Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 26:17 - Common Language New Testament

17 آءٌ تو کي تنھنجي قوم ۽ غير قومن کان بچائيندس، جن ڏانھن تو کي موڪليندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ اُمت ۽ غير قومن، جن ڏانهن آئون توکي موڪليان ٿو، تن کان آئون توکي بچائيندو رهندس؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 آءٌ تو کي تنهنجي قوم کان بچائيندس ۽ انهن غير قومن کان بہ، جن ڏانهن آءٌ تو کي موڪليان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 آءٌ تو کي تنهنجي قوم کان بچائيندس ۽ انهن غير قومن کان بہ، جن ڏانهن آءٌ تو کي موڪليان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 26:17
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر يھودين شھر جي معزز ماڻھن ۽ عزت وارين خداترس عورتن کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس کي ڏاڍو ستايو ۽ کين پنھنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون.


تنھنڪري انھن اچي کانئن معافي ورتي ۽ کين چيائون تہ ”اسين اوھان کي جيل مان آزاد ٿا ڪريون، مھرباني ڪري اوھين شھر مان ھليا وڃو.“


پر ڀائرن پولس ۽ سيلاس کي راتوواھہ بيريا ڏانھن روانو ڪري ڇڏيو ۽ جڏھن ھو اتي پھتا تہ يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويا.


جلد ئي ڀائرن پولس کي سمنڊ جي ڪناري ڏانھن روانو ڪري ڇڏيو. پر سيلاس ۽ تيمٿيس ٻئي بيريا ۾ رھي پيا.


ڇالاءِ⁠جو آءٌ تو سان آھيان. سو ڪوبہ ماڻھو حملو ڪري تو کي ايذاءُ نہ رسائيندو. ھن شھر ۾ منھنجا ڪيترائي ماڻھو آھن.“


”اوھين مھرباني ڪري پولس کي يروشلم ۾ گھرايو.“ ڇالاءِ⁠جو ھنن وجھہ پئي ڳوليو تہ پولس کي رستي ۾ ئي ماري کپائي ڇڏين.


پولس آخر ۾ چيو تہ ”اوھان کي خبر ھئڻ گھرجي تہ خدا جو ڇوٽڪاري وارو پيغام غير قومن ڏانھن موڪليو ٿو وڃي ۽ اھي ٻڌندا.“


خداوند ھن کي چيو تہ ”وڃ، ڇاڪاڻ⁠تہ مون ھن کي پنھنجي خدمت واسطي چونڊيو آھي تہ ھو منھنجو نالو غير قومن، سندن بادشاھن ۽ بني اسرائيل اڳيان ظاھر ڪري.


اي غير قومن وارؤ! ھاڻي آءٌ اوھان سان ڳالھائي رھيو آھيان، ڇالاءِ⁠جو آءٌ غير قومن ڏانھن رسول ڪري موڪليو ويو آھيان ۽ آءٌ پنھنجي ھن ڪم ۾ فخر محسوس ٿو ڪريان،


آءٌ عيسيٰ مسيح جو خادم ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاھنن وانگر خدا جي خوشخبريءَ جي تبليغ ڪريان ٿو، انھيءَ لاءِ تہ غير قومون، جن کي پاڪ روح پاڪ ڪيو آھي سي خدا جي آڏو نذراني جي صورت ۾ قبول پون.


يعقوب، پطرس ۽ يوحنا جيڪي ڪليسيا جا ٿنڀا ليکيا ويندا ھئا، تن کي جڏھن معلوم ٿيو تہ مون کي خدمت جي توفيق ڏني ويئي آھي تڏھن انھن برنباس ۽ مون سان ساڄو ھٿ ملائي پاڻ سان شريڪ ڪيو. پوءِ ٺاھہ ٿيو تہ اسين غير يھودين ڏانھن ۽ ھو يھودين ڏانھن وڃن.


انھيءَ مقصد لاءِ ئي آءٌ تبليغ ڪندڙ، رسول ۽ غير قومن کي ايمان ۽ سچائيءَ جي تعليم ڏيندڙ مقرر ٿيس. آءٌ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان.


انھيءَ خوشخبريءَ جو آءٌ منادي ڪندڙ، رسول ۽ استاد مقرر ٿيس.


تون ڄاڻين ٿو تہ ڪيئن مون کي ستايو ويو ۽ ڪھڙيءَ طرح مون ڏک ڏٺا، يعني اھي آزار جيڪي مون انتاخيا، اِڪونيم ۽ لسترا ۾ برداشت ڪيا. پر خدا مون کي انھن سڀني مان ڇڏايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ