Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 27:3 - Common Language New Testament

3 ٻئي ڏينھن تي اسين صيدا ۾ پھتاسين. اتي يوليس پولس تي اھا مھرباني ڪئي جو کيس موڪل ڏنائين تہ ھو ڀلي پنھنجن دوستن وٽ وڃي ۽ جيڪي گھرجيس سو ڀلي انھن کان وٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ ٻئي ڏينهن اسين صيدون ۾ اچي پهتاسين؛ ۽ يوليس پولس تي مهرباني ڪئي، ۽ موڪل ڏنائينس تہ دوستن وٽ وڃي، ۽ تازگي حاصل ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 ٻئي ڏينهن تي اسين صيدا ۾ پهتاسين. يوليس اتي پولس تي اها ڪرپا ڪئي جو کيس موڪل ڏنائين تہ هو ڀلي پنهنجي دوستن وٽ وڃي ۽ جيڪي گھرجيس سو ڀلي انهن کان وٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ٻئي ڏينهن تي اسين صيدا ۾ پهتاسين. يوليس اتي پولس تي اها مهرباني ڪئي جو کيس موڪل ڏنائين تہ هو ڀلي پنهنجي دوستن وٽ وڃي ۽ جيڪي گھرجيس سو ڀلي انهن کان وٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 27:3
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”مصيبت آھي تو تي اي شھر خرازين! ۽ مصيبت آھي تو تي اي شھر بيت⁠صيدا! ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا اوھان ۾ ڪيا ويا آھن سي جيڪڏھن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ھا تہ ڪڏھن جو اتان جا ماڻھو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ رک وجھي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪن ھا.


ھيروديس بادشاھہ صور ۽ صيدا جي ماڻھن تي ڏاڍو ڪاوڙيل ھو. پر جيئن تہ ھنن کي بادشاھہ جي ملڪ مان سيڌو سامان ملندو ھو، تنھنڪري اھي ٽولو ٺاھي ساڻس ملڻ آيا. ان لاءِ پھريائين ھنن بلاسطس کي پنھنجي پاسي ڪيو، جيڪو بادشاھہ جي محلات جو دربان ھو. پوءِ ھيروديس کي عرض ڪيائون تہ ”اسان سان پرچاءُ ڪريو.“


ھن پولس جي نگھبان صوبيدار کي حڪم ڏنو تہ ”ھن کي وڃي نظربند ڪريو، پر کيس ڪجھہ آزادي ڏجو ۽ جيڪڏھن ھن جي دوستن مان ڪو سندس خدمت ڪرڻ گھري تہ کيس نہ روڪجو.“


جڏھن اھو فيصلو ٿيو تہ اسين سامونڊي جھاز ۾ چڙھي اِٽليءَ ڏانھن وڃون، تڏھن ھنن پولس ۽ ٻين قيدين کي رومي لشڪر جي شھنشاھي پلٽڻ جي صوبيدار يوليس جي حوالي ڪيو.


پر صوبيدار جي دل گھريو ٿي تہ ڪنھن طرح پولس کي بچائي، تنھنڪري ھنن کي انھيءَ ارادي کان روڪيائين ۽ حڪم ڏنائين تہ ”جيڪي ماڻھو تري سگھن ٿا سي پھريائين جھاز مان ٽپو ڏيئي سمنڊ ۾ پون ۽ ڪناري تي وڃي پھچن،


جڏھن اسين روم ۾ پھتاسين تہ پولس کي اڪيلي رھڻ جي اجازت ملي، پر ھڪ سپاھي سندس پھري تي ھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ