Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 27:24 - Common Language New Testament

24 ۽ چيائين تہ ’اي پولس! ڊڄ نہ، تون ضرور قيصر جي اڳيان پيش ٿيندين ۽ ڏس، ھي جيڪي ماڻھو جھاز ۾ تو سان گڏ آھن، تن سڀني کي خدا تنھنجي خاطر بچايو آھي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ چيائين، تہ اي پولس، ڊڄ نہ، تون ضرور قيصر جي اڳيان پيش ٿيندين: ۽ ڏس هي جيڪي جهاز ۾ تو سان گڏ آهن، تن سڀني کي خدا تنهنجي خاطر بچايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 ۽ چيائين تہ ’اي پولس! ڊڄ نہ، تون ضرور قيصر جي اڳيان پيش ٿيندين ۽ ڏس، هي جيڪي ماڻهو جهاز ۾ تو سان گڏ آهن، تن سڀني کي ايشور تنهنجي خاطر بچايو آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 ۽ چيائين تہ ’اي پولس! ڊڄ نہ، تون ضرور قيصر جي اڳيان پيش ٿيندين ۽ ڏس، هي جيڪي ماڻهو جهاز ۾ تو سان گڏ آهن، تن سڀني کي خدا تنهنجي خاطر بچايو آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 27:24
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوھان کي منھنجي ڪري حاڪمن ۽ بادشاھن اڳيان پيش ڪيو ويندو، ڇوتہ اوھين انھن غير قومن کي خوشخبري ٻڌائيندا.


انھن کان نہ ڊڄو، جيڪي رڳو جسم کي مارين ٿا پر روح کي نہ ٿا ماري سگھن. تنھنڪري خدا کان ڊڄو، جيڪو ٻنھي يعني جسم ۽ روح کي ماري جھنم ۾ وجھي سگھي ٿو.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”ڇا ھڪ ڏينھن ۾ ٻارھن ڪلاڪ نہ آھن؟ سو جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڏينھن جي روشنيءَ ۾ گھمندو تہ ٿاٻو نہ کائيندو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو دنيا جي روشني ڏسي رھيو آھي.


ھنن ڳالھين جي ٿيڻ کان پوءِ پولس ارادو ڪيو تہ ھو يونان جي پرڳڻن مڪدونيا ۽ اخيا مان ٿيندو يروشلم وڃي. ھن وڌيڪ ھي بہ فيصلو ڪيو تہ ”اتي وڃڻ کان پوءِ مون کي روم بہ وڃڻ گھرجي.“


جڏھن رات ٿي تڏھن خداوند اچي پولس جي ڀرسان بيٺو ۽ چيائينس تہ ”دلجاءِ ڪر، جيئن تو يروشلم ۾ منھنجي لاءِ شاھدي ڏني آھي تيئن روم ۾ بہ تو کي منھنجي لاءِ شاھدي ڏيڻي پوندي.“


جيڪڏھن آءٌ ڏوھدار آھيان ۽ موت جي سزا جوڳو ڪم ڪيو اٿم تہ مون کي مرڻ کان انڪار ڪونہ آھي. پر جن ڳالھين جي اھي مون تي تھمت ھڻن ٿا، سي سچيون ڪين آھن. پوءِ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي اھو حق نہ آھي تہ ھو مون کي انھن جي حوالي ڪري. تنھنڪري آءٌ قيصر وٽ اپيل ٿو ڪريان.“


تنھن تي پولس صوبيدار ۽ سپاھين کي چيو تہ ”جيڪڏھن ھي خلاصي جھاز تي نہ رھندا تہ اوھين بچي نہ سگھندا.“


جھاز تي اسين مڙيئي ٻہ سو ڇاھتر ماڻھو سوار ھئاسين.


سپاھين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ قيدين کي ماري ڇڏجي، متان انھن منجھان ڪو تري ڀڄي نہ وڃي.


۽ باقي ڪي تختن تي، ڪي جھاز جي ترندڙ شين تي نڪري وڃن.“ نيٺ ٿيو بہ ائين جو سڀيئي صحيح سلامت وڃي سڪيءَ تي پھتا.


خداوند ھن کي چيو تہ ”وڃ، ڇاڪاڻ⁠تہ مون ھن کي پنھنجي خدمت واسطي چونڊيو آھي تہ ھو منھنجو نالو غير قومن، سندن بادشاھن ۽ بني اسرائيل اڳيان ظاھر ڪري.


ٻي ڳالھہ تہ منھنجي ٽڪڻ لاءِ ھڪ ڪمرو تيار رکج، ڇوتہ اميد ٿو ڪريان تہ اوھانجين دعائن جي بدلي ۾ خداوند مون کي آزاد ڪري اوھان وٽ آڻيندو.


تنھنڪري پنھنجا گناھہ ھڪ ٻئي اڳيان باسيو ۽ ھڪ ٻئي لاءِ دعا گھرو تہ جيئن شفا پايو، ڇالاءِ⁠جو سچار ماڻھوءَ جي دعا نھايت اثر واري ٿئي ٿي.


جڏھن مون ھن کي ڏٺو تہ سندس پيرن تي ڪري مُڙدي وانگر پئجي رھيس. ھن پنھنجو ساڄو ھٿ مون تي رکي چيو تہ ”ڊڄ نہ، آءٌ اول ۽ آخر آھيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ