Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 26:7 - Common Language New Testament

7 انھيءَ واعدي جي پوري ٿيڻ جي اميد تي اسان جا ٻارھن ئي قبيلا دل⁠وجان سان ڏينھن رات خدا جي عبادت ڪري رھيا آھن. اي بادشاھہ سلامت! انھيءَ اميد جي ڪري تہ يھودين مون تي اھا تھمت ھنئي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ انهي واعدي جي پوري ٿيڻ جي اُميد تي اسان جا ٻارهن ئي قبيلا ڏاڍي دل سان رات ڏينهن خدا جي عبادت پيا ڪن. انهيءَ ئي اميد جي ڪري، بادشاهہ سائين، يهودين مون تي هيءَ تهمت رکي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 انهيءَ وچن جي پوري ٿيڻ جي اميد تي اسان جا ٻارهن ئي قبيلا تن ۽ من سان ڏينهن رات ايشور جي ڀڳتي ڪندا رهندا آهن. اي راجا اگرپا! انهيءَ اميد جي ڪري ئي يهودي مون تي تهمتون هڻن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 انهيءَ واعدي جي پوري ٿيڻ جي اميد تي اسان جا ٻارهن ئي قبيلا دل وَ جان سان ڏينهن رات خدا جي عبادت ڪندا رهندا آهن. اي بادشاهہ اگرپا! انهيءَ اميد جي ڪري ئي يهودي مون تي تهمتون هڻن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 26:7
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اڳئين جھان ۾ جڏھن ابن⁠آدم پنھنجي جلوي سان تخت تي ويھندو، تہ اوھين منھنجا ٻارھن پوئلڳ بہ ٻارھن تختن تي ويھندا ۽ بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن جا فيصلا ڪندا.


تن ڏينھن ۾ يروشلم ۾ ھڪڙو ماڻھو رھندو ھو جنھن جو نالو شمعون ھو. ھو سچار ۽ نيڪ ماڻھو ھو ۽ ھو بني اسرائيل جي بچاءَ لاءِ منتظر ھو. ان سان پاڪ روح ھوندو ھو،


اوھين منھنجي بادشاھت ۾ مون سان گڏ منھنجي دسترخوان تي کائيندا پيئندا ۽ تخت تي ويھي اوھين بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن جا فيصلا ڪندا.“


تنھنڪري اوھين سجاڳ رھجو ۽ ياد رکجو تہ پورا ٽي سال مون رات ڏينھن ڳوڙھا ڳاڙي ھر ھڪ کي سمجھايو آھي.


مون کي خدا ۾ اھڙي ئي اميد آھي جا خود انھن کي بہ آھي تہ خدا سڀني نيڪن توڙي بدڪارن کي مرڻ کان پوءِ جيئرو ڪري اٿاريندو.


”اي بادشاھہ اگرپا! آءٌ پاڻ کي خوش⁠نصيب ٿو سمجھان جو اڄ اوھان جي اڳيان انھن ڳالھين جي بچاءَ ۾ بيان ڏيڻو اٿم جن جي يھودين مون تي تھمت ھنئي آھي،


ڇالاءِ⁠جو اوھين تہ يھودين جي سڀني ريتن رسمن کان چڱيءَ طرح واقف آھيو. سو منھنجو اوھان کي خاص عرض آھي تہ مھرباني ڪري منھنجو بيان صبر سان ٻڌو.


اھو ئي سبب ھو جو مون اوھان کي پاڻ وٽ گھرايو آھي تہ اوھان سان ملان ۽ ويھي ڳالھہ ٻولھہ ڪريان. مون کي مسيح جي خاطر زنجيرن ۾ ٻڌو اٿن، جنھن تي بني اسرائيل اميد رکن ٿا.“


انھيءَ لاءِ تہ من ڪنھن طرح مئلن منجھان جي اٿڻ جي درجي کي حاصل ڪريان.


اسين رات ڏينھن تمام گھڻي دعا گھرندا ٿا رھون تہ شل وري اوھان جو منھن ڏسون ۽ اوھان جي ايمان ۾ جيڪا گھٽتائي آھي سا پوري ڪريون.


اھا رن⁠زال جيڪا سچ⁠پچ رن⁠زال ۽ بلڪل اڪيلي آھي، سا خدا تي آسرو ٿي رکي ۽ مدد لاءِ رات ڏينھن خدا کي منٿون ڪرڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ مشغول ٿي رھي.


ھي خط يعقوب جي طرفان آھي، جيڪو خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو ٻانھو آھي. آءٌ انھن خدا جي چونڊيل ماڻھن کي، جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ پکڙيل آھن سلام ٿو چوان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ