جي رھاڪن اسان تي ڏاڍي مھرباني ڪئي. انھيءَ مھل مينھن ۽ سيءُ پئي پيو، سو انھن باھہ ٻاري اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ اُتي جي جهنگلي ماڻهن اسان تي ڏاڍي مهرباني ڪئي، جو مينهن ۽ سيءَ جي ڪري باهہ ٻاري اسان جي خاطرداري ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 اتان جي رهاڪن اسان تي ڏاڍي ڪرپا ڪئي. انهن باهہ ٻاري اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مهل مينهُن پئي پيو ۽ گھڻي ٿڌ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اتان جي رهاڪن اسان تي ڏاڍي مهرباني ڪئي. انهن باهہ ٻاري اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مهل مينهُن پئي پيو ۽ گھڻي ٿڌ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 28:2
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪوبہ ھنن ننڍڙن مان ڪنھن بہ ھڪ کي منھنجو شاگرد سمجھي ھڪ پيالو ٿڌي پاڻيءَ جو پياريندو تہ ان کي ان جو اجر ضرور ملندو.“


انھيءَ مھل ڏاڍو سيءُ پئي پيو، سو نوڪرن ۽ پھريدارن ڪوئلن جي باھہ ٻاري ان جي چوڌاري بيٺي پاڻ کي سيڪيو. پطرس بہ انھن سان گڏ وڃي بيٺو ۽ پاڻ کي سيڪڻ لڳو.


ٻئي ڏينھن تي اسين صيدا ۾ پھتاسين. اتي يوليس پولس تي اھا مھرباني ڪئي جو کيس موڪل ڏنائين تہ ھو ڀلي پنھنجن دوستن وٽ وڃي ۽ جيڪي گھرجيس سو ڀلي انھن کان وٺي.


پولس ڪجھہ ڪاٺيون کڻي باھہ ۾ وڌيون تہ انھيءَ مان تپش جي ڪري ھڪڙو نانگ ٻاھر نڪتو، جيڪو پولس جي ھٿ ۾ چڪ پائي چنبڙي پيو.


جڏھن اتان جي رھاڪن ڏٺو تہ پولس جي ھٿ ۾ نانگ چنبڙيل آھي، تڏھن ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”پڪ ھي ماڻھو خوني آھي. جيتوڻيڪ ھو سمنڊ مان بچي نڪتو آھي، پر خدا جو قھر ھن کي جيئرو رھڻ نہ ڏيندو.“


مون تي سڀني جو فرض آھي، توڙي جو اھي سڌريل ھجن يا اڻ⁠سڌريل، پڙھيل ھجن يا اڻ⁠پڙھيل.


جنھن جو ايمان ڪمزور آھي تنھن جو آڌرڀاءُ ڪريو، پر انھيءَ سان اجايو بحث نہ ڪريو.


جيڪو سڀ ڪجھہ کائي ٿو سو نہ کائڻ واري کي گھٽ نہ سمجھي ۽ جيڪو نہ ٿو کائي سو کائڻ واري تي ڪابہ تھمت نہ ھڻي، ڇالاءِ⁠جو خدا ھن کي قبول ڪيو آھي.


اوھان يھودين کي غير قومون ڏوھدار بڻائينديون، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين شريعت تي عمل نہ ٿا ڪريو، جيتوڻيڪ اوھان وٽ شريعت لکيل آھي ۽ اوھان جو طھر بہ ٿيل آھي. پر غير قومون شريعت تي عمل ڪن ٿيون، جيتوڻيڪ انھن جو طھر ٿيل نہ آھي.


جيڪڏھن انھيءَ ٻوليءَ جي معنيٰ مون کي نہ ايندي تہ ڳالھائيندڙ منھنجي لاءِ ڌاريو ٿيندو ۽ آءٌ ڳالھائيندڙ لاءِ ڌاريو ٿيندس.


مون محنت ۽ مشقت ڪئي آھي، اڪثر اوجاڳا ڪاٽيا آھن، بک ۽ اُڃ ۾ اڪثر فاقن ۾ گذاريو آھي ۽ سرديءَ ۽ اگھاڙپ ۾ رھيو آھيان.


اتي نہ ڪو يوناني آھي نہ يھودي، نہ ڪو طھريل آھي نہ اڻ⁠طھريل، نہ ڪو جھنگلي آھي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آھي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آھي ۽ اوھان سڀني ۾ آھي.


مسافرن جي مھمان⁠نوازي ڪندا رھو، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ سان ڪن ماڻھن بي⁠خبريءَ ۾ ملائڪن جي مھمانداري ڪئي آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ