Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 26:23 - Common Language New Testament

23 اھي ھي تہ مسيح ڏک سھندو ۽ اھو ئي پھريائين مئلن مان جيئرو ٿي اٿندو، تہ جيئن يھودين ۽ غير قومن کي روشنيءَ جي خبر ٻڌائي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 يعني تہ مسيح ضرور ڏک سهندو، ۽ اهوئي پهرين مُئلن مان جي اُٿندو، تہ اُمت کي توڙي غير قومن کي سوجهري جي خبر ٻُڌائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 اهي هي آهن تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ اهو ئي سڀ کان پهريائين مئلن مان جيوت ٿي اٿندو، تہ جيئن يهودين توڙي غير قومن کي روشنيءَ جي سڌ ڏئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 اهي هي آهن تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ اهو ئي سڀ کان پهريائين مئلن مان جيئرو ٿي اٿندو، تہ جيئن يهودين توڙي غير قومن کي روشنيءَ جي خبر ڏئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 26:23
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابن⁠آدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن صحيفي ۾ لکيل آھي. پر حيف آھي اُن تي جيڪو ابن⁠آدم کي پڪڙائيندو. ان ماڻھوءَ لاءِ اھو بھتر ھو تہ ھو دنيا ۾ اصل ڄمي ئي نہ ھا.“


اھي عيسيٰ جي ٻيھر جيئري ٿيڻ کان پوءِ قبرن مان ٻاھر نڪري اچي پاڪ شھر يروشلم ۾ داخل ٿيا ۽ گھڻن ئي ماڻھن کين ڏٺو.


يعني غير قومن لاءِ تنھنجي رستي تي ھلڻ ڪاڻ روشنائي ۽ تنھنجي قوم بني اسرائيل لاءِ وڏائي.“


ڇا مسيح لاءِ اھو ضروري نہ ھو تہ ھو ھيئن ڏک سھي ۽ پوءِ اچي پنھنجو شان وَ شوڪت ماڻي؟“


۽ کين چيائين تہ ”ھيئن لکيل آھي تہ مسيح ڏک سھي ۽ ٽئين ڏينھن تي مئلن مان جيئرو ٿي اٿي،


ڪوبہ ماڻھو مون کان اھا کسي نہ ٿو پر آءٌ اھا پنھنجي مرضيءَ سان ٿو ڏيان. مون کي پنھنجي جان ڏيڻ جي اختياري آھي ۽ اھا وري موٽائي وٺڻ جي بہ اختياري آھي. ھي حڪم مون کي پنھنجي پيءُ وٽان مليو آھي.“


عيسيٰ کيس چيو تہ ”قيامت ۽ زندگي تہ آءٌ آھيان. جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي ٿو سو جيتوڻيڪ مري وڃي تہ بہ زندہ رھندو،


باقي اھا ڳالھہ تہ خدا انھيءَ کي اھڙيءَ طرح مئلن مان وري جيئرو ڪيو جو ھو وري ٻيھر ڪڏھن بہ نہ مرندو، تنھن بابت لکيل آھي تہ ’آءٌ تو کي دائود سان واعدي ڪيل پاڪ ۽ سچيون نعمتون ڏيندس.‘


تو کي انھن جون اکيون کولڻيون آھن. انھن کي اونداھيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آھي. کين شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري خدا ڏانھن موڙڻو آھي، تہ جيئن اھي مون تي ايمان آڻين ۽ گناھن جي معافي ملين ۽ ھو خدا جي پنھنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


پر اوھان سڀني کي اھا ڳالھہ ناممڪن ڇو ٿي لڳي تہ خدا مئلن کي وري جيئرو ڪري اٿاريندو؟


اھڙيءَ طرح خدا جيڪو اڳي سڀني نبين جي معرفت چيو ھو تہ ’سندس مسيح تڪليفون سھندو،‘ سو سچ ثابت ٿيو.


سموئيل کان وٺي جيڪي ⁠بہ نبي آيا، تن مان جن جن بہ اڳڪٿي ڪئي تن سڀني ھنن ڏينھن جو ذڪر ڪيو آھي.


جيڪي مون کي مليو تنھن کي سڀ کان اھم سمجھي اوھان تائين پھچايم، تہ پاڪ لکتن موجب مسيح اسان جي گناھن جي واسطي مئو.


اھي ايمان نہ ٿا آڻين، ڇالاءِ⁠تہ جنھن کي ھن زماني جا ماڻھو خدا ڪري مڃين ٿا ان خدا، يعني شيطان انھن جي عقل کي انڌو ڪري ڇڏيو آھي. ھو نہ ٿو چاھي تہ مسيح جيڪو خدا جي صورت آھي، تنھن جي جلال جي باري ۾ خوشخبريءَ جي روشني انھن تي پوي.


اھو ئي بدن، يعني ڪليسيا جو سر آھي. اھو ئي منڍ آھي ۽ اھو ئي پھريون شخص آھي جيڪو مئلن منجھان جي اٿيو آھي، انھيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالھين ۾ ھن کي اول درجو ھجي.


جنھن جي لاءِ ۽ جنھن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آھن، تنھن خدا لاءِ اھو مناسب ھو تہ جڏھن گھڻن ٻارن کي عظمت ۾ داخل ڪري تڏھن انھن جي ڇوٽڪاري جي اڳواڻ کي ڏکن جي وسيلي ڪامل ڪري.


۽ عيسيٰ مسيح وٽان بہ آھن جيڪو سچو شاھد، جيڪي مئلن مان جيئرا ٿيا تن ۾ پھريتو ۽ دنيا جي بادشاھن تي حڪم ھلائيندڙ آھي. ھو اسان کي پيار ٿو ڪري ۽ ھن پنھنجو رت وھائي اسان کي گناھن کان ڇوٽڪارو ڏنو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ