Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 26:13 - Common Language New Testament

13 اي بادشاھہ سلامت! ٻنپھرن جو وقت ھو جو رستي ويندي مون آسمان مان ھڪڙي روشني ڏٺي جيڪا سج کان بہ وڌيڪ تجليدار ھئي، سا مون تي ۽ منھنجي ساٿين تي اچي چمڪي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 تڏهن اي بادشاهہ، ٻنپهرن جي وقت واٽ تي ڏٺم تہ آسمان مان هڪڙو سوجهرو، جو سج کان بہ وڌيڪ روشنائيءَ وارو هو، سو مون تي ۽ منهنجي سنگتين تي اچي چمڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 اهو منجھند جو وقت هو، تڏهن، اي راجا اگرپا! رستي ويندي مون آڪاش مان هڪڙي روشني ڏٺي جيڪا سج کان بہ وڌيڪ تجليدار هئي، سا مون تي ۽ منهنجي ساٿين تي اچي چمڪي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اهو منجھند جو وقت هو، تڏهن، اي بادشاهہ اگرپا! رستي ويندي مون آسمان مان هڪڙي روشني ڏٺي جيڪا سج کان بہ وڌيڪ تجليدار هئي، سا مون تي ۽ منهنجي ساٿين تي اچي چمڪي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 26:13
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن ئي ھنن عيسيٰ ڏانھن نھاريو تہ سندس صورت بدلجي پيئي ۽ ھن جو منھن سج وانگر چمڪڻ لڳو. سندس پوشاڪ نوراني ٿي ويئي.


”جڏھن آءٌ سفر ڪندو دمشق کي ويجھو ٿيس تڏھن ٻنپھرن ڌاري اوچتو ئي اوچتو آسمان مان ھڪڙي تجليدار روشني منھنجي چوڌاري چمڪڻ لڳي.


جيڪي ماڻھو مون سان گڏ ھئا تن اھا روشني تہ ڏٺي، پر جنھن مون سان ڳالھايو ٿي، تنھن جو آواز ڪونہ ٻڌائون.


”انھيءَ ڪم لاءِ ھڪڙي دفعي آءٌ سردار ڪاھنن کان اختياريءَ جو پروانو وٺي دمشق ڏانھن پئي ويس.


اسين سڀ زمين تي ڪري پياسين تہ ان وقت مون عبراني ٻوليءَ ۾ ھڪ آواز ٻڌو تہ ’اي شائول! اي شائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟ ڏاند وانگر پنھنجي مالڪ جي لٺ آڏو لت کڻي تون پاڻ کي نقصان ڇو ٿو پھچائين؟‘


واٽ ويندي جڏھن ھو دمشق جي ويجھو پھتو، تڏھن اوچتو آسمان مان ھڪڙي روشني اچي سندس چوڌاري چمڪڻ لڳي.


ھن جي ساڄي ھٿ ۾ ست تارا ھئا ۽ وات مان ھڪڙي ٻہ⁠منھين تلوار ٿي نڪتس ۽ سندس شڪل چمڪندڙ سج جھڙي ھئي.


انھيءَ شھر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ ھئي، ڇالاءِ⁠جو خدا جو جلوو کيس روشن ٿو ڪري ۽ گھيٽو سندس چراغ آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ