Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 24:14 - Common Language New Testament

14 آءٌ قبول ٿو ڪريان تہ پنھنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت انھيءَ طريقي موجب ڪريان ٿو جنھن کي ھي بدعت سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي صحيفن ۾ لکيل سڀني ڳالھين تي ايمان آڻيان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 پر هيترو آئون تنهنجي اڳيان قبول ٿو ڪريان تہ جنهن طريقي کي هي بدعتي ٿا سڏين، اُنهي ۾ آئون پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت ٿو ڪريان؛ ۽ جيڪي ڳالهيون شريعت موجب آهن، ۽ جي نبين جي ڪتابن ۾ لکيل آهن، سي سڀيئي مڃان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 آءٌ اوهان جي اڳيان قبول ٿو ڪريان تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي ايشور جي ڀڳتي يسوع واري رستي تي هلندي ڪريان ٿو، جنهن کي هي ڀَٽڪي وڃڻ سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي نيم شاستر ۽ سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي لکتن ۾ بيان ڪيل سڀني ڳالهين تي وشواس رکان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 آءٌ اوهان جي اڳيان قبول ٿو ڪريان تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت عيسيٰ واري رستي تي هلندي ڪريان ٿو، جنهن کي هي بدعت سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي شريعت ۽ ٻين نبين جي لکتن ۾ بيان ڪيل سڀني ڳالهين تي ايمان رکان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 24:14
44 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”جيڪو مون کي ماڻھن جي اڳيان پڌري پٽ قبوليندو، تنھن کي آءٌ بہ پنھنجي آسمان واري پيءُ جي اڳيان قبول ڪندس.


سڄو توريت ۽ نبين جا صحيفا بہ ھنن ٻن حڪمن تي مدار رکن ٿا.“


جھڙيءَ طرح اوھين چاھيو ٿا تہ ماڻھو اوھان سان سلوڪ ڪن تھڙيءَ طرح اوھين بہ ٻين سان اھڙو ئي سلوڪ ڪريو. اھو ئي موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي تعليم جو نچوڙ آھي.“


جيڪو ھن گھڻو ئي اڳي، پنھنجن پاڪ نبين جي وسيلي عھد ڪيو ھو،


”موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جا صحيفا، يحيٰ جي وقت تائين ڪارآمد ھئا. تنھن وقت کان وٺي خدا جي بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي پئي ٿي ۽ ھر ڪو زور ڪري پيو اندر گھڙي.


تنھن تي ابراھيم وراڻيس تہ ’انھن وٽ موسيٰ ۽ نبي موجود آھن، ڀلي تہ انھن جي ٻڌن.‘


پوءِ عيسيٰ انھن کي موسيٰ جي لکت کان وٺي ٻين سڀني نبين جي لکت تائين، سڀ ڳالھيون سمجھايون تہ انھن ۾ سندس بابت ڇا لکيل آھي.


پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اھي ئي ڳالھيون ھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون ھيون، جڏھن اڃا اوھان سان ھوس، تہ منھنجي بابت جيڪوبہ موسيٰ جي توريت، نبين جي لکتن ۽ زبور ۾ لکيل آھي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“


فلپس نٿن⁠ايل سان مليو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”جنھن بابت موسيٰ توريت ۾ ذڪر ڪيو آھي ۽ ٻين نبين پڻ لکيو آھي، سو اسان کي ملي ويو آھي. اھو يوسف جو پٽ عيسيٰ آھي ۽ ناصرت کان آيو آھي.“


انھيءَ بابت سڀني نبين جي شاھدي آھي تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو، تنھن جا گناھہ سندس نالي جي وسيلي بخشيا ويندا.“


جڏھن اتي توريت ۽ نبين جا صحيفا پڙھيا ويا، تڏھن عبادت⁠خانن جي اڳواڻن ھنن کي سڏائي چيو تہ ”اي ڀائرؤ! جيڪڏھن اوھان کي ڪا نصيحت جي ڳالھہ ماڻھن کي ٻڌائڻي آھي تہ ٻڌايو.“


پر فريسي جن ايمان آندو ھو تن مان ڪي اٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ”غير قومن جو طھر ضرور ٿيڻ کپي ۽ کين تاڪيد ڪيو وڃي تہ ھو موسيٰ جي شريعت تي ھلن.“


انھن ڏينھن ۾ اِفسس ۾ خداوند جي انھيءَ طريقي جي ڪري ڏاڍي گڙٻڙ متل ھئي.


پر جڏھن ڪن ضدي ماڻھن ايمان نہ آندو ۽ خداوند جي انھيءَ طريقي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، تڏھن پولس انھن کي ڇڏي ڏنو ۽ شاگردن کي ساڻ ڪري ترونس جي مدرسي ڏانھن ويو جتي روزانو بحث ڪندو ھو.


پوءِ ھن چيو تہ ’اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا تو کي ھن لاءِ مقرر ڪيو آھي تہ تو کي خبر پوي تہ سندس مرضي ڪھڙي آھي ۽ انھيءَ سچار کي ڏسين ۽ کيس ڳالھائيندي ٻڌين.


پوءِ فِيلِڪس، جيڪو انھيءَ طريقي جو وڌيڪ ڄاڻو ھو، تنھن ڪيس روڪي ڇڏيو ۽ انھن کي چيائين تہ ”جڏھن ڪپتان لوسياس ايندو تڏھن آءٌ اوھان جي ڪيس جو فيصلو ڏيندس.“


ھي ماڻھو ھڪ وڏو خطرناڪ غنڊو نڪتو آھي. دنيا جي سڀني يھودين ۾ ھن فساد مچايو آھي ۽ ناصرين جي ھڪڙي بدعتي فرقي جو اڳواڻ آھي.


پولس پنھنجي بچاءَ ۾ چيو تہ ”مون يھودين جي شريعت جو، ھيڪل جو يا قيصر جو ڪوبہ ڏوھہ ڪونہ ڪيو آھي.“


پر اڄ تائين خدا جي مدد مون ساڻ آھي، سو آءٌ پنھنجيءَ ڳالھہ تي قائم آھيان ۽ ھر غريب توڙي امير جي اڳيان ھڪ جھڙي شاھدي ٿو ڏيان. آءٌ رڳو اھي ڳالھيون ٿو ٻڌايان، جن بابت موسيٰ ۽ ٻيا نبي چئي ويا آھن تہ اھي ضرور ٿينديون.


اي اگرپا بادشاھہ! ڇا اوھين نبين کي مڃو ٿا؟ ھائو، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوھين مڃيندا آھيو.“


سڀيئي يھودي ڄاڻين ٿا تہ ننڍپڻ کان وٺي مون پنھنجي حياتي پنھنجي ملڪ ۽ يروشلم شھر ۾ ڪيئن گذاري آھي.


سو ھاڻي مون کي انھيءَ اميد رکڻ جي ڪري ھتي ڪورٽ ۾ آڻي بيھاريو اٿن، تہ جيڪو واعدو خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو ھو سو پورو ٿيندو.


پر اسين تنھنجا خيال ٻڌڻ گھرون ٿا، ڇالاءِ⁠جو اسان کي خبر آھي تہ جنھن فرقي سان تون واسطو رکين ٿو، تنھن فرقي جي جتي ڪٿي مخالفت ھلي ٿي.“


سو انھن پولس سان تاريخ مقرر ڪئي ۽ انھن جو وڏو تعداد انھيءَ جاءِ تي آيو، جتي پولس ٽڪيل ھو. صبح کان شام تائين ھو کين سمجھائيندو ۽ خدا جي بادشاھت بابت پنھنجو پيغام ٻڌائيندو رھيو. ھن عيسيٰ بابت کين قائل ڪرڻ لاءِ موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي صحيفن مان مثال ٻڌايا.


ابراھيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا ۽ اسان جي وڏن جي خدا پنھنجي ٻانھي عيسيٰ کي جلال بخشيو، پر اوھان ھن کي پڪڙايو ۽ کيس پلاطس جي درٻار ۾ رد ڪيو، جيتوڻيڪ پلاطس ھن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو ھو.


توڙي جو اوھان عيسيٰ کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻي ماري ڇڏيو ھو، تڏھن بہ اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا کيس وري جيئرو ڪيو.


’آءٌ تنھنجي ابن ڏاڏن جو خدا، ابراھيم، اسحاق ۽ يعقوب جو خدا آھيان.‘ موسيٰ ڏڪي ويو ۽ ان کي ڏسڻ جي ھمت نہ ٿيس.


۽ چيائينس تہ ”مون کي دمشق جي يھودي عبادت⁠خانن لاءِ ڪي اھڙي مضمون جا خط لکي ڏيو تہ جن بہ مردن توڙي عورتن کي انھيءَ طريقي تي ڏسان تہ کين گرفتار ڪري يروشلم ۾ وٺي اچان.“


خدا، جنھن جي فرزند جي خوشخبري ٻڌائڻ ۾ آءٌ پنھنجي دل⁠وجان سان سندس خدمت ٿو ڪريان، سو منھنجو شاھد آھي تہ آءٌ اوھان کي ھردم پنھنجي دعائن ۾ ياد ڪريان ٿو،


ھاڻي اھو ظاھر ٿي چڪو آھي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ڪري ٿو. شريعت جو ان سان ڪوبہ واسطو نہ آھي. انھيءَ ڳالھہ جي شاھدي شريعت ۽ نبي ڏين ٿا.


اوھان جي وچ ۾ تفرقا ضرور ھوندا تہ جيئن اھو صاف ظاھر ٿئي تہ اوھان مان ڪير سچا آھن.


بت⁠پرستي، جادوگري، دشمني ۽ جھيڙو جھڳڙو، حسد، ڪاوڙ، مفادپرستي، جدايون ۽ ڌڙابندي،


جنھن خدا جي عبادت منھنجي ابن ڏاڏن ڪئي، آءٌ بہ انھيءَ جي عبادت صاف⁠دليءَ سان ڪندي ۽ پنھنجين دعائن ۾ رات ڏينھن سدائين تو کي ياد ڪندي خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان.


تفرقا پيدا ڪندڙ ماڻھوءَ کي پھريون ۽ پوءِ ٻيو دفعو بہ نصيحت ڪر، تنھن کان پوءِ ساڻس ڪوبہ تعلق نہ رک.


اھي کوجنا ۾ ھئا تہ مسيح جو روح، جيڪو منجھن ھو تنھن ڪھڙي وقت ۽ حالتن ڏانھن اشارو ڪري اڳڪٿي ٿي ڪئي تہ مسيح ڏک سھندو ۽ پوءِ جلال حاصل ڪندو.


آءٌ کيس سجدو ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر ھُن مون کي چيو تہ ”ڏس، متان ائين ڪرين، آءٌ تہ تو سان ۽ تنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آھيان ۽ اسين سڀ عيسيٰ جي شاھديءَ تي قائم آھيون. رڳو خدا کي ئي سجدو ڪر، ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ جي شاھدي ئي نبوت جو روح آھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ