Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 26:9 - Common Language New Testament

9 ڪنھن وقت آءٌ پاڻ ائين سمجھندو ھوس تہ مون کي عيسيٰ ناصريءَ جي خلاف گھڻو ڪجھہ ڪرڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ آئون پاڻ ڀائيندو هوس تہ يسوع ناصري جي نالي جي برخلاف مون کي گهڻو ئي ڪي ڪرڻ گهرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 ڪنهن وقت آءٌ پاڻ ائين سمجھندو هئس تہ يسوع ناصريءَ جي سخت مخالفت ڪرڻ منهنجو فرض آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ڪنهن وقت آءٌ پاڻ ائين سمجھندو هئس تہ عيسيٰ ناصريءَ جي سخت مخالفت ڪرڻ منهنجو فرض آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 26:9
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اِھي سڀ ڳالھيون ھو منھنجي نالي جي ڪري اوھان سان ڪندا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو انھيءَ کي نہ ٿا سڃاڻن جنھن مون کي موڪليو آھي.


پر ھن جواب ڏنو تہ ”اوھين ھي ڇا ٿا ڪريو جو روئي رڙي منھنجي دل ٿا ڀڃو؟ آءٌ يروشلم ۾ نہ رڳو خداوند عيسيٰ جي واسطي ٻڌجڻ لاءِ، بلڪ اتي مرڻ لاءِ بہ تيار آھيان.“


”آءٌ ھڪ يھودي آھيان، جو ڪلڪيا جي شھر ترسس ۾ پيدا ٿيس ۽ ھتي يروشلم ۾ وڏو ٿيس. مون گملي⁠ايل وٽان علم حاصل ڪيو. ھن مون کي وڏن جي شريعت جي بہ مڪمل تعليم ڏني. جھڙيءَ طرح اوھين سڀيئي اڄ خدا جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آھيو تھڙيءَ طرح آءٌ بہ ھوندو ھوس.


انھيءَ ڪري مون عيسيٰ مسيح جي طريقي وارن ڪيترن مردن ۽ عورتن کي ٻڌرائي، جيلن ۾ وجھرائي ۽ مارائي بہ ڇڏيو ھو.


تنھن تي مون جواب ڏنو تہ ’اي خداوند! تون ڪير آھين؟‘ ھن مون کي چيو تہ ’آءٌ عيسيٰ ناصري آھيان، جنھن کي تون ستائين ٿو.‘


ھي ماڻھو ھڪ وڏو خطرناڪ غنڊو نڪتو آھي. دنيا جي سڀني يھودين ۾ ھن فساد مچايو آھي ۽ ناصرين جي ھڪڙي بدعتي فرقي جو اڳواڻ آھي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ھاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوھان ۽ اوھان جي اڳواڻن جيڪي ڪجھہ عيسيٰ سان ڪيو، سو اڻ⁠ڄاڻائيءَ جي ڪري ڪيو.


پطرس ھن کي چيو تہ ”مون وٽ سون چاندي تہ ڪونھي، پر آءٌ تو کي اھو ڪجھہ ڏيندس جيڪو مون وٽ آھي، تہ پوءِ اُٿ، عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي گھم ڦر.“


شائول خداوند جي شاگردن کي ڌمڪائيندو ۽ کين قتل ڪرڻ جا دڙڪا ڏيندو رھيو. ھو وڏي سردار ڪاھن وٽ ويو


آءٌ پاڻ ھن کي ڏيکاريندس تہ منھنجي نالي جي ڪري کيس ڪيترا نہ ڏک سھڻا پوندا.“


ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ ھنن لاءِ اھا شاھدي ٿو ڏيان تہ کين خدا جي لاءِ ڏاڍو جذبو آھي، پر سمجھہ ڪانہ اٿن.


مذھبي جوش جي لحاظ کان ڪليسيا جو ستائيندڙ ھوس ۽ جيستائين شريعت جي سچائيءَ جو سوال آھي تہ ان لحاظ کان آءٌ بي⁠عيب ھوس.


جيتوڻيڪ آءٌ اڳي ڪفر بڪندڙ، ستائيندڙ ۽ بي⁠عزت ڪندڙ ھوس، تنھن ھوندي بہ مون تي رحم ٿيو، ڇالاءِ⁠جو مون جيڪي ڪجھہ ڪيو سو ايمان نہ ھئڻ سبب ۽ اڻ⁠ڄاڻائيءَ ڪري ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ