Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 23:9 - Common Language New Testament

9 گوڙ وڌندو ويو، تان جو ڪي شريعت جا عالم جيڪي فريسين جي پارٽيءَ مان ھئا، سي اٿي بيٺا ۽ سختيءَ سان اعتراض ڪرڻ لڳا تہ ”اسين ھن شخص ۾ ڪوبہ ڏوھہ نہ ٿا ڏسون. جيڪڏھن ڪنھن روح يا ڪنھن ملائڪ ساڻس ڳالھايو ھوندو تہ پوءِ ڇا ٿيو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 پوءِ تہ ڏاڍو گوڙ اچي متو، ۽ فريسين جي طرف جا ڪي عالم اُٿي بيٺا، ۽ جهيڙو ڪري چوڻ لڳا تہ اسين هن ماڻهوءَ ۾ ڪابہ خرابي ڪانہ ٿا ڏسون: ۽ جي ڪنهن روح يا ملائڪ ساڻس ڳالهايو هوندو تہ پوءِ ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 سو گوڙ وڌندو ويو، تان جو ڪي نيم شاستري جيڪي فريسين مان هئا، سي اُٿي بيٺا ۽ سختيءَ سان اعتراض ڪرڻ لڳا تہ ”اسين هن شخص ۾ ڪوبہ ڏوهہ نہ ٿا ڏسون. جيڪڏهن ڪنهن آتما يا ڪنهن دوت ساڻس ڳالهايو هوندو تہ پوءِ ڇا ٿيو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 سو گوڙ وڌندو ويو، تان جو ڪي شريعت جا عالم جيڪي فريسين مان هئا، سي اُٿي بيٺا ۽ سختيءَ سان اعتراض ڪرڻ لڳا تہ ”اسين هن شخص ۾ ڪوبہ ڏوهہ نہ ٿا ڏسون. جيڪڏهن ڪنهن روح يا ڪنهن ملائڪ ساڻس ڳالهايو هوندو تہ پوءِ ڇا ٿيو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 23:9
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪن شريعت جي عالم فريسين جڏھن ڏٺو تہ عيسيٰ محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ٿو کائي، تڏھن انھن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”ھو محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي؟“


پلاطس ٽيون دفعو پڇين تہ ”ڇو؟ ھن ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آھي؟ آءٌ ھن کي موت جي سزا ڏيڻ لاءِ ڪوبہ سبب نہ ٿو ڏسان، تنھنڪري آءٌ کيس چھبڪ ھڻائي ڇڏي ٿو ڏيان.“


تنھن تي پلاطس سردار ڪاھنن ۽ ماڻھن کي چيو تہ ”ھي مون کي ڪنھن بہ طرح ڏوھي ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“


ڪن فريسين ۽ سندن شريعت جي عالمن عيسيٰ جي شاگردن تي ڪُرڪي کين چيو تہ ”ڇو اوھين محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ کائو پيئو ٿا؟“


تڏھن جيڪي ماڻھو اتي بيٺا ھئا، تن مان ڪن اھو ٻڌي چيو تہ ”اُڀ گجيو،“ ۽ ٻين وري چيو تہ ”ڪنھن ملائڪ ساڻس ڳالھايو آھي.“


اھو صاف آھي تہ خدا ساڳي بخشش غير قومن کي بہ عطا ڪئي آھي، جيڪا ھن اسان کي عطا ڪئي ھئي جڏھن اسان خداوند عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو ھو. پوءِ آءٌ ڪير ھئس جو خدا کي روڪي سگھان ھا؟“


”جڏھن آءٌ سفر ڪندو دمشق کي ويجھو ٿيس تڏھن ٻنپھرن ڌاري اوچتو ئي اوچتو آسمان مان ھڪڙي تجليدار روشني منھنجي چوڌاري چمڪڻ لڳي.


آءٌ انھيءَ دم زمين تي ڪري پيس ۽ ھڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيم تہ ’اي شائول! اي شائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟‘


پوءِ مون کي خبر پيئي تہ يھودين پنھنجي شريعت جي ئي ڳالھين ڪري ھن تي تھمت ھنئي آھي. پر ھن تي ڪو اھڙو الزام نہ ھنيو اٿن جو کيس موت يا قيد جي سزا ڏجي.


ڇالاءِ⁠جو صدوقي نہ ملائڪن کي ٿا مڃين، نڪي روحن کي ۽ نہ ئي وري جيئري ٿيڻ کي. پر فريسي اھي سڀ ڳالھيون مڃين ٿا.


پر مون کي خبر پيئي تہ ھن شخص اھڙو ڪوبہ ڏوھہ نہ ڪيو آھي جو کيس موت جي سزا ڏجي. ھن پاڻ شھنشاھہ وٽ اپيل ڪئي، جنھن ڪري مون فيصلو ڪيو تہ کيس اوڏانھن موڪليان.


۽ ٻاھر نڪرندي ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”ھن ماڻھوءَ تہ اھڙو ڪوبہ ڏوھہ نہ ڪيو آھي جو کيس موت يا جيل جي سزا ڏني وڃي.“


ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن خدا جو آءٌ ٻانھو آھيان ۽ جنھن جي آءٌ عبادت ٿو ڪريان، تنھن جو ملائڪ رات منھنجي ڀرسان اچي بيٺو


پر جيڪڏھن اھو خدا جي طرفان آھي تہ پوءِ اوھين انھن کي روڪي ڪين سگھندا، پر اٽلندو اوھين خدا جو مقابلو ڪندا.“ ڪائونسل گملي⁠ايل جي صلاح تي عمل ڪيو.


ھو زمين تي ڪري پيو ۽ ھڪڙو آواز ٻڌائين تہ ”اي شائول! اي شائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟“


ڇا اسين خداوند کي ساڙ ٿا ڏياريون؟ ڇا اسين ھن کان وڌيڪ زورآور آھيون؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ